ايم ڪيو ايم جي سينيئر رهنما ڊاڪٽر فاروق ستار کي قومي اسيمبلي ۾ ايم ڪيو ايم جو پارليماني ليڊر ۽ ريحان هاشمي کي ڊپٽي پارليماني ليڊر مقرر ڪيو ويو آهي. رابطا ڪميٽي جي اجلاس ۾ فيصلو.
ڪراچي: 7 آگسٽ 2015
متحده قومي موومينٽ جي رابطا ڪميٽي پنهنجي هڪ اجلاس ۾ ايم ڪيو ايم جي سينيئر رهنما ڊاڪٽر فاروق ستار کي قومي اسيمبلي ۾ ايم ڪيو ايم جو پارليماني ليڊر مقرر ڪري ڇڏيو آهي ۽ جڏهن ته ريحان هاشمي کي ڊپٽي پارليماني ليڊر مقرر ڪيو ويو آهي. ايم ڪيو ايم جي قائد جناب الطاف حسين رابطا ڪميٽي جي فيصلي جي توثيق ڪري ڇڏي آهي.
*****