شاھ فيصل ڪالوني، ڪورنگي ۽ محمود آباد ۾ ڇاپا هڻي ڪري ايم ڪيو ايم جي 9 ذميوارن ۽ ڪارڪنن کي گرفتار ڪيو ويو آهي.
ڪراچي: 20 آگسٽ 2015
پوليس، رينجر ۽ ساده لباس ۾ ملبوس اهلڪارن شاھ فيصل ڪالوني، ڪورنگي ۽ محمود آباد جي علائقن ۾ ڇاپا هڻي ڪري بغير ڪنهن وارنٽ جي ايم ڪيو ايم جي 9 ذميوارن ۽ ڪارڪنن کي گرفتار ڪري اڻ ڄاتل هنڌ تي منتقل ڪري ڇڏيو آهي. تفصيلات جي مطابق سرڪاري اهلڪارن ايم ڪيو ايم شاھ فيصل سيڪٽر يونٽ 108 جي ڪارڪنن اعجاز۽ راڻا مقصود يونٽ 107 جي ڪارڪنن ڪمال ۽ ارشد نويد، يونٽ 106 جي ڪارڪن الطاف حيدر، يونٽ 105 جي ڪارڪنن نديم ۽ ذيشان کي گرفتار ڪري ورتو آهي. سرڪاري اهلڪارن ڪورنگي جي علائقي ۾ به ڇاپو هڻي ڪري ايم ڪيو ايم ڪورنگي يونٽ 75 جي ايريا انچارج عمران ۽ يونٽ 70 جي ڪارڪن قاسم کي گرفتار ڪري ورتو. اهڙي طرح پوليس ۽ ساده لباس ۾ ملبوس اهلڪارن ايم ڪيو ايم محمود آباد سيڪٽر يوسي 2 جي ڪارڪن عاطف فضل کي گرفتار ڪري ورتو ۽ انهن کي سخت تشدد جو نشانو بڻائيندي پاڻ سان گڏ وٺي ويا. رابطا ڪميٽي چيو ته گرفتار ڪيل ڪارڪنن جي گهر وارا سخت ڳڻتي ۾ مبتلا آهن ۽ هن مهل تائين گرفتار ڪيل ذميوارن ۽ ڪارڪنن جي حوالي سان اها ڄاڻ به نه ملي رهي آهي ته انهن کي ڪٿي رکيو ويو آهي.
*****