اڄ اسان اسلام آباد پريس ڪلب ۾ استعيفائن سان گڏ موجود آهيون، جيئن ئي مرڪزي قيادت اسان کي اشارو ڪندي، اسان پنهنجا استعيفا جمع ڪرائي ڇڏينداسين. طاهر کوکر.
اسلام آباد ۾ پريس ڪانفرنس.
اسلام آباد: 13 آگسٽ 2015
آزاد ڪشمير ۾ ايم ڪيو ايم جي پارليماني ليڊر طاهر کوکر چيو آهي ته اسان اسلام آباد پريس ڪلب ۾ استعيفائن سان گڏ موجود آهيون مرڪزي قيادت جڏهن اسان کي چوندي ته اسان پنهنجا استعيفا پيش ڪري ڇڏينداسين. انهن خيالن جو اظهار انهن اسلام آباد ۾ پريس ڪانفرنس ڪندي ڪيو. انهن چيو ته ڇو ته آزاد ڪشمير اسيمبلي جو دائرو پاڪستان ۾ نه ٿو اچي، آزاد ڪشمير جي پنهنجي هڪ آئيني حيثيت آهي، ان جي ڪري ڪالھ ڊاڪٽر فاروق ستار به چيو هو ته اسان آزاد ڪشمير جي باري ۾ اڃان ڪوئي به فيصلو نه ڪيو آهي. انهن چيو ته آزاد ڪشمير جي حوالي سان مرڪزي قيادت جڏهن به فيصلو ڪندي، اسان ان تي لبيڪ چونداسين ۽ پنهنجا استعيفٰي پيش ڪري ڇڏينداسين.
*****