ايم ڪيو ايم جي رهنمائن ۽ استعيفا ڏنل ميمبرن کي فوري طور تي سيڪيورٽي ڏني وڃي. ايم ڪيو ايم رابطا ڪميٽي.
رشيد گوڏيل تي قاتلانه حملو ۽ انهن جي ڊرايئور جي شهادت هڪ سنگين واقعو آهي. رابطا ڪميٽي.
ڪراچي: 19 آگسٽ 2015
متحده قومي موومينٽ جي رابطا ڪميٽي وزير اعظم ميان نواز شريف ۽ وفاقي حڪومت کان مطالبو ڪيو آهي ته ايم ڪيو ايم جي رهنمائن ۽ استعيفا ڏنل ميمبرن کي فوري طور تي سيڪيورٽي ڏني وڃي. پنهنجي هڪ بيان ۾ رابطا ڪميٽي چيو ته جهڙي طرح رشيد گوڏيل تي قاتلانه حملو ڪيو ويو آهي ۽ اهي سخت زخمي ۽ انهن جا ڊرائيور شهيد ٿي ويا آهن ته اهو هڪ سنگين واقعو آهي. رابطا ڪميٽي چيو ته ايم ڪيو ايم جي رهنمائن ۽ چونڊيل نمائندن کي ڌمڪيون به ملنديون رهيون آهن ۽ اڄ به ايم ڪيو ايم جا دشمن انهن جي پويان لڳل آهن. ان جي ڪري رشيد گوڏيل تي حملي کان پوءِ ان ڳالھ جي سخت ضرورت آهي ته ايم ڪيو ايم جي سمورن رهنمائن ۽ چونڊيل نمائندن کي تحفظ ڏنو وڃي.
*****