Altaf Hussain  English News  Urdu News  Sindhi News  Photo Gallery
International Media Inquiries
+44 20 3371 1290
+1 909 273 6068
[email protected]
 
 Events  Blogs  Fikri Nishist  Study Circle  Songs  Videos Gallery
 Manifesto 2013  Philosophy  Poetry  Online Units  Media Corner  RAIDS/ARRESTS
 About MQM  Social Media  Pakistan Maps  Education  Links  Poll
 Web TV  Feedback  KKF  Contact Us        

رينجر جي طرفان ايم ڪيو ايم جي ڪارڪنن ۽ همدردن جي بغير ڪنهن جواز جي گرفتارين تي ايم ڪيو ايم رابطا ڪميٽي جي طرفان مذمت جو اظهار.


رينجر جي طرفان ايم ڪيو ايم جي ڪارڪنن ۽ همدردن جي بغير ڪنهن جواز جي گرفتارين تي ايم ڪيو ايم رابطا ڪميٽي جي طرفان مذمت جو اظهار.
 Posted on: 8/9/2015 1
رينجر جي طرفان ايم ڪيو ايم جي ڪارڪنن ۽ همدردن جي بغير ڪنهن جواز جي گرفتارين تي ايم ڪيو ايم رابطا ڪميٽي جي طرفان مذمت جو اظهار.
ڪراچي: 9 آگسٽ 2015 
              ايم ڪيو ايم جي رابطا ڪميٽي رينجر جي طرفان ڪارڪنن ۽ همدردن جي لڳاتار گرفتارين جي سخت ترين لفظن ۾ مذمت ڪئي آهي. پنهنجي هڪ مذمتي بيان ۾ رابطا ڪميٽي چيو ته سيپٽمبر 2013  ڪراچي آپريشن جي آغاز کان وٺي ڪري اڄ تائين ايم ڪيو ايم جا 150 کان وڌيڪ ڪارڪن گرفتارين کان پوءِ لاپتا آهن جن کي اڄ تائين ڪنهن به عدالت ۾ پيش نه ڪيو ويو آهي. رابطا ڪميٽي چيو ته ملڪ کان دهشت گردي جي خاتمي ۽ بي گناھ ڪارڪنن جي لاپتا ڪرڻ جي وڌندڙ واقعن کي روڪڻ جي لاءِ مقننه رينجر ۽ ٻين قانون نافذ ڪرڻ وارن ادارن کي اهو اختيار ڏنو هو ته شڪ جي بنياد تي ڪنهن به شهري کي گرفتار ڪري ان کي 24 ڪلاڪن جي اندر عدالت ۾ پيش ڪري عدالتن جي ذريعي ان کان 90 ڏينهن تائين تفتيش ڪري سگهن ٿا. پر انهن خصوصي اختيارن جي باوجود ڪراچي ۾ ايم ڪيو ايم جي ڪارڪنن ۽ همدردن کي گرفتار ڪرڻ کان پوءِ لاپتا ڪيو پيو وڃي جيڪا مقننه جي طرفان ڏنل اختيارن ۽ انساني حقن جي کليل لتاڙ آهي. جڏهن ته ٻئي طرف ان قسم جا غير آئيني اقدام بين الاقوامي سطح تي پاڪستان جي بدنامي جو ڪارڻ به بڻجي رهيا آهن. رابطا ڪميٽي چيف جسٽس آف پاڪستان ، چيف جسٽس سنڌ هائي ڪورٽ، صدر مملڪت ممنون حسين، وزير اعظم ميان نواز شريف، آرمي چيف جنرل راحيل شريف ۽ لاڳاپيل ادارن جي بالا آفيسرن کان مطالبو ڪيو ته اهي ڪراچي ۾ رينجر ۽ ٻين قانون نافذ ڪرڻ وارن ادارن جي طرفان ايم ڪيو ايم جي ڪارڪنن ۽ همدردن سان جاري رکيل غير آئيني ۽ غير قانوني عملن کي فوري طور تي بند ڪرائين ۽ سمورن ادارن کي پابند ڪيو وڃي ته اهي آئين ۽ قانون جي دائري ۾ رهي ڪري ڪاروائيون ڪن.
*****


6/30/2024 5:47:24 AM