Altaf Hussain  English News  Urdu News  Sindhi News  Photo Gallery
International Media Inquiries
+44 20 3371 1290
+1 909 273 6068
[email protected]
 
 Events  Blogs  Fikri Nishist  Study Circle  Songs  Videos Gallery
 Manifesto 2013  Philosophy  Poetry  Online Units  Media Corner  RAIDS/ARRESTS
 About MQM  Social Media  Pakistan Maps  Education  Links  Poll
 Web TV  Feedback  KKF  Contact Us        

قائد تحريڪ جناب الطاف حسين ڀارتي حڪومت يا ڀارتي هائي ڪمشنر کي ڪوئي به خط نه لکيو آهي. ايم ڪيو ايم ترجمان.


قائد تحريڪ جناب الطاف حسين ڀارتي حڪومت يا ڀارتي هائي ڪمشنر کي ڪوئي به خط نه لکيو آهي. ايم ڪيو ايم ترجمان.
 Posted on: 8/7/2015 1
قائد تحريڪ جناب الطاف حسين ڀارتي حڪومت يا ڀارتي هائي ڪمشنر کي ڪوئي به خط نه لکيو آهي. ايم ڪيو ايم ترجمان.
لنڊن: 7 آگسٽ 2015 
              متحده قومي موومينٽ جي ترجمان ڪجھ مخالفن جي طرفان گذريل ڏينهن رابطا ڪميٽي جي ميمبرن جي طرفان سفارتڪارن ۽  انساني حقن جي تنظيمن کي لکيل خط کي قائد تحريڪ جناب الطاف حسين سان منسوب ڪرڻ جي سخت ترين لفظن ۾ مذمت ڪئي آهي. پنهنجي هڪ بيان ۾ ترجمان واضع لفظن ۾ چيو ته قائد تحريڪ جناب الطاف حسين جي طرفان ڀارتي حڪومت يا اسلام آباد ۾ موجود ڀارتي هائي ڪمشنر کي ڪوئي به خط نه لکيو ويو آهي ۽ ان باري ۾ ڪجھ مخالف سياسي رهنمائن ۽ ميڊيا جي هڪ مخصوص طبقي جي طرفان ڪيو ويندڙ پروفيگنڊو بلڪل غلط ۽ بي بنياد آهي. ترجمان چيو ته گذريل ڏينهن جنهن خط جو ذڪر ڪيو ويو هو اهو قائد تحريڪ جناب الطاف حسين جو نه بلڪه رابطا ڪميٽي جي ٽن ميمبرن جي طرفان لکيل هو، جنهن جي باري ۾ گذريل ڏينهن ئي وضاحت ڪئي وئي هئي ته اهو خط انساني حقن جي تنظيمن سان گڏو گڏ پنجاھ کان وڌيڪ ملڪن جي سفارتخانن کي به موڪليو ويو هو ۽ هڪ دفتري غلطي جي ڪري انڊين هائي ڪميشن کي به ارسال ٿي ويو هو پر ان وضاحت جي باوجود به ڪجھ ايم ڪيو ايم دشمن عناصر ايم ڪيو ايم کي بيجا تنقيد جو نشانو بڻائي رهيا آهن ۽ ان خط کي قائد تحريڪ جناب الطاف حسين سان منسوب ڪري عوام کي گمراھ ڪرڻ جي ڪوشش ڪري رهيا آهن جنهن جي جيتري به مذمت ڪئي وڃي اها گهٽ آهي.
*****


6/30/2024 5:44:27 AM