پاڪستان جو 68 هون يوم آزادي، ايم ڪيو ايم جي طرفان جناح گرائونڊ ۾ شاندار پروگرام جو انعقاد.
ڪراچي: 14 آگسٽ 2015
متحده قومي موومينٽ جي طرفان پاڪستان جي 68 هين يوم آزادي تي جناح گرائونڊ ۾ شاندار ورائٽي پروگرام جو انعقاد ڪيو ويو. جنهن ۾ ڪراچي جي مختلف علائقن سان تعلق رکڻ وارين عورتن، نوجوانن، بزرگن ۽ ٻارن سميت هزارين ماڻهن شرڪت ڪئي. ان موقعي تي جناح گرائونڊ ۽ نائن زيرو سميت آس پاس جي علائقن کي پاڪستان جي جهنڊين سان سجايو ويو هو. جڏهن ته اسڪرين جي هڪ طرف باني پاڪستان قائد اعظم محمد علي جناح ۽ ٻئي طرف قائد تحريڪ جناب الطاف حسين جي تصوير لڳل هئي. رات جا 12 وڄندي ئي شاندار آتش بازي جو مظاهرو ڪيو ويو ۽ قومي ترانو به پيش ڪيو ويو ۽ جڏهن ته رابطا ڪميٽي 68 هين يوم آزادي جو ڪيڪ به ڪاٽيو. ورائٽي پروگرام ۾ معروف فنڪارن محمد ابراهيم، حسن جهانگير، شان جي، امبر انصاري ۽ ٻين به پنهنجي فن جو مظاهرو ڪيو.
*****