Altaf Hussain  English News  Urdu News  Sindhi News  Photo Gallery
International Media Inquiries
+44 20 3371 1290
+1 909 273 6068
[email protected]
 
 Events  Blogs  Fikri Nishist  Study Circle  Songs  Videos Gallery
 Manifesto 2013  Philosophy  Poetry  Online Units  Media Corner  RAIDS/ARRESTS
 About MQM  Social Media  Pakistan Maps  Education  Links  Poll
 Web TV  Feedback  KKF  Contact Us        

ايم ڪيو ايم جي خلاف هڪ ڀيرو ٻيهر 92 جهڙي رياستي مشينري جو استعمال ڪيو پيو وڃي. ڊاڪٽر فاروق ستار.


ايم ڪيو ايم جي خلاف هڪ ڀيرو ٻيهر 92 جهڙي رياستي مشينري جو استعمال ڪيو پيو وڃي. ڊاڪٽر فاروق ستار.
 Posted on: 8/14/2015
ايم ڪيو ايم جي خلاف هڪ ڀيرو ٻيهر 92 جهڙي رياستي مشينري جو استعمال ڪيو پيو وڃي. ڊاڪٽر فاروق ستار.
لانڍي ۾ جشن آزادي جي تيارين ۾ مصروف ڪارڪنن جي گرفتارين مان ظاهر ٿي ويو آهي اسان کي جشن آزادي ملهائڻ کان روڪيو پيو وڃي.
لانڍي سيڪٽر جي يونٽن 89 ،84 ،83 ،82 ،81 ۽ 80  سميت 8 يونٽن مان سرڪاري اهلڪارن ڪارڪنن ۽ ذميوارن کي گرفتار ڪري حقيقي دهشت گردن جو قبضو ڪرايو آهي.
لانڍي ۾ رابطا ڪميٽي سان گڏجي ڊاڪٽر فاروق ستار جي پريس ڪانفرنس.
ڪراچي: 14 آگسٽ 2015 
            متحده قومي موومينٽ جي سينيئر رهنما ڊاڪٽر فاروق ستار چيو آهي ايم ڪيو ايم جي خلاف هڪ ڀيرو ٻيهر 92 جهڙي رياستي مشينري جو استعمال ڪيو پيو وڃي. لانڍي ۾ جشن آزادي جي تيارين ۾ مصروف ايم ڪيو ايم جي ڪارڪنن جي گرفتاري مان ظاهر ٿي ويو آهي ته اسان کي جشن آزادي ملهائڻ کان روڪيو پيو وڃي. انهن چيو ته لانڍي  سيڪٽر جي يونٽن 89 ،84 ،83 ،82 ،81 ۽ 80 سميت 8 يونٽن مان سرڪاري اهلڪارن ڪارڪنن ۽ ذميوارن کي گرفتار ڪري آس پاس ۾ حقيقي دهشت گردن کي ويهاري انهن جو قبضو ڪرايو آهي. اهو هڪ وڏو غير آئيني ۽ غير قانوني قدم آهي. انهن چيو ته ايم ڪيو ايم کي ڀت سان لڳايو پيو وڃي، پر جڏهن ته ٻئي طرف اختيار رکندڙ ڌرين جا بيان آهن ته اهي ايم ڪيو ايم جي سياسي ڍانچي جي خلاف نه آهن ۽ ايم ڪيو ايم کي ڀت سان لڳائڻ نه ٿا چاهيون ته پوءِ اها ڪهڙي قوت آهي جيڪا هڪ خاص مقصد جي تحت اسان جي خلاف ڪاروائي ڪري رهي آهي. انهن خيالن جو اظهار انهن رابطا ڪميٽي جي ميمبرن سان گڏجي پريس ڪانفرنس ڪندي ڪيو. ڊاڪٽر فاروق ستار چيو ته رات لانڍي ۾ ايم ڪيو ايم جا ڪارڪن عوام کي جناح گرائونڊ ۾ ٿيندڙ جشن آزادي جي پروگرام ۾ شرڪت جي لاءِ تيار ڪري رهيا هئا ته ان دوران رينجر اهلڪارن ڇاپو هڻي ڪري اسان جي بي گناھ ڪارڪنن کي گرفتار ڪري ورتو، انهن چيو ته اسان جا ڪارڪن جشن آزادي جي خوشين ۾ مصروف هئا. انهن چيو ته 24 ڪلاڪن ۾ جيڪڏهن اسان جي ڪارڪنن کي عدالت ۾ پيش نه ڪيو ويو ته پوءِ اهي به لاپتا ڪارڪنن ۾ شمار ڪيا ويندا. انهن چيو ته حقيقي دهشت گردن ۽ ڏوهاري ماڻهن کي لانڍي ۾ آڻي ڪري امن خراب ڪرڻ جي سازش ڪئي پئي وڃي، جناب الطاف حسين لانڍي جي پرامن عوام ۽ ڪارڪنن کي صبر جي تلقين ڪئي آهي ۽ لانڍي ۾ امن قائم رکڻ جي هدايت به ڪئي آهي ڇو ته جناب الطاف حسين جو نظريو ئي امن پسندي جو آهي. انهن وڌيڪ چيو ته حقيقي دهشت گرد رينجر اهلڪارن سان گڌجي ايم ڪيو ايم جي شهيد ڪارڪنن جي گهرن تي وڃي ڪري انهن کي ڌمڪيون ڏيئي رهيا آهن ته اهي حقيقي دهشت گردن جا نالا  ايف آئي آرز مان ڪڍرائي ڇڏين. . انهن چيو ته لانڍي مان حقيقي دهشت گرد واپارين کان ڀتو وٺي رهيا آهن ۽ انهن کي قتل جون ڌمڪيون به ڏيئي رهيا آهن ۽ هڪ ڀيرو ٻيهر لانڍي ۽ ڪورنگي سميت مختلف علائقن کي نوگوايريا بڻائڻ جون ڪوششون ڪيون پيون وڃن. انهن چيو ته لانڍي ، ڪورنگي ،لائينز ايريا۽ لياقت آباد کان پوءِ پاڪ ڪالوني ۾ به حقيقي دهشت گردن ايم ڪيو ايم جي جشن آزادي ڪيمپن تي فائرنگ ڪئي آهي ته جيئن اسان کي پاڪستان زنده آباد جو نعرو لڳائڻ ۽ پاڪستان جو جهنڊو بلند ڪرڻ کان روڪي سگهجي جيڪو ملڪ دشمني جو عمل آهي. هڪ سوال جي جواب ۾ انهن چيو ته ايم ڪيو ايم پنهنجي آئيني ، جمهوري ۽ پرامن جدوجهد کي جاري رکندي ۽ ناانصافين جي خلاف عوام کي حرڪت ۾ آڻيندي. انهن آرمي چيف جنرل راحيل شريف ۽ ڪورڪمانڊر سنڌ کان به مطالبو ڪيو ته اهي ان قسم جي ڪاروائين جو نوٽس وٺن. 
*****

6/30/2024 5:44:28 AM