Altaf Hussain  English News  Urdu News  Sindhi News  Photo Gallery
International Media Inquiries
+44 20 3371 1290
+1 909 273 6068
[email protected]
 
 Events  Blogs  Fikri Nishist  Study Circle  Songs  Videos Gallery
 Manifesto 2013  Philosophy  Poetry  Online Units  Media Corner  RAIDS/ARRESTS
 About MQM  Social Media  Pakistan Maps  Education  Links  Poll
 Web TV  Feedback  KKF  Contact Us        

ملير سعود آباد ايس آئي ۽ بي ايريا جي علائقن ۾ حقيقي جي ڏوهاري دهشت گردن جي پوليس جي سرپرستي ۾ داخل ٿيڻ ۽ قبضي ڪرڻ جو نوٽس ورتو وڃي. ڪور ڪمانڊر ڪراچي جنرل نويد مختيار کان رابطا ڪميٽي جو مطالبو.


ملير سعود آباد ايس آئي ۽ بي ايريا جي علائقن ۾ حقيقي جي ڏوهاري دهشت گردن جي پوليس جي سرپرستي ۾ داخل ٿيڻ ۽ قبضي ڪرڻ جو نوٽس ورتو وڃي. ڪور ڪمانڊر ڪراچي جنرل نويد مختيار کان رابطا ڪميٽي جو مطالبو.
 Posted on: 8/15/2015
ملير سعود آباد ايس آئي ۽ بي ايريا جي علائقن ۾ حقيقي جي ڏوهاري دهشت گردن جي پوليس جي سرپرستي ۾ داخل ٿيڻ ۽ قبضي ڪرڻ جو نوٽس ورتو وڃي. ڪور ڪمانڊر ڪراچي جنرل نويد مختيار کان رابطا ڪميٽي جو مطالبو.
ڪراچي: 15 آگسٽ 2015 
             متحده قومي موومينٽ جي رابطا ڪميٽي ڪور ڪمانڊر ڪراچي جنرل نويد مختيار کان مطالبو ڪيو آهي ته اهي ملير سعود آباد ايس آئي ۽ بي ايريا جي علائقن ۾ حقيقي جي ڏوهاري دهشت گردن جي پوليس جي سرپرستي ۾ داخل ٿيڻ ۽ قبضي ڪرڻ جو نوٽس ورتو وڃي. پنهنجي هڪ بيان ۾ رابطا ڪميٽي چيو ته حقيقي جي دهشت گردن کي هڪ ڀيرو ٻيهر سرڪاري سرپرستي ۾ آڻڻ ۽ قبضو ڪرائڻ ايم ڪيو ايم جي خلاف هڪ سازش آهي. جنهن جي جيتري به مذمت ڪئي وڃي اها گهٽ آهي. رابطا ڪميٽي چيو ته ملير جي علائقي ايس آئي سعود آباد ۾ 40 کان 50 حقيقي جا دهشت گرد جديد هٿيارن سان ليس پوليس جي سرپرستي ۾ داخل ٿيا ۽ علائقي ۾ مورچا هڻي ڪري ويهي رهيا . اهڙي طرح  ملير جي علائقي بي ايريا ۾ به حقيقي جي دهشت گردن سرڪاري سرپرستي ۾ قبضو ڪري ورتو آهي. رابطا ڪميٽي چيو ته حقيقي جي دهشت گردن جي داخلا جي خلاف علائقي جي ماڻهن احتجاج  ڪيو پر حقيقي دهشت گردن ان موقعي تي فائرنگ شروع ڪري ڏني ۽ پوءِ پوليس ۽ رينجر جي اهلڪارن حقيقي جي دهشت گردن کي تحفظ به فراهم ڪيو. رابطا ڪميٽي چيو ته حقيقي جي دهشت گردن کي جهڙي طرح سان سرڪاري سرپرستي ۾ قبضا ڪرايا پيا وڃن ان ماضي جي واقعن جي ياد تازه ڪري ڇڏي آهي. رابطا ڪميٽي چيو ته حقيقي جا دهشت گرد ملير جي مارڪيٽن ، بازارن ۽ ڪيٽرنگ جي دڪانن مان سامان ۽ کاڌي پيتي جون شيون به وٺي رهيا آهن ۽ پيسا به نه ڏيئي رهيا آهن. حقيقي جي دهشت گردن جي داخل ٿيڻ ۽ قبضي ڪرڻ جون شڪايتون ملير جي عوام نائن زيرو تي فون ڪري ڪيون ۽ چيو ته حقيقي جا دهشت گرد هٿيارن جي زور تي کلي عام بدمعاشي ڪري رهيا آهن . رابطا ڪميٽي ڪورڪمانڊر ڪراچي جنرل نويد مختيار کان مطالبو ڪيو ته ملير ۽ ٻين علائقن مان حقيقي جي دهشت گردن جي طرفان سرڪاري سرپرستي ۾ قبضو فوري طور تي ختم ڪرايو وڃي ۽ علائقي جي عوام جي جان و مال جي تحفظ جي لاءِ فوري طور تي قدم کنيا وڃن.
*****

6/30/2024 5:45:20 AM