Altaf Hussain  English News  Urdu News  Sindhi News  Photo Gallery
International Media Inquiries
+44 20 3371 1290
+1 909 273 6068
[email protected]
 
 Events  Blogs  Fikri Nishist  Study Circle  Songs  Videos Gallery
 Manifesto 2013  Philosophy  Poetry  Online Units  Media Corner  RAIDS/ARRESTS
 About MQM  Social Media  Pakistan Maps  Education  Links  Poll
 Web TV  Feedback  KKF  Contact Us        

ايم ڪيو ايم جناب الطاف حسين جي سڌي ريت خطابن تي پيمرا جي طرفان پابندي هڻڻ جي خلاف 21 آگسٽ بروز جمعي تي منجهند 3 وڳي احتجاجي مظاهري جو اعلان ڪري ڇڏيو.


ايم ڪيو ايم جناب الطاف حسين جي سڌي ريت خطابن تي پيمرا جي طرفان پابندي هڻڻ جي خلاف 21 آگسٽ بروز جمعي تي منجهند 3 وڳي احتجاجي مظاهري جو اعلان ڪري ڇڏيو.
 Posted on: 8/20/2015
ايم ڪيو ايم جناب الطاف حسين جي سڌي ريت خطابن تي پيمرا جي طرفان پابندي هڻڻ جي خلاف 21 آگسٽ بروز جمعي تي منجهند 3 وڳي احتجاجي مظاهري جو اعلان ڪري ڇڏيو.
وزير اعظم ميان نواز شريف جي ڪراچي دوري تي افسوس ٿيو جو اهي اسان جا مسئلا ٻڌڻ ۽ نڪتن جو جواب ڏيڻ کان سواءِ ئي واپس هليا ويا. ڊاڪٽر فاروق ستار.
خورشيد بيگم سيڪريٽريٽ ۾ رابطا ڪميٽي سان گڏجي پريس ڪانفرنس.
ڪراچي: 20 آگسٽ 2015 
             متحده قومي موومينٽ جي رهنما ڊاڪٽر فاروق ستار پيمرا جي طرفان جناب الطاف حسين جي سڌي ريت خطابن تي غير قانوني پابندي جي خلاف 21 آگسٽ بروز جمعي تي منجهند 3 وڳي ڪراچي پريس ڪلب جي ٻاهران زبردست احتجاجي مظاهري جو اعلان ڪيو آهي. انهن چيو ته پيمرا جي طرفان جناب الطاف حسين جي خطابن تي سڌي ريت پابندي هڻڻ  کان پوءِ هاڻي انهن جي ريڪارڊ ڪيل پروگرام کي ٽي وي چينل تي نشر نه ڪرڻ جي معاملي کي عدالت ۾ چينلج ڪرڻ پيا وڃون. پيمرا جي نوٽيفيڪيشن ۾ ڪٿي به قائد تحريڪ جناب الطاف حسين جو نالو نه آهي ۽ ان نوٽيفيڪيشن ۾ ڪٿي به جناب الطاف حسين جي لائيو خطابن ۽ تقريرن تي پابندي لڳائڻ جو ڪوئي به حڪم نه آهي.انهن وزير اعظم ميان نواز شريف جي ڪراچي دوري تي افسوس جو اظهار ڪندي چيو ته اسان جي مسئلن ۽ نڪتن جو جواب ڏيڻ کان سواءِ ئي اهي هليا ويا آهن. انهن خيالن جو اظهار انهن خورشيد بيگم سيڪريٽريٽ ۾ رابطا ڪميٽي جي ڊپٽي ڪنوينرن ڪهف الورٰي، شاهد پاشا، رابطا ڪميٽي ميمبرن عبدالحسيب، اسلم خان آفريدي، شبير احمد قائمخاني، ڪمال ملڪ، محمد حسين،عارف خان، زرين مجيد، ريحانه نسرين ۽ عبدالقادر خانزاده سان گڏجي پريس ڪانفرنس ڪندي ڪيو.ڊاڪٽر فاروق ستار چيو ته ايم ڪيو ايم آئين جا بنيادي نڪتا ايوان ۽ ايوان کان ٻاهر لڳاتار اٿاريا پر افسوس جو وزير اعظم صاحب ڪراچي دوري ۾ اسان جا مسئلا ٻڌڻ ۽ اسان جي سوالن جا جواب ڏيڻ کان سواءِ ئي واپس هليا ويا. انهن چيو ته سياسي ۽ جمهوري عمل انهي وقت مضبوط ٿئي ٿو جو جڏهن صحيح معنٰي ۾ آئين جي بالادستي کي ملڪ ۾ قائم ڪيو وڃي ، پر جيڪڏهن آئين جي خلاف ورزي آئين ۽ قانون جا محافظ ئي ڪن ۽ قانون جي حڪمراني ۽ قانون جي عملداري کي قائم ڪرڻ ۾ رياست جا ادارا ئي آئين جي خلاف ورزي ڪن ته پوءِ اسان کي ٻڌايو وڃي ته انصاف جا طلبگار ڪيڏانهن وڃن ۽ اهي ڪنهن جو دروازو کڙڪائين. انهن چيو ته متحده قومي موومينٽ پاڪستان جي آئين ۽ قانون جي تحت رجسٽرڊ جماعت آهي، سپريم ڪورٽ ۾ ايم ڪيو ايم تي پابندي لڳائڻ جو حڪومت جي طرفان ڪوئي به مقدمو دائر نه آهي، ايم ڪيو ايم 1987 کان لڳاتار اليڪشنن ۾ حصو وٺي رهي آهي ۽ سنڌ جي شهري علائقن خصوصن ڪراچي جي 85 سيڪڙي جو مينڊيٽ ايم ڪيو ايم وٽ آهي. انهن چيو ته جناب الطاف حسين جي سڌي ريت خطابن تي پهرين ئي غير آئيني پابندي هئي پر اهو هو ته انهن جا جيڪي انٽرويو ريڪارڊ ڪرائي هلايا ويندا هئا، چينلن کي انهن تي چوٽ ڏني وئي هئي. جڏهن ته پيمرا جي نوٽيفيڪيشن ۾ ڪٿي به قائد تحريڪ جناب الطاف حسين جو نالو نه آهي. ان جي باوجود به پابندي هڻڻ سمجھ کان ٻاهر آهي اسان ان معاملي کي ڪورٽ ۾ چيلنج ڪري رهيا آهيون. انهن چيو ته جيئو جي صحافي سليم صافي جناب الطاف حسين جو انٽرويو ڪيو، جنهن تي پيميرا مڪمل طور تي پابندي هڻي ڇڏي پر جڏهن ته ان انٽرويو ۾ ڪابه اهڙي ڳالھ نه هئي جيڪا نشر نه پئي ڪري سگهجي. انهن چيو ته آئين جو آرٽيڪل 19 چئي رهيو آهي ته جيڪڏهن ڪنهن تقرير ۾ ڪائي اهڙي ڳالھ آهي ته اوهان وٽ اختيار آهي ته ان جا 
اهي حصا ڪٽي ڇڏيو پر پوري انٽرويو کي ڪٽي ڇڏڻ قابل مذمت ۽ غير قانوني آهي. جڏهن ته جناب الطاف حسين جي لکين چاهڻ وارا اهو انٽرويو ٻڌڻ جي لاءِ بي تاب هئا۽ انهن کي سخت مايوسي ٿي. انهن چيو ته چوڌري نثار چون ٿا ته ڪوئي به مائنس ون فارمولو نه آهي پر جناب الطاف حسين جي تقريرن تي پابندي ان ڳالھ جي دليل آهي ته اهو مائنس ون فارمولو ئي آهي، جڏهن ته ايم ڪيو ايم کي ورهائڻ ۽ گروپ بڻائڻ ۾ ڪاميابي نه ملي ته  هاڻي زبرستي غير آئيني طور تي جناب الطاف حسين جي خطابن کي روڪي مائنس ون جي فارمولي تي عمل ڪيو پيو وڃي.انهن چيو ته اهو ايم ڪيو ايم کي نه پر عوام کي ڀت سان لڳايو پيو وڃي. انهن چيو ته نواز شريف اڄ ڪراچي آيا ۽ انهن اسان کي وڌيڪ ڪارڪنن جي گرفتاري جو تحفو ڏنو آهي ۽ اڳ ۾ ئي اسان جا 160 ڪارڪن لاپتا آهن ۽ انهن کي ڪنهن به عدالت ۾ پيش نه ڪيو ويو آهي. انهن چيو ته نواز شريف جي دوري ۽ ڳالھ ٻولھ سان اسان کي سخت مايوسي ٿي آهي، اسان کي ملاقات نه ڪرڻ جي شڪايت نه آهي، اسان جو مسئلو پاڪستان جي آئين جي نفي آهي پر جيڪڏهن اها نفي نواز شريف جي نڪ جي هيٺان ٿئي ته نواز شريف کي ان کان آگاھ هجڻ گهرجي. انهن چيو ته جناب الطاف حسين ۽ ايم ڪيو ايم آپريشن جي خلاف نه آهن ، اهو آپريشن ايم ڪيو ايم جي مرضي تي ئي شروع ٿيو هو پر اڄ جيڪڏهن ايم ڪيو ايم آپريشن جي شفافيت تي ڪائي آواز اٿاري رهي آهي ته اها جائز اٿاري رهي آهي. انهن چيو ته وزير اعظم نواز شريف اڄ پنهنجي تقرير ۾ ويڙهاڪ ٽولن جي خلاف آپريشن جو اشارو ڏنو ته اسان جو سوال اهو آهي ته ٻن سالن تائين اهي انتظار ڇو ڪندا رهيا، ويڙهاڪ ٽولا ته لياري ۾ آهن، جتي رينجر ۽ پوليس وڃي ٿي ته انهن تي فائرنگ ٿئي ٿي، اتي ڇاپن جو جواب گولي سان ملي ٿو، عام شهرين جا ڪنڌ ڪٽيا وڃن ٿا، لياري جا ماڻهو پاڻ ته بلڪل سادڙا آهن پر اهي  ويڙهاڪ ٽولن جي هٿان يرغمال بڻيل آهن.ايم ڪيو ايم جي مضبوط حلقن ۾ 4000 هزار کان وڌيڪ ڪارڪنن کي گرفتار ڪيو ويو آهي، ڇاپا هنيا ويا پر ڪٿي به ايم ڪيو ايم جي ڪنهن ڪارڪن جي طرفان ڪا گولي نه هلي ته پوءِ اسان کي ٻڌايو وڃي ته ويڙهاڪ ٽولا ڪٿي آهن. ڊاڪٽر فاروق ستار جناب الطاف حسين جي خطابن تي پابندي تي پيمرا جي خلاف 21 آگسٽ بروز جمعي تي ڪراچي پريس ڪلب تي هڪ وڏي ۽ زبردست مظاهري جو اعلان ڪيو آهي ۽ عوام کي اپيل ڪئي آهي ته اهي ان مظاهري ۾ ڀرپور تعداد ۾ شرڪت ڪن. 
*****

6/30/2024 5:46:16 AM