Altaf Hussain  English News  Urdu News  Sindhi News  Photo Gallery
International Media Inquiries
+44 20 3371 1290
+1 909 273 6068
[email protected]
 
 Events  Blogs  Fikri Nishist  Study Circle  Songs  Videos Gallery
 Manifesto 2013  Philosophy  Poetry  Online Units  Media Corner  RAIDS/ARRESTS
 About MQM  Social Media  Pakistan Maps  Education  Links  Poll
 Web TV  Feedback  KKF  Contact Us        

قائد تحريڪ جناب الطاف حسين جا ڪارڪن هر اول دستي جو ڪردار ادا ڪري پاڪستان کي بچائيندا. ڊاڪٽر فاروق ستار.


قائد تحريڪ جناب الطاف حسين جا ڪارڪن هر اول دستي جو ڪردار ادا ڪري پاڪستان کي بچائيندا. ڊاڪٽر فاروق ستار.
 Posted on: 8/14/2015
قائد تحريڪ جناب الطاف حسين جا ڪارڪن هر اول دستي جو ڪردار ادا ڪري پاڪستان کي بچائيندا. ڊاڪٽر فاروق ستار.
فائيو اسٽار چورنگي تي جشن آزادي جي پروگرام ۾ خطاب.
ڪراچي: 14 آگسٽ 2015 
              متحده قومي موومينٽ جي سينيئر رهنما ڊاڪٽر فاروق ستار چيو آهي قائد تحريڪ جناب الطاف حسين جا ڪارڪن هر اول دستي جو ڪردار ادا ڪري پاڪستان کي بچائيندا. انهن خيالن جو اظهارانهن 13 آگسٽ جي رات نارٿ ناظم آباد جي زير اهتمام فائيواسٽار چورنگي تي جشن آزادي جي سلسلي ۾ لڳايل استقباليه ڪيمپ تي خطاب ڪندي ڪيو.  ان موقعي تي رابطا ڪميٽي ميمبر شبير احمد قائم خاني، اقبال مقدم ۽ ٻيا به موجود هئا. ڊاڪٽر فاروق ستار چيو ته ماڻهو شايد اين اي 246 جي بدترين شڪست کي وساري ويٺا آهن مان انهن کي ياد ڏياريان ٿو ته آئنده جڏهن به اليڪشن ٿيندا ته اسان اين اي 246 جي ياد ڏياريندا رهنداسين. انهن چيو ته الله تعالٰي جنهن کي چاهي ٿو ته ان کي استعيفٰي ۾ به عزت ڏيئي ٿو ۽ جنهن کي چاهي ٿو ته ان کي استعيفٰي ۾ ئي ذلت ڏيئي ٿو. انهن چيو ته اسان جڏهن به پارليامينٽ ۾ وينداسين ته ڪنڌ مٿي کڻي ڪري وينداسين.ان موقعي تي شبير احمد قائم خاني به خطاب ڪيو.
*****

6/30/2024 5:44:20 AM