اپوزيشن ليڊر سيد خورشيد شاھ، وزير اعلٰي سنڌ سيد قائم علي شاھ ۽ پي ٽي آئي رهنما عمران اسماعيل ڊاڪٽر فاروق ستار سان ٽيليفون تي رابطو ڪري رشيد گوڏيل تي قاتلانه حملي جي مذمت ڪئي.
ڪراچي: 18 آگسٽ 2015
اپوزيشن ليڊر سيد خورشيد شاھ، وزير اعلٰي سنڌ سيد قائم علي شاھ ۽ پي ٽي آئي رهنما عمران اسماعيل رشيد گوڏيل تي قاتلانه حملي جي سخت ترين لفظن مذمت ڪئي آهي ۽ دهشت گردن کي فوري طور تي گرفتار ڪرڻ جو مطالبو ڪيو آهي. اهو مطالبو انهن ڊاڪٽر فاروق ستار سان ٽيليفون تي رابطو ڪري ڪيو. ان موقعي تي ڊاڪٽر فاروق ستار سيد خورشيد شاھ، سيد قائم علي شاھ ۽ عمران اسماعيل کي رشيد گوڏيل تي قاتلانه حملي جي تفصيلات کان به آگاھ ڪيو . ان کان علاوه پي پي رهنما شهلا رضا به سابق حق پرست ميمبر قومي اسيمبلي حيدرعباس رضوي سان فون تي رابطو ڪري رشيد گوڏيل تي قاتلانه حملي جي مذمت ڪئي ۽ انهن جي جلد و مڪمل صحتيابي جي لاءِ دعا به ڪئي.
*****