Altaf Hussain  English News  Urdu News  Sindhi News  Photo Gallery
International Media Inquiries
+44 20 3371 1290
+1 909 273 6068
[email protected]
 
 Events  Blogs  Fikri Nishist  Study Circle  Songs  Videos Gallery
 Manifesto 2013  Philosophy  Poetry  Online Units  Media Corner  RAIDS/ARRESTS
 About MQM  Social Media  Pakistan Maps  Education  Links  Poll
 Web TV  Feedback  KKF  Contact Us        

ايم ڪيو ايم جي زير اهتمام شاھ فيصل ڪالوني ۾ فارميسي ۽ ليبارٽري سينٽر جو افتتاح ڪيو ويو.


ايم ڪيو ايم جي زير اهتمام شاھ فيصل ڪالوني ۾ فارميسي ۽ ليبارٽري سينٽر جو افتتاح ڪيو ويو.
 Posted on: 8/13/2015
ايم ڪيو ايم جي زير اهتمام شاھ فيصل ڪالوني ۾ فارميسي ۽ ليبارٽري سينٽر جو افتتاح ڪيو ويو.
ڪراچي: 13 آگسٽ 2015
            متحده قومي موومينٽ جي فلاحي اداري ڪي ڪي ايف جي زير اهتمام شاھ فيصل ڪالوني نمبر 2 ۾ ڪارڊڪ ايمرجنسي سينٽر جو افتتاح ڪيو ويو. فارميسي ۽ ليبارٽري جو افتتاح رابطا ڪميٽي جي ميمبرن شبير احمد قائم خاني،امين الحق ۽ ڪي ڪي ايف جي چيف ٽرسٽي ڊاڪٽر نصرت ڪيو. ان موقعي تي ڪارڊڪ سينٽر جي افتتاحي تقريب منعقد ڪئي وئي جنهن ۾ سابق حق پرست سينيٽر عبدالحسيب ۽ ٻين به شرڪت ڪئي. تقريب کي خطاب ڪندي شبير احمد قائم خاني چيو ته ڪي ڪي ايف فلاحي سرگرمين جو فعال ترين ادارو آهي ۽ اهو پنهنجي قيام کان وٺي ڪري انسانيت جي بغير ڪنهن فرق جي خدمت ڪري رهيو آهي. انهن چيو ته جناب الطاف حسين ڪي ڪي ايف جو قيام ڏکايل انسانيت جي خدمت جي لاءِ عمل ۾ آندو هو ۽ ان اداي جي تحت غريب نياڻين جي شادين جي جهيز جو انتظام ڪرڻ ۽ غريبن جي امداد جو سلسلو سڄو سال جاري رهي ٿو ۽ ان مان هزارين ماڻهو فائدو حاصل ڪن ٿا. تقريب کي رابطا ڪميٽي ميمبر امين الحق خطاب ڪندي چيو ته ايم ڪيو ايم کان علاوه ٻين سياسي جماعتن جو رجحان عوامي مسئلن جي بجاءِ هميشه ذاتي مفادن جي حصول ڏانهن رهيو آهي جڏهن ته قائد تحريڪ جناب الطاف حسين جي قيادت ۾ ايم ڪيو ايم واحد سياسي جماعت آهي جيڪا عوامي مسئلن جي حل جي لاءِ ڪوشان آهي ۽ فلاحي سرگرمين ۾ وڌي چڙهي ڪري حصو وٺندي رهي آهي. افتتاحي تقريب کي سابق حق پرست سينيٽر عبدالحسيب، سابق اسيمبلي ميمبرن نشاط ضياء قادري ۽ ارشد وهرٰي به خطاب به ڪيو.
*****

6/30/2024 5:44:47 AM