Altaf Hussain  English News  Urdu News  Sindhi News  Photo Gallery
International Media Inquiries
+44 20 3371 1290
+1 909 273 6068
[email protected]
 
 Events  Blogs  Fikri Nishist  Study Circle  Songs  Videos Gallery
 Manifesto 2013  Philosophy  Poetry  Online Units  Media Corner  RAIDS/ARRESTS
 About MQM  Social Media  Pakistan Maps  Education  Links  Poll
 Web TV  Feedback  KKF  Contact Us        

ماورائي عدالت قتل ڪيل ايم ڪيو ايم شعبه اطلاعات جي ميمبر محمد هاشم شهيد کي شهداء قبرستان ياسين آباد ۾ مٽي ماءُ حوالي ڪيو ويو.


ماورائي عدالت قتل ڪيل ايم ڪيو ايم شعبه اطلاعات جي ميمبر محمد هاشم شهيد کي شهداء قبرستان ياسين آباد ۾ مٽي ماءُ حوالي ڪيو ويو.
 Posted on: 8/12/2015
ماورائي عدالت قتل ڪيل ايم ڪيو ايم شعبه اطلاعات جي ميمبر محمد هاشم شهيد کي شهداء قبرستان ياسين آباد ۾ مٽي ماءُ حوالي ڪيو ويو.
نام نهاد ڪراچي آپريشن اسان جي پراڻي ڪارڪن محمد هاشم کي به اسان کان جدا ڪري ڇڏيو. وسيم اختر.
تدفين کان پوءِ ميڊيا سان ڳالھ ٻولھ.
ڪراچي: 12 آگسٽ 2015 
             ماورائي عدالت قتل ڪيل متحده قومي موومينٽ شعبه اطلاعات جي ميمبر محمد هاشم شهيد جي ڄامشورو ۾ قبر ڪشائي کان پوءِ ڪراچي جي شهداء قبرستان ياسين آباد ۾ تدفين ڪئي وئي. ان کان اڳ شهيد جي جنازي نماز لياقت آباد10  نمبر ۾ ادا ڪئي وئي.جنازي نماز ۽ تدفين ۾ رابطا ڪميٽي جي ميمبرن ڪهف الورٰي ، اسلم آفريدي، گلفراز خان خٽڪ، عبدالحسيب، عارف خان، سيد امين الحق، مطيع الرحمٰن، ڪمال ملڪ ، اقبال مقدم، سي اي سي انچارج وسيم اختر،سابق حق پرست اسيمبلي ميمبرن ۽ ٻين کان علاوه شهيد جي مٽن مائٽن ۽ ڪارڪنن هزارن جي تعداد ۾ شرڪت ڪئي. ان موقعي تي وسيم اختر ميڊيا سان ڳالھ ٻولھ ڪندي چيو ته نام نهاد ڪراچي آپريشن اسان جي هڪ  ٻئي پراڻي ڪارڪن محمد هاشم کي به اسان کان جدا ڪري ڇڏيو. انهن چيو ته اسان گذريل ٻن سالن کان رڙيون ڪري ڪري چئي رهيا آهيون ته ڪراچي آپريشن جي آڙ ۾ اسان جي ڪارڪنن جو ماورائي عدالت قتل ڪيو پيو وڃي. جڏهن ته گرفتار ٿيلن کي بدترين تشدد جو نشانو به بڻايو پيو وڃي.انهن چيو ته حاليه آپريشن جي دوران اسان جي 40 کان وڌيڪ ڪارڪنن کي سخت ترين تشدد ڪري ماورائي عدالت قتل ڪيو ويو آهي، جڏهن ته 150 کان وڌيڪ ڪارڪن اڄ به لاپتا آهن ۽ هزارن جي تعداد ۾ ڪارڪن گرفتار آهن. انهن چيو ته اڄ هيومن رائيٽس ڪميشن ۽ انساني حقن جون ٻيون تنظيمون ۽ تجزيه نگار به ان ڳالھ جو کلي ڪري اظهار ڪري رهيا آهن ته ايم ڪيو ايم سان زيادتي ٿي رهي آهي. انهن چيو ته محمد هاشم شهيد جي تحقيقات بين الاقوامي تحقيقاتي ادارن کان ڪرائي وڃي ۽ ڊي جي رينجر ڪارڪنن جي قاتلن کي فوري طور تي گرفتار ڪن. انهن محمد هاشم شهيد جي سوگوار پونئرن سان دلي تعزيت جو اظهار ڪندي انهن جي مغفرت جي لاءِ دعا به ڪئي. 
*****

6/30/2024 5:47:57 AM