Altaf Hussain  English News  Urdu News  Sindhi News  Photo Gallery
International Media Inquiries
+44 20 3371 1290
+1 909 273 6068
[email protected]
 
 Events  Blogs  Fikri Nishist  Study Circle  Songs  Videos Gallery
 Manifesto 2013  Philosophy  Poetry  Online Units  Media Corner  RAIDS/ARRESTS
 About MQM  Social Media  Pakistan Maps  Education  Links  Poll
 Web TV  Feedback  KKF  Contact Us        

جنرل راحيل شريف فوج ۽ ايم ڪيو ايم جي وچ ۾ غلط فهميون دور ڪرڻ جي لاءِ ايم ڪيو ايم جي وفد کي ملاقات جو موقعو ڏين. قائد تحريڪ جناب الطاف حسين جي آرمي چيف جنرل راحيل شريف کي درخواست.


جنرل راحيل شريف فوج ۽ ايم ڪيو ايم جي وچ ۾ غلط فهميون دور ڪرڻ جي لاءِ ايم ڪيو ايم جي وفد کي ملاقات جو موقعو ڏين. قائد تحريڪ جناب الطاف حسين جي آرمي چيف جنرل راحيل شريف کي درخواست.
 Posted on: 8/14/2015
جنرل راحيل شريف فوج ۽ ايم ڪيو ايم جي وچ ۾ غلط فهميون دور ڪرڻ جي لاءِ ايم ڪيو ايم جي وفد کي ملاقات جو موقعو ڏين. قائد تحريڪ جناب الطاف حسين جي آرمي چيف جنرل راحيل شريف کي درخواست.
مان پاڪ فوج، رينجر، پوليس، سمورين سياسي ۽ مذهبي جماعتن جي رهنمائن، ملڪ ۽ ٻاهرين ملڪن ۾ مقيم پاڪستانين کي جشن آزادي جي مبارڪباد پيش ڪريان ٿو.
ظلم ۽ ڏاڍ جي حڪومت يا حڪمران ڀلي اهي سويلين هجن يا فوجي هجن مان انهن جي حاڪميت مڃڻ کان انڪار ڪريان ٿو.
جناح گرائونڊ عزيز آباد ۾ پاڪستان جي 69 هين جشن آزادي جي عظيم الشان اجتماع کي ٽيليفونڪ خطاب.
لنڊن: 14 آگسٽ 2015 
            متحده قومي موومينٽ جي قائد جناب الطاف حسين آرمي چيف جنرل راحيل شريف کي درخواست ڪئي آهي ته اهي پاڪستان جي سلامتي ، بقا ۽ پاڪ فوج ۽ ايم ڪيو ايم جي وچ ۾ پيدا ڪيل غلط فهمين کي دور ڪرڻ جي لاءِ ايم ڪيو ايم جي وفد کي ملاقات جو موقعو ڏين.  انهن خيالن جو اظهار انهن جناح گرائونڊ عزيز آباد ۾69 هين جشن آزادي جي سلسلي ۾ منعقد ٿيندڙ اجتماع کي ٽيليفونڪ خطاب ڪندي فرمايو. جشن آزادي جي اجتماع ۾ هزارين بزرگن، عورتن، نوجوانن ۽ ٻارن شرڪت ڪئي. پنهنجي خطاب ۾ جناب الطاف حسين آرمي چيف جنرل راحيل شريف ، پاڪ فوج جي سمورن آفيسرن، فوجي جوانن، رينجر، پوليس، انهن جي سربراهن، آزاد ڪشمير، گلگت بلتستان ۽ قبائلي علائقن سميت چئني صوبن جي عوام، ٻاهرين ملڪن ۾ مقيم سمورن پاڪستانين کان علاوه اجتماع ۾ موجود سمورن شرڪاء ۽ فنڪارن کي به پاڪستان جي 69 هين جشن آزادي جي دلي مبارڪباد پيش ڪئي. جناب الطاف حسين سمورين سياسي ۽ مذهبي جماعتن جي رهنمائن ۽ پي ٽي آئي جي رهنما عمران خان ۽ انهن جي گهر واري محترمه ريحام خان کي به جشن آزادي جي دلي مباڪباد پيش ڪئي. جناب الطاف حسين فرمايو ته حڪومت منهنجين تقريرن کي ٽي وي چينلن تي نشر ڪرڻ تي پابندي هڻي ڇڏي آهي. اها پابندي 19 جون 1992 تي به عائد ڪئي وئي هئي پر نه ان وقت منهنجا حوصلا ڪمزور ٿيا هئا ۽  نه اڄ  ڪمزور ٿيا آهن. الله سائين جي ڪرم سان منهنجو اهو عزم ۽ حوصلو اڄ به جوان آهي. مان 37 سالن جي جدوجهد ۾ پنهنجو گهر بار ڇڏيو ۽  قوم جي بقا ۽ سلامتي جي خاطر جدوجهد ڪئي. ان جدوجهد ۾ منهنجن هزارين ساٿين جام شهادت نوش فرمايو جن ۾ منهنجا ٻه وڏا ڀائر، نوجوان ڀائيٽو  ۽ ڀيڻيو به شامل آهي. شهيدن جي پوئنرن جي فهرست ۾ الطاف حسين جو نالو به شامل آهي. انهن فرمايو ته منهنجي گذريل تقريرون تي ماڻهن تنقيد ڪئي. پر مان نه ڪالھ ڪا سخت ڳالھ ڪئي هئي ۽ نه اڄ ڪريان ٿو. جيڪو مان ڪالھ چيو هو اهو ئي اڄ چئي رهيو آهيان ته ظلم ۽ ڏاڍ جي حڪومت  يا حڪمران ڀلي اهي سويلين هجن يا فوجي هجن مان انهن جي حاڪميت مڃڻ کان انڪار ڪريان ٿو. انهن فرمايو ته مون کي اقتدار جو شوق هجي ها ته مان يا منهنجو ڪوئي ڀاءُ گورنر، ميئر، وفاقي يا صوبائي حڪومت جو وزير هجي ها ، انهن شين جي مون کي نه ڪالھ خواهش هئي ۽ نه اڄ آهي. 2013 ۾ ڪراچي آپريشن شروع ڪيو ويو ته فلاڻي فلاڻي جماعت ۾ ويڙهاڪ گروپ آهن جن ۾ ايم ڪيو ايم جو به نالو ورتو ويو هو، سپريم ڪورٽ جي طرفان ويڙهاڪ ونگ رکڻ وارين سمورين سياسي ۽ مذهبي جماعتن جا نالا ورتا ويا، پر اڄ تائين ايم ڪيو ايم کان سواءِ ڪنهن به جماعت جي مرڪز يا سربراھ جي گهر تي ڇاپو نه هنيو ويو آهي ۽ نه ئي ڪنهن جماعت جي رهنما جي خلاف هڪ ٻئي پٽيان سوين اهڙيون ايف آئي آرز ڪٽيون ويون آهن جهڙيون منهنجي خلاف ڪٽيون ويون آهن. انهن فرمايو ته مان هميشه حقيقتون بيان ڪيون آهن.  جيڪڏهن منهنجن ساٿين کي پوليس گرفتار ڪيو ته مان ڪا ڪوڙي ڪهاڻي نه گهڙي بلڪه گرفتار ڪرڻ وارن جو ئي نالو  ورتو. ٻن سالن کان ايم ڪيو ايم جي خلاف آپريشن ۾ ڪارڪنن کي پڪڙي انهن کي ماورائي عدالت قتل ۽ لاپتا ڪيو پيو وڃي. مان سوين مثالون ڏنيون ته سياسي جلسن ايستائين جو سينيٽ، قومي ۽ صوبائي اسيمبلي ۾ به ڪهڙن ڪهڙن ماڻهن فوج تي تنقيد ڪئي آهي پر پابندي صرف الطاف حسين جي خطابن تي لڳائي وئي. جيڪڏهن پابندي لڳائڻ وارا اهو سمجهن ٿا ته اهي ان مان ڪوئي وڏو فائدو حاصل ڪري سگهن ٿا ته اها انهن جي ڀل آهي. گذريل ڏينهن ايم ڪيو ايم جي فوٽو گرافر محمد هاشم جي ٻيهر جنازي نماز ادا ڪئي وئي جن کي 6 مئي تي شهيد ڪري انهن جي لاش کي روڊ تي اڇلايو ويو هو. جنهن کي ايڌي سينٽر وارن لاوارث ڄاڻائي ڪري دفن ڪري ڇڏيو هو. ڪوڙن الزامن ۾ منهنجن بي گناھن ڪارڪنن کي ته گرفتار ڪيو وڃي ٿو پر انهن جي قاتلن کي پڪڙي ڪري سزا ڏيڻ وارو ڪوئي به نه آهي. ان ظلم ۽ صدمن جي باوجود اسان اعلان ڪيو ته اسان پاڪستان جو جشن آزادي وڏي شاندار طريقي سان ملهائينداسين ۽ خوشيون ملهائينداسين. پر لانڍي ۾ جشن آزادي جي تيارين ۾ مصروف ايم ڪيو ايم جي ذميوارن ۽ ڪارڪنن کي گرفتار ڪيو ويو، اسان ان ظلم جي خلاف فريادون ڪندا رهياسين، اخبارن ۽ تي وين جي ذريعي عوام کي آگاھ ڪندا رهياسين پر اسان جشن آزادي جون تقريبون منسوخ نه ڪيون. جناب الطاف حسين آرمي چيف جنرل راحيل شريف کي درخواست ڪئي ته جتي اوهان همت ، جرت سان ۽ بهادري سان ڪم ڪري رهيا آهيو. اتي اوهان پاڪستان جي سلامتي ۽ خوشحالي جي لاءِ ايم ڪيو ايم جي وفد کي ملاقات جو موقعو به فراهم ڪيو ته اوهان جي وڏي مهرباني ٿيندي. انهن وڌيڪ فرمايو ته مان اڄ ڏٺو آهي ته جنرل راحيل شريف چوڪو هنيو آهي. جنرل راحيل شريف صاحب خد اجي واسطي انصاف جي معاملي ۾ به هڪ اهڙو ئي چوڪو هڻو. جناب الطاف حسين قسم کڻي ڪري چيو ته ڪالھ اسان جشن آزادي جي تيارين ۾ مصروف هئاسين ته 19 جون 1992 وانگر لانڍي ۾ حقيقي جي دهشت گردن لانڍي جي مختلف علائقن تي قبضو ڪري ورتو. 1992 ۾ به مسلم ليگ ن جي حڪومت هئي ۽ ميان نواز شريف ئي وزير اعظم هئا. انهن ان وقت به بار بار خاطريون ڪرايون هيون ته اهو آپريشن ايم ڪيو ايم جي خلاف نه ٿيندو. پر بعد ۾ اهو آپريشن ايم ڪيو ايم جي خلاف ئي ڪيو ويو. مان نواز شريف سان لنڊن ۾ ملاقات ڪري چيو ته مان هر ڏکئي وقت ۾ اوهان جو ساٿ ڏنو پر اوهان ان جو اهو صلو ڏنو آهي؟ جنهن تي انهن يقين ڏياريو ته اهو غلط آهي. ائين نه ٿيڻ گهرجي ها. ان کان ٻه ڏينهن پوءِ چوڌري نثار علي خان فون ڪري چيو ته اهو غلط ٿي رهيو آهي، فوج ايجنڊي جي خلاف ڪم ڪيو آهي. اسان ان کي روڪينداسين. ان کان پوءِ ايجنسين جا اهلڪار چوڌري نثار علي خان جي پويان لڳا ته انهن اهڙي خاموشي اختيار ڪئي جو اهي اڄ تائين خاموش آهن. اهي مون کي ته ڏوهي قرار ڏين ٿا پر رينجر جا جيڪي ماڻهو منهنجن ڪارڪنن کي ماورائي عدالت قتل ڪري رهيا آهن اهي انهن جي خلاف هڪ لفظ به مذمت جو چوڻ جي لاءِ تيار نه آهن. جناب الطاف حسين فرمايو ته لانڍي ۾ حقيقي جي دهشت گردن کي رينجر وارن پنهنجين گاڏين ۾ ويهاري ڪري لانڍي جي مختلف علائقن ۾ قبضو ڪرائي ڇڏيو. اها اطلاع ملڻ تي عوام ۾ سخت ڪاوڙ پاتي وڃي پئي پر مان پنهنجن ساٿين تي زور ڏنو ته اهي عوام کي سمجهائين ۽ انهن کي صبر جي تلقين ڪن ڇو ته اهو جشن آزادي جو موقعو آهي. هن وقت اسان کي گلن جي برسات ڪرڻي آهي رت جي نه. جناب الطاف حسين لانڍي ۽ شهر جي مختلف علائقن ۾ حقيقي دهشت گردن جي شر انگيز ڪاروائين جي باوجود عوامي جذبات کي قابو ۾ رکڻ جي ڪوششن تي رابطا ڪميٽي ۽ سمورن سابق اسيمبلي ميمبرن خصوصن ڊاڪٽر فاروق ستار ۽ عامر خان کي به زبردست خراج تحسين پيش ڪيو. جناب الطاف حسين فرمايو ته پوليس ۽ رينجر جي هٿان ڪارڪنن جي ماورائي عدالت قتلن، انهن جي گرفتارين کان پوءِ لاپتا ڪرڻ جي واقعن ۽ زيادتين تي اسان سينيٽ، قومي ۽ صوبائي اسيمبلي کان استعيفٰي ڏيئي ڇڏيا. اسان جو معاملو اقتدار ۽ ڪرسي جو نه بلڪه انصاف جو آهي. انهن فرمايو ته چوڌري نثار وعدو ڪيو هو ته اهي آپريشن جي نگراني جي لاءِ هڪ مانيٽرنگ ڪميٽي قائم ڪندا. پر اها قائم نه ٿي. انهن فرمايو ته آپريشن جي دوران ٿيندڙ زيادتين ۽ ماورائي عدالت جيڪي قتل ٿيا آهن انهن جو رت به حڪمرانن جي گچي ۾ آهي. انهن عوام کي مخاطب ڪندي فرمايو ته اسان جي نوجوانن جو ماورائي عدالت قتل ٿي رهيو آهي، قوم کي فيصلو ڪرڻو پوندو ته اسان کي روزانو هڪ هڪ ڪري لاش دفنائڻو آهي يا قوم کي ڪوئي حتمي فيصلو ڪري ڪنهن نتيجي تي پهچڻو آهي ته ڀلي لاشون ڪرنديون رهن ۽ اسان رت ڏيندا رهون ، اسان تحريڪ جاري رکون يا پوءِ اسان پنهنجي جدوجهد، شهيدن ۽ لاپتا ساٿين کي وساري ڇڏيون ۽ الطاف حسين سان قطع تعلق ڪري وٺون. جنهن تي اجتماع ۾ موجود عوام چيو ته هرگز به نه. جناب الطاف حسين عوام کي وري چيو ته جيڪڏهن اوهان سمجهو ٿا ته مان اوهان جي صحيح قيادت نه ڪري رهيو آهيان ته تحريڪ ۾ مون کان وڌيڪ پڙهيل لکيل ماڻهو موجود آهن اوهان انهن مان ڪنهن کي به پنهنجو قائد بڻائي وٺو. 1992 ۾ به جنرل آصف نواز مائنس الطاف حسين جي ڳالھ ڪئي هئي ۽ اڄ به اها ڳالھ هلي رهي آهي. جيڪڏهن منهنجي هٽڻ سان قوم جي جان بخشي ٿي سگهي ٿي ته مان هٽي وڃان ٿو. ان تي جناح گرائونڊ ۾  موجود هزارين ماڻهن نهايت جذباتي انداز ۾ مائنس ون فارمولي کي رڌ ڪري ڇڏيو ۽ چيو ته اسان کي صرف اوهان جي قيادت گهرجي.  مائنس ون جي ڳالھ ڪرڻ وارا الطاف فوبيا جا شڪار آهن. ان موقعي تي حاظرين ڪافي دير تائين ديوانا ڪنهن جا قائد جا، جا نعرا هنيا. جناب الطاف حسين فرمايو ته مان گذريل 37 سالن ۾ ٽي ڀيرا جيل ويس پر مان پنهنجو سر نه جهڪايو. اڄ به سڄي ملڪ  ۾ منهنجي خلاف سوين مقدما قائم ڪيا ويا آهن پر مون کي انهن کان ڪوئي به خوف نه آهي. جيڪڏهن مون کي گرفتار ڪري پاڪستان به آندو ويو ته مان خوشي سان ڦاهي کي چمي وٺندس.  جناب الطاف حسين فرمايو ته ايم ڪيو ايم مظلوم عوام جي تحريڪ آهي. ڀلي  ڪهڙي به زبان ڳالھائڻ وارو هجي  ايم ڪيو ايم هر مظلوم جي جماعت آهي. جناب الطاف حسين فرمايو ته مان  سموري رابطا ڪميٽي ۽ شعبي جي ذميوارن کي سلوٽ پيش ڪريان ٿو جن آزمائش جي ان ڏکئي وقت ۾ پٽي نه ڏيکاري. مان انهن سينيٽرن ۽ قومي ۽ صوبائي اسيمبلين جي ميمبرن کي به سلوٽ پيش ڪريان ٿو جن همت ۽ جرت سان استعيفٰي ڏيئي ڪري قوم جو سر فخر سان بلند ڪري ڇڏيو آهي . انهن اسيرن جي قانوني مدد ڪرڻ وارن وڪيلن کي به زبردست خراج تحسين پيش ڪيو. 
****

6/30/2024 5:45:02 AM