فيڊرل بي ايريا، ڪورنگي ۽ پاڪ ڪالوني ۾ رينجر ۽ پوليس ايم ڪيو ايم جي 8 ذميوارن ۽ ڪارڪنن کي گرفتار ڪري ورتو آهي.ايم ڪيو ايم رابطا ڪميٽي.
ڪراچي: 21 آگسٽ 2015
ايم ڪيو ايم جي بي گناھ ڪارڪنن جون غير قانوني گرفتاريون لڳاتار جاري آهن ۽ گذريل رات کان اڄ منجهند تائين رينجر ۽ پوليس وارن ڪراچي جي مختلف علائقن ۾ غير قانوني ڇاپا هڻي ڪري ايم ڪيو ايم لٽريچر ڪميٽي جي انچارج سميت 8 ذميوارن ۽ ڪارڪنن کي گرفتار ڪري ورتو آهي. گرفتار ٿيلن ۾ 4 سڳا ڀائر به شامل آهن. تفصيلات جي مطابق ايم ڪيو ايم لٽريچر ڪميٽي جو انچارج فيڊرل بي ايريا بلاڪ 16 جي مسجد غفران مان جمعي جي نماز پڙهي ڪري ٻاهر نڪري رهيو هو ته رينجر اهلڪارن انهن کي گرفتار ڪري ورتو. اهڙي طرح رينجر جي اهلڪارن پاڪ ڪالوني جي مختلف علائقن ۾ به گهرن تي ڇاپا هڻي ڪري يونٽ 186 جي ڪارڪنن محمد شاهد، محمد عمران، افضل ڀٽي، رياض ڪليم، جواد ڪليم ۽ ڪورنگي ۾ پوليس جي اهلڪارن ايم ڪيو ايم يونٽ 76 جي ڪارڪنن محمد احتشام ۽ محمد جبران کي به گرفتار ڪري ورتو. رينجر ۽ پوليس انهن کي اڻ ڄاتل هنڌ تي منتقل ڪري ڇڏيو آهي ۽ انهن کي سخت تشدد جو نشانو به بڻايو پيو وڃي. پنهنجي هڪ بيان ۾ رابطا ڪميٽي چيو ته ايم ڪيو ايم لٽريچر ڪميٽي جو انچارج سهيل احمد ڪنهن به مقدمي ۾ مطلوب نه آهي،رابطا ڪميٽي چيو ته هڪ طرف ته حڪومت ۽ انتظاميه جي طرفان گمراھ ڪن دعوٰي ڪيو پيو وڃي ته ڪراچي آپريشن ڪنهن هڪ جماعت جي خلاف نه آهي، جڏهن ته ٻئي طرف ايم ڪيو ايم جي بي گناھ ڪارڪنن جي گرفتارين جو سلسلو به جاري آهي. ٻه ڏينهن اڳ به ڪراچي جي مختلف علائقن
2
مان ايم ڪيو ايم جي 9 ذميوارن ۽ ڪارڪنن کي گرفتار ڪيو ويو هو. رابطا ڪميٽي چيو ته ڪراچي آپريشن جيڪڏهن ڪنهن هڪ جماعت جي خلاف نه آهي ته ان جو نشانو صرف ايم ڪيو ايم کي ڇو بڻايو پيو وڃي، ايم ڪيو ايم جي سياسي ۽ سماجي سرگرمين تي پابندي عائد ڇو ڪئي وئي آهي ۽ مهاجرن جي آزادي ڇني ڪري مهاجرن جي انساني حقن جي سنگين خلاف ورزي ڇو ڪئي پئي وڃي. رابطا ڪميٽي چيو ته هڪ طرف ته وحشي دهشت گرد رشيد گوڏيل تي قاتلانه حملو ڪري رهيا آهن، بي گناھ شهرين کي شهيد ۽ زخمي ڪري رهيا آهن، پوليس اهلڪارن کي شهيد ۽ زخمي ڪري رهيا آهن ۽ بينڪن ۾ ڪروڙين روپين جا ڌاڙا به هڻي رهيا آهن پر وحشي قاتلن، چورن ۽ ڌاڙيلن جي خلاف ڪاروائي ڪرڻ جي بجاءِ ڪراچي آپريشن جو رخ صرف ايم ڪيو ايم ڏانهن موڙيو ويو آهي ۽ ڪراچي آپريشن جي حوالي سان ڪوڙ ڳالهائي ڪري سڄي ملڪ جي عوام جي اکين ۾ ڌوڙ وڌي پئي وڃي. جنهن جي جيتري به مذمت ڪئي وڃي اها گهٽ آهي. رابطا ڪميٽي وزير اعظم ميان محمد نواز شريف، وفاقي وزير داخلا چوڌري نثار علي خان ۽ سنڌ جي وزير اعلٰي سيد قائم علي شاھ کان مطالبو ڪيو ته اهي ايم ڪيو ايم جي بي گناھ ڪارڪنن ۽ ذميوارن جي غير قانوني گرفتارين ۽ گرفتار ٿيلن کي عدالتن ۾ پيش نه ڪرڻ جو فوري طور تي نوٽس وٺن ۽ ايم ڪيو ايم جي بي گناھ ذميوارن ۽ ڪارڪنن جي غير قانوني گرفتارين جو سلسلو به فوري طور تي بند ڪرائين .
*****