ايم ڪيو ايم ڪورنگي سيڪٽر جي لاپتا ڪارڪن محمد فهد عزيز جي والد سيد عبدالعزيز جي وفات تي ايم ڪيو ايم جي قائد جناب الطاف حسين جي طرفان دلي تعزيت ۽ افسوس جو اظهار.
لنڊن: 12 آگسٽ 2015
متحده قومي موومينٽ جي قائد جناب الطاف حسين ايم ڪيو ايم ڪورنگي سيڪٽر جي لاپتا ڪارڪن محمد فهد عزيز جي والد سيد عبدالعزيز جي وفات تي وڏي ڏک ۽ افسوس جو اظهار ڪيو آهي پنهنجي هڪ تعزيتي بيان ۾ جناب الطاف حسين مرحوم جي سمورن سوگوار پونئرن سان دلي تعزيت ۽ همدردي جو اظهار ڪندي انهن کي صبر جي تلقين ڪئي ۽ فرمايو ته ڏک جي ان گهڙي ۾ مون سميت ايم ڪيو ايم جا سمورا ڪارڪن اوهان جي ڏک ۾ برابر جا شريڪ آهن. جناب الطاف حسين دعا فرمائي ته الله تعالٰي مرحوم کي پنهنجي جوار رحمت ۾ اعلٰي مقام عطا فرمائي ۽ سوگوار پونئرن کي اهو صدمو برداشت ڪرڻ جو حوصلو عطا فرمائي. آمين. ان کان علاوه جناب الطاف حسين رينجر اهلڪارن جي طرفان گرفتاري کان پوءِ لاپتا ڪيل فهد عزيز جي جلد ۽ حفاظت سان بازيابي جي لاءِ دعا به ڪئي.
*****