Altaf Hussain  English News  Urdu News  Sindhi News  Photo Gallery
International Media Inquiries
+44 20 3371 1290
+1 909 273 6068
[email protected]
 
 Events  Blogs  Fikri Nishist  Study Circle  Songs  Videos Gallery
 Manifesto 2013  Philosophy  Poetry  Online Units  Media Corner  RAIDS/ARRESTS
 About MQM  Social Media  Pakistan Maps  Education  Links  Poll
 Web TV  Feedback  KKF  Contact Us        

ايم ڪيو ايم جي نمائندن تي قاتلانه حملا، ڪارڪنن جي ٽارگيٽ ڪلنگ، انهن کي لاپتا ڪرڻ ۽ گرفتارين کان پوءِ انهن تي سخت تشدد ڪرڻ جو غير قانوني عمل بند ڪرايو وڃي. رابطا ڪميٽي ميمبر محمد حسين.


ايم ڪيو ايم جي نمائندن تي قاتلانه حملا، ڪارڪنن جي ٽارگيٽ ڪلنگ، انهن کي لاپتا ڪرڻ ۽ گرفتارين کان پوءِ انهن تي سخت تشدد ڪرڻ جو غير قانوني عمل بند ڪرايو وڃي. رابطا ڪميٽي ميمبر محمد حسين.
 Posted on: 8/19/2015
ايم ڪيو ايم جي نمائندن تي قاتلانه حملا، ڪارڪنن جي ٽارگيٽ ڪلنگ، انهن کي لاپتا ڪرڻ ۽ گرفتارين کان پوءِ انهن تي سخت تشدد ڪرڻ جو غير قانوني عمل بند ڪرايو وڃي. رابطا ڪميٽي ميمبر محمد حسين.
ڪالھ رينجر سيسي سکر جي آفيس تي ڇاپو هڻي ڪري ايم ڪيو ايم سنڌ ڪميٽي جي ميمبر قطب الدين کي به گرفتار ڪري ورتو آهي.
ايم ڪيو ايم جي سياسي سرگرمين تي پابنديون آهن ۽ ٻئي طرف سرڪاري سرپرستي ۾ حقيقي جي دهشت گردن کي لانڍي ، ملير، شاھ فيصل ڪالوني، لائينز ايريا ۽ ٻين علائقن ۾ ويهاريو ويو آهي ۽ پابندي وڌل تنظيمن جي دهشت گردن کي به سرگرم ڪيو ويو آهي.
خورشيد بيگم سيڪريٽريٽ عزيز آباد ۾ پريس ڪانفرنس.
ڪراچي: 19 آگسٽ 2015 
              متحده قومي موومينٽ جي رابطا ڪميٽي جي ميمبر محمد حسين چيو آهي ته ايم ڪيو ايم جن سببن جي ڪري ملڪ جي ٽنهي ايوانن مان استعيفائون ڏيئي ڪري واپس آئي آهي اهي هن مهل تائين بدستور قائم آهن، جن ۾ سابق حق پرست عوامي نمائندن کي فائرنگ ڪري نشانو بڻائڻ، ڪارڪنن جي ٽارگيٽ ڪلنگ ڪرڻ، ماورائي عدالت قتلن ۽ انهن جي گرفتارين کان پوءِ انهن کي لاپتا ڪرڻ  ۽ انهن 
کي سخت تشدد جو نشانو بڻائڻ شامل آهي. انهن اختيار رکندڙ ڌرين کان مطالبو ڪيو ته عبدالرشيد گوڏيل  تي قاتلانه حملي، اورنگي ٽائون سيڪٽر يونٽ 124 جي ڪارڪن عبدالرحيم ۽ نعمان خان جي وحشياڻي قتلن ۾ ملوث دهشت گردن کي فوري طور تي گرفتار ڪيو وڃي. انهن خيالن جو اظهار انهن خورشيد بيگم سيڪريٽريٽ ۾ پريس ڪانفرنس ڪندي ڪيو. ان موقعي تي رابطا ڪميٽي ميمبر عارف خان، عبدالقادر خانزاده، شاهد پاشا ۽ ٻيا به موجود هئا. محمد حسين چيو ته رينجر ۽ پوليس ڪراچي آپريشن جي آڙ ۾ ايم ڪيو ايم جي ڪارڪنن جي بغير ڪنهن جواز جي گرفتارين کي روز جو معمول بڻائي ڇڏيو آهي ۽ ڪراچي آپريشن تي ايم ڪيو ايم جي سخت تحفظن  ۽ ملڪ جي ٽنهي ايوانن سينيٽ، قومي ۽ صوبائي اسيمبلين مان استعيفائن جي باوجود به ايم ڪيو ايم جي خلاف سياسي انتقامي ڪاروائي جاري آهي ۽ گذريل ڏينهن ئي رشيد گوڏيل تي قاتلانه حملي کان علاوه ايم ڪيو ايم اورنگي ٽائون سيڪٽر يونٽ 124 جي سرڪل انچارج عبدالرحيم ۽ انهي يونٽ جي شهيد ڪارڪن اڪرام خان شهيد جي ڀاءُ نعمان خان کي به پابندي وڌل تنظيمن جي دهشت گردن فائرنگ ڪري شهيد ڪري ڇڏيو ۽ ڪورنگي ۾ ڏيڍھ سال جي دوران سوين ڪارڪنن کي شهيد ۽ زخمي ڪيو ويو آهي ، اسان بار بار پريس ڪانفرنسن جي ذريعي حڪومتن کان مطالبا ڪيا پر ڪنهن به اسان جي نه ٻڌي. انهن چيو ته گذريل ڏينهن رينجر سيسي سکر جي آفسس تي ڇاپو هڻي ڪري ايم ڪيو ايم سنڌ تنظيمي ڪميٽي جي ميمبر قطب الدين کي به گرفتار ڪري ورتو آهي، ان کان علاوه  پوليس اورنگي ٽائون سيڪٽر يونٽ 118 سي جي ڪارڪن فرحان علي، يونٽ ڪميٽي جي ميمبر محمد سرور، قصبه ڪالوني بلاڪ 4 مان يونٽ ڪميٽي جي ميمبر انيس احمد، جيڪسن ٿاڻي پورٽ قاسم ٽرسٽ جي آفيس مان ايم ڪيو ايم رنڇوڙ لائين سيڪٽر جي ڪارڪن وقاص قريشي، ڪورنگي عوامي ڪالوني مان يونٽ ڪميٽي جي ميمبر محمد نورعالم، جڏهن ته پنجاب کان هڪ شادي جي تقريب ۾ شرڪت ڪري واپس ڪراچي ايندڙ لياقت آباد سيڪٽر يونٽ 158 جي يونٽ انچارج محمد علي نقوي، جوائنٽ انچارج اسد الله، ڪارڪنن وقار ۽ انيس کي به گرفتار ڪيو ويو آهي ۽ جيڪي پنهنجي گاڏي سميت هن مهل تائين 
لاپتا آهن. انهن چيو ته هڪ طرف ته ايم ڪيو ايم تي رياستي آپريشن مسلط ڪيو ويو آهي، ايم ڪيو ايم جي سياسي سرگرمين تي پابندي عائد آهي ۽ ايم ڪيو ايم کي آفيسون به کولڻ نه ٿيون ڏنيون وڃن، پر جڏهن ته ٻئي طرف سرڪاري سرپرستي ۾ حقيقي جي دهشت گردن کي لانڍي، ملير، شاھ فيصل ڪالوني، لائينز ايريا ۽ ٻين علائقن ۾ ويهاريو ويو آهي. انهن چيو ته ايم ڪيو ايم سينيٽرن ۽ اسيمبلي ميمبرن پنهنجن استعيفائن سان گڏ 19 نڪاتي ميمورنڊم به جمع ڪرايو آهي. انهن ارباب اختيار کان مطالبو ڪيو ته رشيد گوڏيل تي قاتلانه حملي ، اورنگي ٽائون سيڪٽر جي سرڪل انچارج عبدالرحيم شهيد ۽ انهي يونٽ جي شهيد ڪارڪن اڪرام خان جي ڀاءُ نعمان خان شهيد جي وحشياڻي قتلن ۾ ملوث دهشت گردن کي فوري طور تي گرفتار ڪيو وڃي. ايم ڪيو ايم جي ڪارڪنن جي گهرن ۽ آفيسن تي غير قانوني ڇاپا بند ڪرايا وڃن نه ته ٻئي صورت ۾ ايم ڪيو ايم کي ملڪ جي ايوانن ۾ واپس آڻڻ جون ڪوششون پائيدار نه ٿينديون.انهن اعلٰي اختارين کي اپيل ڪئي ته اهي حقيقي دهشت گردن کي سرڪاري سرپرستي ۾ ڪراچي جي مختلف علائقن ۾ قبضي ڪرائڻ جو نوٽس به وٺن. انهن وزير اعظم ميان نواز شريف، صدر پاڪستان ممنون حسين، آرمي چيف جنرل راحيل شريف ، گورنر سنڌ ڊاڪٽر عشرت العباد، وزير اعلٰي سنڌ سيد قائم علي شاھ، ڪورڪمانڊر ڪراچي ۽ ڊي جي رينجر بلال اڪبر کان به مطالبو ڪيو ته اهي اورنگي ٽائون ۾ شدت پسندن ۽ مذهبي دهشت گردن جي طرفان ايم ڪيو ايم جي عهديدارن ۽ ڪارڪنن جي ٽارگيٽ ڪلنگ جو نوٽس وٺن ۽ اتي غريبن ۽ مزدورن کي به دهشت گردن کان تحفظ ڏيارڻ جي لاءِ فوري طور تي قدم کنيا وڃن. 
*****

6/30/2024 5:45:03 AM