ايم ڪيو ايم شعبه اطلاعات جي ميمبر محمد هاشم شهيد جو ٽيجهو ٿي گذريو.
ڪراچي: 14 آگسٽ 2015
ماورائي عدالت قتل ڪيل ايم ڪيو ايم شعبه اطلاعات جي ميمبر محمد هاشم شهيد جو ٽيجهو لياقت آباد ۾ ٿيو. جنهن ۾ شهيد جي روح جي ايصال و ثواب جي لاءِ قرآن خواني ڪئي وئي. ٽيجهي ۾ رابطا ڪميٽي ميمبرن شبير احمد قائم خاني، محمد ڪمال ملڪ، سي اي سي ميمبر احمد سليم صديقي ۽ ٻين کان علاوه ايم ڪيو ايم جي ڪارڪنن ۽ شهيد جي مٽن مائٽن وڏي تعداد ۾ شرڪت ڪئي.
*****