Altaf Hussain  English News  Urdu News  Sindhi News  Photo Gallery
International Media Inquiries
+44 20 3371 1290
+1 909 273 6068
[email protected]
 
 Events  Blogs  Fikri Nishist  Study Circle  Songs  Videos Gallery
 Manifesto 2013  Philosophy  Poetry  Online Units  Media Corner  RAIDS/ARRESTS
 About MQM  Social Media  Pakistan Maps  Education  Links  Poll
 Web TV  Feedback  KKF  Contact Us        

سينيٽ، قومي ۽ صوبائي اسيمبلين جي ميمبرن کي قائد تحريڪ جناب الطاف حسين جو زبرست خراج تحسين پيش.


سينيٽ، قومي ۽ صوبائي اسيمبلين جي ميمبرن کي قائد تحريڪ جناب الطاف حسين جو زبرست خراج تحسين پيش.
 Posted on: 8/12/2015
سينيٽ، قومي ۽ صوبائي اسيمبلين جي ميمبرن کي قائد تحريڪ جناب الطاف حسين جو زبرست خراج تحسين پيش.
حق پرست عوامي نمائندن همت ۽ جرت سان پنهنجا اسٽعيفٰي جمع ڪرائي پوري قوم جو سر فخر سان بلند ڪري ڇڏيو آهي. قائد تحريڪ جناب الطاف حسين.
نائن زيرو ۽ اسلام آباد ۾ رابطا ڪميٽي، حق پرست نممائندن ۽ شعبن جي ميمبرن کي خطاب.
لنڊن: 12 آگسٽ 2015 
            متحده قومي موومينٽ جي قائد جناب الطاف حسين فرمايو آهي ته سينيٽ، قومي ۽ صوبائي اسيمبلين جي حق پرست ميمبرن همت ۽ جرت سان پنهنجا اسٽعيفٰي جمع ڪرائي پوري قوم جو سر فخر سان بلند ڪري ڇڏيو آهي. اها ڳالھ انهن نائن زيرو ۽ اسلام آباد ۾ حق پرست سينيٽرن، قومي ۽ صوبائي اسيمبلين جي ميمبرن جي اجلاس کي ٽيليفونڪ خطاب ڪندي ڪئي. ان موقعي تي رابطا ڪميٽي ۽ شعبن جا ميمبر به موجود هئا. پنهنجي خطاب ۾ جناب الطاف حسين فرمايو ته حق پرست عوامي نمانئدن ايم ڪيو ايم کي سياسي انتقام جو نشانو بڻائڻ جي خلاف جهڙي طرح پنهنجن پنهنجن اسٽعيفائن جا جامع سبب بيان ڪيا آهن ۽ پيشاني تي گهنج وجهڻ کان سواءِ ئي لاڳاپيل ايوانن ۾ اسٽعيفٰي پيش ڪيا آهن ان تي مان سمورن حق پرست عوامي نمائندن کي شاباش ۽ خراج تحسين ڪريان ٿو. انهن فرمايو ته جڏهن انسان تمام تر خطرن جي باوجود همت ۽ جرت جو مظاهرو ڪري ٿو ته هر مشڪل آسان ٿي وڃي ٿي. جناب الطاف حسين فرمايو ته ايم ڪيو ايم هڪ سياسي جماعت نه بلڪه هڪ تحريڪ آهي جيڪا ايندڙ نسلن جي بهتر مستقبل جي لاءِ جدوجهد ڪري رهي آهي. حق پرستي جي جدوجهد انتهائي مشڪل آهي ۽ ان راھ ۾ ايندڙ سمورين رڪاوٽن جو صرف همت ۽ جرت سان ئي مقابلو ڪري سگهجي ٿو. انهن فرمايو ته حق جي جنگ بزدلي سان نه بلڪه جرت سان ئي وڙهي سگهجي ٿي. ان جي ڪري اسان کي گهرجي ته اسان الله تعالٰي کان سواءِ ڪنهن کان به نه ڊڄون  ۽ ايمانداري سان پنهنجي جدوجهد جاري رکون. جناب الطاف حسين فرمايو ته اڄ مان فخريه انداز ۾ اهو چوڻ چاهيان ٿو ته ڊاڪٽر فاروق ستار قومي اسيمبلي جي ايوان ۾ جيڪا تقرير ڪئي آهي اها هميشه هميشه جي لاءِ تاريخ جو حصو بڻجي وئي آهي. ان کي تاريخ ۾ ڪڏهن به وساري نه ٿو سگهجي ۽ ان تاريخي تقرير تي مان رابطا ڪميٽي پاڪستان ۽ لنڊن جي طرفان ۽ پوري قوم جي طرفان ڊاڪٽر فاروق ستار کي دل جي گهرائين سان زبردست خراج تحسين ۽ سلام تحسين پيش ڪريان ٿو.
*****

6/30/2024 5:44:57 AM