Altaf Hussain  English News  Urdu News  Sindhi News  Photo Gallery
International Media Inquiries
+44 20 3371 1290
+1 909 273 6068
[email protected]
 
 Events  Blogs  Fikri Nishist  Study Circle  Songs  Videos Gallery
 Manifesto 2013  Philosophy  Poetry  Online Units  Media Corner  RAIDS/ARRESTS
 About MQM  Social Media  Pakistan Maps  Education  Links  Poll
 Web TV  Feedback  KKF  Contact Us        

اورنگي ٽائون ۾ ايم ڪيو ايم جي سرڪل انچارج عبدالرحيم جو وحشياڻو قتل قابل مذمت آهي. ايم ڪيو ايم رابطا ڪميٽي.


اورنگي ٽائون ۾ ايم ڪيو ايم جي سرڪل انچارج عبدالرحيم جو وحشياڻو قتل قابل مذمت آهي. ايم ڪيو ايم رابطا ڪميٽي.
 Posted on: 8/18/2015
اورنگي ٽائون ۾ ايم ڪيو ايم جي سرڪل انچارج عبدالرحيم جو وحشياڻو قتل قابل مذمت آهي. ايم ڪيو ايم رابطا ڪميٽي.
ڪراچي: 18 آگسٽ 2015 
              ايم ڪيو ايم جي رابطا ڪميٽي پابندي وڌل تنطيمن جي دهشت گردن جي هٿان ايم ڪيو ايم اورنگي ٽائون سيڪٽر يونٽ 124 جي سرڪل انچارج عبدالرحيم جي وحشياڻي قتل جي سخت ترين لفظن ۾ مذمت ڪئي آهي. پنهنجي هڪ بيان ۾ رابطا ڪميٽي چيو ته عبدالرحيم اڄ ايم ڪيو ايم جي لاپتا ڪارڪنن جي گهر وارن کي نائن زيرو آڻڻ جي سلسلي ۾ سرگرم هئا. اهي پنهنجي آفيس وڃي رهيا هئا ته اورنگي ٽائون اردو چوڪ وٽ دهشت گردن کي انهن تي فائرنگ ڪري ڏني جنهن جي نتيجي ۾ اهي سخت زخمي ٿي پيا، انهن کي زخمي حالت ۾ اسپتال نيو پيو وڃي ته انهن ئي دهشت گردن ايمبولينس تي فائرنگ ڪري ڏني جنهن جي نتيجي ۾ عبدالرحيم شهيد ٿي ويا ۽ ايمبولينس جو ڊرائيور به سخت زخمي ٿي پيو. رابطا ڪميٽي چيو ته آچر 16 آگسٽ تي اورنگي ٽائون ۾ نعمان خان کي به فائرنگ ڪري شهيد ڪيو ويو هو. رابطا ڪميٽي وڌيڪ چيو ته پابندي وڌل تنظيمن جي دهشت گردن علائقي ۾ دهشت گردي جو بازار گرم ڪري رکيو آهي. ان کان اڳ به اورنگي ٽائون ۾ دهشت گرد ايم ڪيو ايم جي ڪيترن ئي ڪارڪنن کي شهيد ڪري چڪا آهن. پر پوليس ۽ انتظاميه هن مهل تائين ڪنهن به دهشت گرد کي گرفتار نه ڪيو آهي. رابطا ڪميٽي مطالبو ڪيو ته عبدالرحيم شهيد جي قاتلن کي فوري طور تي گرفتار ڪيو وڃي ۽ انهن کي قانون جي مطابق سخت ترين سزا ڏني وڃي. ان کان علاوه رابطا ڪميٽي دعا ڪئي ته الله تعالٰي عبدالرحيم شهيد کي پنهنجي جوار رحمت ۾ اعلٰي مقام عطا فرمائي ۽ پونئرن کي اهو صدمو برداشت ڪرڻ جو حوصلو عطا فرمائي. آمين .
*****


6/30/2024 5:47:42 AM