Altaf Hussain  English News  Urdu News  Sindhi News  Photo Gallery
International Media Inquiries
+44 20 3371 1290
+1 909 273 6068
[email protected]
 
 Events  Blogs  Fikri Nishist  Study Circle  Songs  Videos Gallery
 Manifesto 2013  Philosophy  Poetry  Online Units  Media Corner  RAIDS/ARRESTS
 About MQM  Social Media  Pakistan Maps  Education  Links  Poll
 Web TV  Feedback  KKF  Contact Us        

ايم ڪيو ايم رهنما رشيد گوڏيل تي قاتلانه حملي جي اطلاع ملندي ئي رابطا ڪميٽي جا ميمبر ۽ ٻيا فورن اسپتال پهچي ويا.


ايم ڪيو ايم رهنما رشيد گوڏيل تي قاتلانه حملي جي اطلاع ملندي ئي رابطا ڪميٽي جا ميمبر ۽ ٻيا فورن اسپتال پهچي ويا.
 Posted on: 8/18/2015
ايم ڪيو ايم رهنما رشيد گوڏيل تي قاتلانه حملي جي اطلاع ملندي ئي رابطا ڪميٽي جا ميمبر ۽ ٻيا فورن اسپتال پهچي ويا.
ڪراچي: 18 آگسٽ 2015 
            ايم ڪيو ايم رهنما رشيد گوڏيل تي قاتلانه حملي جي اطلاع ملندي ئي ايم ڪيو ايم جي رابطا ڪميٽي جا ميمبر عبدالحسيب، شبير قائم خاني، محمد حسين ۽ ٻيا اسپتال پهچي ويا. رابطا ڪميٽي اسپتال جي ڊاڪٽرن سان ملاقات ڪئي ۽ انهن کان رشيد گوڏيل جي صحت جي باري ۾ ڄاڻ حاصل ڪئي. ان موقعي تي انهن ڊاڪٽرن ۽ ٻئي اسٽاف کي هدايت ڪئي ته اهي رشيد گوڏيل جي زندگي بچائڻ جي لاءِ ڪائي به ڪسر باقي نه ڇڏين. ان کان علاوه اسپتال جي ٻاهران ميڊيا سان ڳالھ ٻولھ ڪندي رابطا ڪميٽي ميمبر محمد حسين چيو ته رشيد گوڏيل تي قاتلانه حملو کليل دهشت گردي آهي ۽ ملڪ ۾ سياسي ۽ جمهوري عمل ۾ رڪاوٽ وجهڻ جي هڪ سازش آهي. انهن حڪومت کان مطالبو ڪيو ته رشيد گوڏيل تي قاتلانه حملي جي تحقيقات ڪرائي وڃي ۽ ان ۾ ملوث دهشت گردن کي فوري طور تي گرفتار ڪري عبرتناڪ سزا ڏني وڃي. ان کان علاوه حيدرعباس رضوي به ميديا سان ڳالھ ٻولھ ڪئي. 
*****

6/30/2024 5:48:05 AM