عبدالرشيد گوڏيل جي وڏي عمر ۽ جلد و مڪمل صحتيابي جي لاءِ سڄي ملڪ ۾ دعائيه اجتماع منعقد ڪيا ويا. مرڪزي اجتماع لال قلعه گرائونڊ عزيز آباد ۾ ٿيو.
ڪراچي: 20 آگسٽ 2015
متحده قومي موومينٽ جي زيراهتمام عبدالرشيد گوڏيل جي وڏي عمر ۽ جلد و مڪمل صحتيابي جي لاءِ سڄي ملڪ ۾ دعائيه اجتماع منعقد ڪيا ويا. جڏهن ته مرڪزي اجتماع لال قلعه گرائونڊ عزيز آباد ۾ ٿيو. اجتماعن ۾ رشيد گوڏيل جي صحت يابي ۽ سلامتي جي لاءِ يا سلام جو ورد ڪيو ويو ۽ رابطا ڪميٽي ميمبر عبدالحسيب رشيد گوڏيل جي جلد و مڪمل صحتيابي جي لاءِ دعا به ڪرائي. دعائيه اجتماع ۾ رابطا ڪميٽي جي ڊپٽي ڪنوينرن ڪهف الورٰي ۽ شاهد پاشا، رابطا ڪميٽي ميمبرن، سينيٽ ۽ اسيمبلين جي سابق ميمبرن ۽ ٻين کان علاوه ڪارڪنن وڏي تعداد ۾ شرڪت ڪئي. ان کان پوءِ صحافين سان ڳالهائيندي شبير احمد قائم خاني چيو ته شهر ۾ جاري آپريشن جي باوجود هڪ سابق ميمبر پارليامينٽ تي حملو شهر جي امن و امان جي صورتحال تي هڪ سواليه نشان آهي، انهن چيو ته ايم ڪيو ايم حڪومت کان مطالبو ڪري ٿي ته دهشت گردي جي واقعي ۾ ملوث دهشت گردن کي فوري طور تي گرفتار ڪيو وڃي. انهن چيو ته عوام جنازن کي ڪلها ڏيئي ڪري ڪري ٿڪجي چڪا آهن ۽ اسان هر فورم تي پنهنجي آواز بلند ڪئي آهي پر اسان جي ڪٿي به نه ٿي ٻڌي وڃي.
*****