ايم ڪيو ايم رابطا ڪميٽي جي سربراهي ۾ يوم آزادي جي موقعي تي لانڍي سيڪٽر آفيس کان هڪ شاندار ريلي ڪڍي وئي.
ڪراچي: 14 آگسٽ 2015
متحده قومي موومينٽ لانڍي سيڪٽر جي زير اهتمام رابطا ڪميٽي جي سربراهي ۾ يوم آزادي جي موقعي تي هڪ شاندار ريلي ڪڍي وئي. ريلي ۾ ايم ڪيو ايم لانڍي سيڪٽر جي ڪارڪنن کان علاوه عوام خصوصن نوجوانن ۽ عورتن وڏي تعداد ۾ شرڪت ڪئي. اها ريلي لانڍي سيڪٽر آفيس کان شروع ٿي، جيڪا مختلف علائقن کان ٿيندي سيڪٽر آفيس تي ئي اختتام پذير ٿي. ريلي جنهن به علائقي مان گذري ته اتي عوام ريلي جو شاندار استقبال ڪيو ۽ قائد اعظم زنده آباد ۽ جناب الطاف حسين جي حق ۾ نعرا هنيا ۽ پنهنجي مڪمل حمايت جو يقين به ڏياريو. ريلي جي شرڪاء قائد اعظم ۽ جناب الطاف حسين جون تصويرون به پنهنجن هٿن ۾ کنيون هيون ۽ اهي لڳاتار جناب الطاف حسين ۽ ايم ڪيو ايم جي حق ۾ نعرا هڻي رهيا هئا.
*****