پيمرا جناب الطاف حسين جي خطابن ۽ انٽرويو تي پابندي عائد ڪري اظهار خيال جي آزادي جو ماورائي عدالت قتل ڪيو آهي. ڊاڪٽر فاروق ستار.
اسان جي مٿن تي جناب الطاف حسين جو هٿ آهي ۽ اسان پيمرا کي نه ٿا مڃون. ڊپٽي ڪنوينر شاهد پاشا.
پيمرا ڇا سموريون باطل قوتون به گڏجي وڃن ته حق جي آواز کي دٻائي نه ٿيون سگهن. عبدالحسيب.
ڪراچي پريس ڪلب تي مظاهري کي خطاب.
ڪراچي: 21 آگسٽ 2015
ايم ڪيو ايم رهنما ڊاڪٽر فاروق ستار چيو آهي ته قائد تحريڪ جناب الطاف حسين جي سڌي ريت خطابن تي پابندي ۽ ريڪارڊ ڪيل انٽرويوز کي روڪي ڪري پيمرا اظهار خيال جي آزادي جو ماورائي عدالت قتل ڪري ڇڏيو آهي. اظهار رائي جي آزادي تي پابندي آئين جي آرٽيڪل 19 جي بلڪل خلاف ورزي آهي. انهن چيو ته پاڪستان جي آزادي جي مهيني آگسٽ ۾ جناب الطاف حسين جي ريڪارڊ ٿيل انٽرويو تي پابندي لڳائي وئي جنهن ۾ ڪابه اهڙي ڳالھ نه هئي جيڪا فوج ۽ رينجر جي باري ۾ هجي. انهن چيو ته پاڪستان ۾ پنج سو موروثي سياست ڪرڻ وارن خاندانن جمهوريت جي نالي تي بدترين آمريت نافذ ڪري ڇڏي آهي ۽ ڪراچي جو منظر نامو ڏٺو وڃي ته انساني حقن جي بي انتها پامالي ڪئي پئي وڃي ۽ سنگين خلاف ورزي ڪئي پئي وڃي ۽ پنهنجي مرضي جو آئين ڪراچي وارن جي لاءِ نافذ ڪيو پيو وڃي.انهن خيالن جو اظهار انهن ڪراچي پريس ڪلب جي ٻاهران پيمرا جي خلاف احتجاجي مظاهري کي خطاب ڪندي ڪيو. ان موقعي تي رابطا ڪميٽي ميمبر ۽ ٻين کان علاوه ڪارڪن هزارن جي تعداد ۾ موجود هئا. مظاهري کي خطاب ڪندي ڊاڪٽر فاروق ستار چيو ته جناب الطاف حسين جي خطابن تي غير اعلانيه ۽ غير آئيني پابندي عائد ڪئي وئي آهي ۽ احسان فراموشي جو تاريخي مظاهرو ڪيو ويو آهي. انهن چيو ته اسان احسان فراموشن کي اهو ٻڌائڻ چاهيون ٿا ته اسان جي ابن ڏاڏن جي قربانين جو ثمر ته سڀئي کائي رهيا آهن، اهي صبح جو سمهي ڪري اٿيا ته انهن کي وطن ٺهيل ٺکيل مليو.انهن چيو ته اڄ جيڪڏهن پاڪستان کي سمورن بحرانن مان ڪڍي سگهي ٿو ته اهڙو قائد ئي ڪڍي سگهي ٿو جنهن پنهنجي سياست ۽ جدوجهد جو آغاز 120 گزن جي گهر ۽ هنڊا ففٽي موٽر سائيڪل کان ڪيو هجي. انهن چيو ته پاڪستان ۾ پنج سو موروثي سياست ڪرڻ وارن خاندانن جمهوريت جي نالي تي بدترين آمريت نافذ ڪري ڇڏي آهي ۽ پنهنجي مرضي جو آئين ڪراچي وارن جي لاءِ قائم ڪري ڇڏيو آهي ۽ آئين جي سمورين شقن جي بي توقيري ڪئي پئي وڃي. انهن چيو ته اسان جناب الطاف حسين کي ٻڌڻ چاهيون ٿا پاڪستان جو آئين اسان کي ان ڳالھ جي اجازت ڏيئي ٿو ۽ ڪوئي به قانون اها پابندي لڳائي نه ٿو سگهي. ڪنهن به عدالت مان اهو فيصلو نه ورتو ويو آهي. انهن چيو ته هڪ طرف ته اسان جو جسماني قتل عام ۽ معاشي قتل عام ڪيو پيو وڃي ته ٻئي طرف اظهار رائي جي آزادي جو به قتل عام ڪيو پيو وڃي. انهن چيو ته ان کان سٺو اهو هو ته هتي سمري ٽرائل ڪري وٺجن، عدالتن کي فارغ ڪيو وڃي ۽ اهو ڪم به ڪنهن ٻئي کي ڏنو وڃي. عدالتون به سوموٽو ايڪشن نه ٿيون وٺن ۽ اهي به مصلحت پسندي جو شڪار آهن، اسان انصاف جي لاءِ هر رياستي اداري جو دروازو کڙڪايو آهي پر ڪٿي به اسان کي انصاف نه مليو آهي. انهن چيو ته سابق صدر پرويز مشرف جي زماني ۾ جهڙي به جمهوريت هئي پر ان زماني ۾ ڪنهن جي ڳالھائڻ ۽ ٻڌڻ تي ڪابه پابندي نه هئي. پر ان دور کي آمريت چيو وڃي ٿو، انهن چيو ته جيڪڏهن اهو آمريت جو دور هو ته هي ڪهڙو دور آهي؟ انهن وڌيڪ چيو ته اسان ڪراچي آپريشن جي مخالفت نه پر ڪراچي آپريشن جو قبلو درست ڪرڻ جو مطالبو ڪيو آهي. انهن چيو ته جيڪڏهن مرد جا ٻچا آهيو ته ڪلي ڪري سامهون اچو ۽ اهو مڃو ته اسان ايم ڪيو ايم ورهائڻ ۾ ناڪام ٿي چڪا آهيون. ٽي وي ٽاڪ شوز ۾ چيو پيو وڃي ته اسلام آباد ۾ نئين ايم ڪيو ايم بڻجي رهي آهي ۽ مائنس الطاف حسين فارمولي کي طاقت جي زور تي مسلط ڪرڻ ۾ ناڪامي ٿي ته پوءِ پاڻ کي خوش ڪرڻ جي لاءِ جناب الطاف حسين جي خطابن تي پابندي هنئي وئي آهي. ان موقعي تي رابطا ڪميٽي جي ڊپٽي ڪنوينر شاهد پاشا خطاب ڪندي چيو ته پيمرا جانبداري جو مظاهرو ڪري سليم صافي جيڪو جناب الطاف حسين جو انٽرويو ورتو هو ان تي پابندي هڻي ڇڏي، انهن چيو ته اسان پيمرا کي نه ٿا مڃون ڇو ته اسان جي مٿن تي جناب الطاف حسين جو هٿ آهي. انهن چيو ته ايم ڪيو ايم مخالف عناصر اهو ڇڱي نموني ڄاڻين ٿا ته جناب الطاف حسين جيستائين موجود آهن ايم ڪيو ايم کي ختم ڪري نه ٿو سگهجي. انهن رشيد گوڏيل تي قاتلانه حملي تي عيادت ڪرڻ ۽ افسوس جو اظهار ڪرڻ تي مختلف سياسي ۽ سماجي رهنمائن جو شڪريو به ادا ڪيو. ان موقعي تي رابطا ڪميٽي ميمبر عبدالحسيب چيو ته پيمرا حق جي آواز کي دٻائڻ چاهي ٿو پر پيمرا سميت سموريون باطل قوتون به گڏجي ڪري حق جي آواز کي دٻائي نه ٿيون سگهن. ان موقعي تي رابطا ڪمٽي ميمبر گلفراز خان خٽڪ مظاهري کي خطاب ڪندي چيو ته هڪ جمهوري ۽ مهذب ملڪ ۾ ان پابندي جو ڪوئي به تصور نه ٿو ڪري سگهي.پر پاڪستان ۾ نام نهاد جموريت جي آڙ ۾ اهو سڀ ڪجھ ٿي رهيو آهي. مظاهري کي فوزيه حميد، هير سوهو ۽ يوسف شاهواڻي به خطاب ڪيو.
*****