Altaf Hussain  English News  Urdu News  Sindhi News  Photo Gallery
International Media Inquiries
+44 20 3371 1290
+1 909 273 6068
[email protected]
 
 Events  Blogs  Fikri Nishist  Study Circle  Songs  Videos Gallery
 Manifesto 2013  Philosophy  Poetry  Online Units  Media Corner  RAIDS/ARRESTS
 About MQM  Social Media  Pakistan Maps  Education  Links  Poll
 Web TV  Feedback  KKF  Contact Us        

آزادي جي حصول جي لاءِ جدوجهد ڪرڻ وارن جي قربانين جو احترام ڪرڻ گهرجي.قائد تحريڪ جناب الطاف حسين.


آزادي جي حصول جي لاءِ جدوجهد ڪرڻ وارن جي قربانين جو احترام ڪرڻ گهرجي.قائد تحريڪ جناب الطاف حسين.
 Posted on: 8/13/2015
آزادي جي حصول جي لاءِ جدوجهد ڪرڻ وارن جي قربانين جو احترام ڪرڻ گهرجي.قائد تحريڪ جناب الطاف حسين.
پاڪستان جي 68 هين يوم آزادي جي موقعي تي قائد تحريڪ جناب الطاف حسين جو پيغام ۽ سمورن پاڪستاني ڀائرن کي دلي مبارڪباد پيش.
لنڊن: 13 آگسٽ 2015 
            متحده قومي موومينٽ جي قائد جناب الطاف حسين سمورن پاڪستاني ڀائرن کي پاڪستان جي 68 هين يوم آزادي جي دلي مبارڪباد پيش ڪئي آهي. يوم آزادي جي موقعي تي پنهنجي هڪ خصوصي پيغام ۾ جناب الطاف حسين فرمايو ته آزادي الله تعالٰي جي هڪ نعمت آهي، اسان کي آزادي جي قدر ڪرڻ گهرجي. پاڪستان لکين مسلمانن جي جاني ۽ مالي قربانين کان پوءِ وجود ۾ آيو آهي ۽ اسان کي آزادي جي حصول جي لاءِ جدوجهد ڪرڻ  وارن ۽ قربانيون ڏيڻ وارن جي قربانين جو احترام ڪرڻ گهرجي. انهن فرمايو ته پاڪستان کي اڄ جن چيلنجن جو سامنو آهي، ان جو تقاضا آهي ته سمورين قومن، نسلن ۽ لساني قومن، فقهن ۽ مذهبن سان تعلق رکڻ وارڻ ماڻهن سان انصاف ڪيو وڃي. انهن کي انهن جا جائز حق ڏنا وڃن، انهن جي محرومي دور ڪئي وڃي ۽ سڀني سان هڪ جهڙو سلوڪ ڪيو وڃي. انهي صورت ۾ هڪ قوم جو تصور پروان چڙهي سگهي ٿو ۽ ملڪ ۾ قومي ڀائيچارو قائم ٿي سگهي ٿو. 
*****

6/30/2024 5:47:57 AM