ايم ڪيو ايم آسٽريليا جي زير اهتمام ڪراچي ۾ مهاجرن جي نسل ڪشي ۽ ايم ڪيو ايم جي ڪارڪنن جي غير قانوني گرفتارين جي خلاف يونائيٽڊ نيشن جي آفيس ۽ آسٽريلوي پارليامينٽ جي ٻاهران احتجاجي مظاهرو ڪيو ويو.
آسٽريليا: 19 آگسٽ 2015
ايم ڪيو ايم آسٽريليا جي زير اهتمام ڪراچي ۾ جاري ٽارگيٽڊ آپريشن جي دوران سرڪاري اهلڪارن جي طرفان بي گناھ مهاجرن جي نسل ڪشي، ايم ڪيو ايم جي ڪارڪنن جي غير قانوني گرفاترين ۽ لانڍي، ملير، شاھ فيصل ڪالوني ۽ لائينز ايريا ۾ حقيقي جي دهشت گردن جي قبضي جي خلاف يونائيٽڊ نيشن جي آفيس ۽ آسٽريلوي پارليامينٽ جي ٻاهران احتجاجي مظاهرو ڪيو ويو ۽ ڌرڻو به ڏنو ويو . جنهن ۾ ڪارڪنن وڏي تعداد ۾ شرڪت ڪئي. مظاهري کي آسٽريليا جي آرگنائيزر افروز شاهين خطاب ڪندي چيو ته مهاجر قوم تي ظلم ڪرڻ وارا ڀلي ڪيترائي ظلم ڪري وٺن پر ماڻهن جي دلين مان جناب الطاف حسين جي محبت کي ختم نه ٿو ڪري سگهجي. ان کان پوءِ انهن يونائيٽڊ نيشن ۽ آسٽريليا جي پارليامينٽ ۾ ياداشت نامه به جمع ڪرايا.
*****