Altaf Hussain  English News  Urdu News  Sindhi News  Photo Gallery
International Media Inquiries
+44 20 3371 1290
+1 909 273 6068
[email protected]
 
 Events  Blogs  Fikri Nishist  Study Circle  Songs  Videos Gallery
 Manifesto 2013  Philosophy  Poetry  Online Units  Media Corner  RAIDS/ARRESTS
 About MQM  Social Media  Pakistan Maps  Education  Links  Poll
 Web TV  Feedback  KKF  Contact Us        

سرڪاري اهلڪارن جي سرپرستي ۾ لانڍي جي مختلف علائقن ۾ حقيقي دهشت گردن جي قبضي جو نوٽس ورتو وڃي.


سرڪاري اهلڪارن جي سرپرستي ۾ لانڍي جي مختلف علائقن ۾ حقيقي دهشت گردن جي قبضي جو نوٽس ورتو وڃي.
 Posted on: 8/14/2015
سرڪاري اهلڪارن جي سرپرستي ۾ لانڍي جي مختلف علائقن ۾ حقيقي دهشت گردن جي قبضي جو نوٽس ورتو وڃي.
قائد تحريڪ جناب الطاف حسين.
جشن آزادي ملهائڻ وارن ايم ڪيو ايم جي ذميوارن ۽ ڪارڪنن کي گرفتار ڪيو پيو وڃي. جناب الطاف حسين.
لنڊن: 14 آگسٽ 2015 
            متحده قومي موومينٽ جي قائد جناب الطاف حسين وزير اعظم ميان نواز شريف، آرمي چيف جنرل راحيل شريف ۽ وفاقي وزير داخلا چوڌري نثار علي خان کان مطالبو ڪيو آهي ته سرڪاري اهلڪارن جي سرپرستي ۾ لانڍي جي مختلف علائقن ۾ حقيقي دهشت گردن جي قبضي جو نوٽس ورتو وڃي. رات جناب الطاف حسين ٽي وي چينل تي خصوصي ڳالھ ٻولھ ڪندي پوري قوم کي جشن آزادي جي مبارڪباد پيش ڪندي فرمايو ته يوم آزادي جي موقعي تي مان هڪ افسوسناڪ ڳالھ وزير اعظم ميان نواز شريف، وفاقي وزير داخلا چوڌري نثار علي خان ، آرمي چيف جنرل راحيل شريف ۽ سڄي ملڪ جي عوام جي علم ۾ آڻڻ چاهيان ٿو ته جڏهن کان ايم ڪيو ايم اهو اعلان ڪيو آهي ته اسان اسيمبلين ۾ رهون يا نه رهون پر جشن آزادي وڏي شاندار طريقي سان ملهائينداسين ته اڄ  صبح جو ئي لانڍي جي مختلف علائقن ۾ سرڪاري اهلڪارن ايم ڪيو ايم جي ذميوارن ۽ ڪارڪنن جون گرفتاريون شروع ڪري ڇڏيون هيون ۽ شام جو جشن آزادي جي تقريب جي تياري ڪرڻ وارن ايم ڪيو ايم جي ستن ذميوارن ۽ ڪارڪنن کي گرفتار ڪري ورتو. انهن فرمايو ته  سرڪاري اهلڪار جڏهن ايم 

ڪيو ايم جي ڪارڪنن کي گرفتار ڪرڻ پهتا ته حقيقي دهشت گرد نه صرف انهن سان گڏ هئا پر اهي سرڪاري اهلڪارن جي هيڊ ڪوارٽرن ۾ به موجود هئا. حقيقي دهشت گردن سرڪاري اهلڪارن جي سرپرستي ۾ لانڍي جي علائقي تي قبضو ڪري ورتو آهي ۽ انهن اتي پنهنجا مورچا قائم ڪري ورتا آهن، اهي ڏوهاري ماڻهو ايم ڪيو ايم جي ڪارڪنن کي گرفتار ڪرائي رهيا آهن ۽ علائقي جي عوام کان زبردستي کاڌو پيتو ۽ چانھ گهري انهن کي پريشان به ڪري رهيا آهن. جناب الطاف حسين وزير اعظم ميان نواز شريف، وفاقي وزير داخلا چوڌري نثار علي خان ۽ آرمي چيف جنرل راحيل شريف کان مطالبو ڪيو ته اهي وعدي جي مطابق لانڍي جي عوام کي رليف فراهم ڪن ۽ علائقن مان ڏوهاري حقيقي دهشت گردن جو قبضو ختم ڪرائين. 
*****

6/30/2024 5:45:41 AM