Altaf Hussain  English News  Urdu News  Sindhi News  Photo Gallery
International Media Inquiries
+44 20 3371 1290
+1 909 273 6068
[email protected]
 
 Events  Blogs  Fikri Nishist  Study Circle  Songs  Videos Gallery
 Manifesto 2013  Philosophy  Poetry  Online Units  Media Corner  RAIDS/ARRESTS
 About MQM  Social Media  Pakistan Maps  Education  Links  Poll
 Web TV  Feedback  KKF  Contact Us        

ڪالھ به پاڪ فوج جو احترام ڪندا هئاسين ۽ اڄ به ڪريون ٿا. قائد تحريڪ جناب الطاف حسين.


ڪالھ به پاڪ فوج جو احترام ڪندا هئاسين ۽ اڄ به ڪريون ٿا. قائد تحريڪ جناب الطاف حسين.
 Posted on: 8/6/2015 1
ڪالھ به پاڪ فوج جو احترام ڪندا هئاسين ۽ اڄ به ڪريون ٿا. قائد تحريڪ جناب الطاف حسين.
رينجر، پوليس ۽ سمورن قومي ادارن جي عزت ۽ احترام ڪريون ٿا.
وزير اعظم ميان نواز شريف، وزير داخلا چوڌري نثار ۽ آرمي چيف جنرل راحيل شريف کي اپيل ڪريون ٿا ته اهي لاپتا ۽ گرفتار ٿيلن کي فوري طور تي رها ڪرائين.
جنرل راحيل شريف خصوصي طور تي انهن مظلومن جي فرياد ٻڌن ۽ انهن کي انصاف ڏيارين.
لال قلعه گرائونڊ عزيز آباد ۾ ايم ڪيو ايم جي شهيدن، اسيرن ۽ لاپتا ڪيل ڪارڪنن جي گهر وارن جي ميڙ کي ٽيليفونڪ خطاب.
لنڊن: 6 آگسٽ 2015 
            متحده قومي موومينٽ جي قائد جناب الطاف حسين فرمايو آهي ته اسان ڪالھ به فوج جو احترام ڪنداهئاسين ۽ اڄ به ڪريون ٿا. اسان رينجر ، پوليس ۽ سمورن قومي ادارن جي عزت ۽ احترام ڪريون ٿا، فوج رينجر ۽ پوليس اسان جي آهي، انهن جا آفيسر، جوان ۽ انهن جا ڀائر ۽ ٻچا اسان جي ڀائرن ۽ ٻچن وانگر آهن. اسان اناپرست نه آهيون. اسان جو اهو ئي چوڻ آهي ته اسان جي ڳالھ ٻڌي وڃي. اسان جي شڪايتن جو ازالو ڪيو وڃي. ماڻهن کي انصاف فراهم ڪيو وڃي ۽ ماڻهن جي ڦٽن تي مرهم رکيو وڃي. انهن خيالن جو اظهار انهن لال قلعه گرائونڊ عزيز آباد ۾ ايم ڪيو ايم جي شهيدن، اسيرن ۽ لاپتا ڪيل ڪارڪنن جي گهر وارن جي ميڙ کي ٽيليفونڪ خطاب ڪندي ڪيو. ميڙ ۾ ايم ڪيو ايم جي شهيد ڪارڪنن جي پونئرن کان علاوه لاپتا ڪيل ڪارڪنن جي والدين،ڀائرن ۽ ڀينرن ۽ ٻچن هزارن جي تعداد ۾ شرڪت ڪئي. ان موقعي تي وڏا دردناڪ منظر به ڏسڻ ۾ آيا. شهيدن ،لاپتا ۽ اسير ڪارڪنن جا گهر وارا پاڻ تي ڪيل ظلمن جون داستانون بيان ڪندي پنهنجن جذبن تي قابو نه رکي سگهيا ۽ سڏڪا ڀري ڀري روئڻ لڳا.پنهنجي خطاب ۾ جناب الطاف حسين فرمايو ته جڏهن کان ايم ڪيو ايم جي تحريڪ وجود ۾ آئي آهي ته ان وقت کان وٺي ڪري اڄ تائين 37 سالن جي جدوجهد ۾ هزارين ساٿين پنهنجين جانين جا نذرانا پيش ڪيا. تمام تر ظلمن ۽ منفي پروفيگنڊن جي باوجود ايم ڪيو ايم اڄ تائين قائم آهي ته اها صرف شهيدن، حراست جي دوران وحشياڻي تشدد جي ڪري معذور ٿيلن، ڪوڙن الزامن ۾ قيد جون تڪليفون برداشت ڪرڻ وارن اسيرن ۽ لاپتا ڪيل ڪارڪنن جي قربانين جي صدقي ئي آهي.جناب الطاف حسين سمورن حق پرست شهيدن کي خراج عقيدت پيش ڪندي فرمايو ته شهيدن، اسيرن ۽ لاپتا ڪيل ڪارڪنن جي گهر وارن کي سلام آهي جو اهي سمورن ظلمن جي باوجود اڄ به تحريڪ سان جڙيل آهن.انهن فرمايو ته حق پرستي جي جدوجهد ۾ ايم ڪيو ايم جا هزاين ساٿي شهيد ٿي ويا. جيڪي هاڻي واپس نه ٿا اچي سگهن. اختيار رکندڙ ڌريون ۽ سيڪيورٽي ايجنسين جا آفيسر سوچين ته جنهن جو پٽ، ڀاءُ يا پيءُ هليو وڃي ۽ نياڻين جا ور شهيد ٿي وڃن ته انهن جي دل تي ڇا گذرندي. انهن فرمايو ته هر ملڪ ۾ پنهنجو قانون هوندو آهي،امن جي قيام جي لاءِ پوليس، ٿاڻا، عدالتون ۽ جيلون هونديون آهن.جيڪڏهن ڪوئي ماڻهو ڪنهن غير قانوني عمل ۾ ملوث هجي، ڪنهن تي ڪوئي مقدمو هجي يا اهو ڪنهن مقدمي ۾ گهربل هجي ته ان جي لاءِ هڪ قانون موجود آهي.قانون جي مطابق ان کي گرفتار ڪيو وڃي ٿو، ٿاڻي ۾ تفتيش ڪئي وڃي ٿي. عدالتن ۾ چالان پيش ڪيو وڃي ٿو ۽ پوءِ ان جو ٽرائل ڪيو وڃي ٿو.جيڪڏهن ملزم تي ڏوھ ثابت ٿي وڃي ته عدالت قانون جي مطابق ان کي سزا ڏيئي ٿي.انهن وڌيڪ فرمايو ته اهو قانوني طريقو آهي. ڪوئي به ان قانوني طريقه ڪار جي مخالفت نه ٿو ڪري سگهي. اسان به قانوني ڪاروائي جا هرگز مخالف نه آهيون. پر ڪنهن کي صرف ۽ صرف ايم ڪيو ايم سان وابسته هجڻ جي بنياد تي گرفتار ڪرڻ، گرفتاري کان پوءِ سرڪاري حراست ۾ وحشياڻي تشدد جو نشانو بڻائڻ،عدالت ۾ پيش ڪرڻ جي بجاءِ غائب ڪرڻ ۽ حراست جي دوران تشدد ڪري ان کي ماورائي عدالت قتل ڪري ڇڏڻ سراسر غلط آهي. ان عمل کي ڪنهن به مهذب معاشري ۾ جائز قرار ڏيئي نه ٿو سگهجي.  اسان جو احتجاج صرف انهي ڳالھ تي آهي ته ڪنهن به شهري کي گرفتار ڪري ماورائي عدالت قتل ڪرڻ ڪنهن به مهذب ملڪ ۾ نه ٿو ٿئي. ڪنهن ملڪ جي فوج، رينجر يا پوليس کي پنهنجن شهرين تي اهڙو ظلم نه ڪرڻ گهرجي.  انهن فرمايو ته گذريل ڏينهن ميڊيا جي ذريعي رينجر جي طرفان هڪ خط جاري ڪيو ويو آهي. جنهن ۾ 187 ماڻهن جي فهرست آهي ۽ خط ۾ اهو چيو ويو آهي ته ايم ڪيو ايم جي انهن ماڻهن کي قانون جي حوالي ڪيو وڃي. جيڪي 1992 کان وٺي ڪري اڄ تائين پوليس اهلڪارن جي قتلن ۾ ملوث آهن.اڄ ان اجتماع ۾ ايم ڪيو ايم جي شهيدن، اسيرن ۽ لاپتا ڪيل ڪارڪنن جي گهرن وارا موجود آهن. جيڪي سالن کان انصاف جا منتظر آهن. انهن مان گهڻا ئي ته اهڙا آهن جن کي گرفتار ڪري لاپتا ڪيو ويو آهي، گهڻن ئي ماورائي عدالت قتل ڪيلن جون ته لاشون ملي ويون پر جڏهن ته گهڻائي اهڙا آهن جيڪي اڄ تائين لاپتا آهن. چوڌري شجاعت حسين جيڪي 1998 ۾ وفاقي وزير داخلا جي حيثيت سان سينيٽ جي ايوان ۾ اهو بيان ڏيئي چڪا آهن ته نصير الله بابر جي زماني ۾ ايم ڪيو ايم جي گهڻڻ ئي ماڻهن کي ماري ڪري  اسلام آباد جي مارگلا جي ٽڪرين ۾ دفنايو ويو هو. ان تي نه ته عدالتن ڪوئي پاڻ مرادو نوٽس ورتو ۽ نه ئي مظلومن کي انصاف فراهم ڪرڻ جي لاءِ ڪوئي ڪميشن قائم ڪيو ويو. انهن جا پيارا ڪنهن کان انصاف گهرن. حاليه آپريشن جي دوران گرفتار ڪيل ڪيترا ئي ڪارڪن اڄ تائين لاپتا آهن جن جا گهر وارا پنهنجن پيارن جي بازيابي جي لاءِ در در تي ڀٽڪندا پيا وتن.آخر انهن ڪارڪنن کي گرفتار ڪري غائب ڪرڻ ڪٿان جو انصاف آهي؟ جيڪڏهن صلح صفائي ۾ اهڙي طرح جا ئي فيصلا ٿيڻ لڳن ته منهنجي خيال ۾ ڪوئي به صلح تي پهچي نه سگهندو.جناب الطاف حسين فرمايو ته اسان انا پرست نه آهيون، اسان جو اهو ئي چوڻ آهي ته اسان جي ڳالھ ٻڌي وڃي. اسان جي شڪايتن جو ازالو ڪيو وڃي، ماڻهن کي انصاف فراهم ڪيو وڃي ۽ ماڻهن جي ڦٽن تي مرهم رکيو وڃي. پنج ڏينهن اڳ ايم ڪيو ايم جي 12 ڪارڪنن کي ڄامشورو وٺان گرفتار ڪيو ويو، جيڪي هڪ شادي جي تقريب ۾ شرڪت جي لاءِ حيدرآباد وڃي رهيا هئا. انهن مان چار ڪارڪن ۽ همدرد اڄ تائين لاپتا آهن ۽ اڄ جي اجلاس جا انتظام ڪرڻ وارن ٻن ڪارڪنن کي به رينجر ڪورنگي کان گرفتار ڪري ورتو. منهنجو سوال اهو آهي ته ڇا شهيدن، لاپتا ڪيل ڪارڪنن ۽ اسير ڪارڪنن جي گهر وارن کي گاڏين ۾ سوار ڪرڻ ڪوئي ڏوھ آهي.  جناب الطاف حسين فرمايو ته اسان ڪالھ به پاڪ فوج جو احترام ڪنداهئاسين ۽ اڄ به ڪريون ٿا.گذريل ڏينهن قومي اسيمبلي جي اسپيڪر سردار اياز صادق صاحب سان ڳالھ ٻولھ جي دوران مان اهو ئي چيو هو ته اسان ڪالھ به فوج جو احترام ڪندا هئاسين ۽ اڄ به ڪريون ٿا. فوج، رينجر ۽ پوليس اسان جي آهي. انهن جا آفيسر، جوان ۽ انهن جا ٻار ٻچا اسان جي ڀائرن ۽ ٻچن وانگر آهن.  اسان سمورن قومي ادارن جي عزت ۽ احترام ڪريون ٿا،مان سردار اياز صادق جو شڪر گذار آهيان جو انهن قومي اسيمبلي جي ايوان کي آگاھ ڪيو. جناب الطاف حسين اجلاس جي سمورن شرڪاء کي مخاطب ڪندي فرمايو ته اوهان پنهنجن پيارن جي وڇڙڻ تي جنهن ڏک  مان گذري رهيا آهيو مان ان ڏک کي چڱي نموني سمجهان ٿو. مان 37 سال غريبن، محرومن ۽ مظلومن جي حقن جي جدوجهد ڪئي ۽ اڄ تائين ڪري رهيو آهيان. پر ٽي وي ٽاڪ شوز ۾ هر هنڌ هڪ ئي مطالبو ڪيو وڃي ٿو ته اسٽيبلشمينٽ مهاجرن جي خلاف هر ظلم بند ڪري ڇڏيندي. ڪارڪنن جي پڪڙڻ جو سلسلو به بند ٿي ويندو جيڪڏهن ايم ڪيو ايم کي الطاف حسين کان سواءِ هلايو وڃي.اوهان الله سائين کي گواھ بڻائي ڪري ٻڌايو ته ڇا قوم کي بچائڻ جي لاءِ اوهان الطاف حسين جي قرباني نه ٿا ڏيئي سگهو. جنهن تي اجتماع جي شرڪاء هڪ زبان ٿي ڪري چيو ته هرگز به نه. اسان پنهنجي آخري ساھ تائين  اوهان سان گڏ آهيون. ان موقعي تي پورو پنڊال اسان نه هجون اسان کان پوءِ الطاف الطاف جي هانوَ ڏاريندڙ نعرن جا گونجندو رهيو. جناب الطاف حسين فرمايو ته مون کي جلاوطني جي زندگي گذايندي 25 سال ٿي ويا لنڊن جا ساٿي گواھ آهن ته مان پنهنجن سڳن ڀائرن ۽ ڀينرن سان به نه مليو آهيان ۽ پنهنجن ساٿين سان گڏ اڪيلو زندگي گذاري رهيو آهيان. ان جدوجهد ۾ منهنجي 66 سالن جي ڀاءُ ناصر حسين ۽ 28 سالن جي ڀائيٽي عارف حسين کي شهيد ڪيو ويو. منهنجي پوري خاندان کي دربدر ڪيو ويو، پر مان ڪنهن به حڪومتي پيشڪش کي قبول نه ڪيو ۽ نه ڪنهن زميني طاقت جي اڳيان پنهنجو سر جهڪايو ۽ نه ئي آخري ساھ تائين جهڪائيندس.  جناب الطاف حسين شهيدن جي پونئرن ، اسيرن، لاپتا، معذورن ۽ زخمي ٿيندڙ ڪارڪنن جي گهر وارن کان پچيو ته جنهن ڏينهن تحريڪ اوهان کي چوي ته ريل جي ذريعي اسلام آباد پهچو ته ڇا اوهان اسلام آباد وڃڻ جي لاءِ تيار ٿي ويندو. ان تي اجلاس جي سمورن شرڪاء بلند آواز ۾ چيو ته اسان تيار آهيون. جناب الطاف حسين فرمايو ته 187 ڪارڪنن جي فهرست ڏيڻ جي بجاءِ انهن ماڻهن جا نالا  ۽ ايڊريسون اسان کي ڏنيون وڃن، جيڪڏهن اهي ڪنهن ڏوھ ۾ ملوث آهن ته اسان انهن کي اوهان جي حوالي ڪنداسين. پر پوءِ ان اجلاس ۾ ويٺل ماڻهن جي پٽن، ڀائرن ۽ مڙسن جي قاتلن کي به عدالت جي ڪٽهڙي ۾ آڻڻو پوندو. جناب الطاف حسين فرمايو ته  ٽي وي چينل رڙيون ڪري ڪري چئي رهيا آهن ته الطاف حسين ڊيلاس ۾ ايتري سخت تقرير ڪري ڇڏي، ان جو بدلو رينجر ۽ فوج ڪراچي ۾ وٺي رهي آهي. ان کان ايم ڪيو ايم جا رهنما ڊڄي ويا. انهن فرمايو ته نائن زيرو تي ڇاپن ، گرفتارين ۽ سمورين مشڪلاتن جي باوجود ڪيترائي رابطا ڪميٽي جا ميمبر ۽ ذميوار نائن زيرو تي تنظيمي خدمتون انجام ڏيئي رهيا آهن. مان انهن کي خراج تحسين پيش ڪريان ٿو. انهن فرمايو ته اسلام آباد ۾ سازش ٿي رهي آهي ته ڪجھ ماڻهن کي خريد ڪري هڪ نئين ايم ڪيو ايم بڻائي وڃي. انهن حاضرين کان سوال ڪيو ته جيڪڏهن ائين ٿيو ته اوهان ڇا ڪندو؟ ان تي حاضرين هڪ آواز ٿي ڪري جواب ڏنو ته اسان اوهان سان گڏ آهيون.  انهن چيو ته ڀلي ڪهڙي ئي سازش ڪري وٺجي، ڀلي ڪير به وڪامجي وڃي ، مون کي يقين آهي ته تحريڪ جي شهيدن، اسيرن ۽ لاپتا ڪيل ڪارڪنن جي گهر وارا الطاف حسين جو ساٿ نه ڇڏيندا، ٽي وين تي ڪيل منفي پروفيگنڊن  جو شڪار نه ٿيندا.  جناب الطاف حسين شهيدن ، لاپتا ۽ اسير ڪارڪنن جي گهر وارن کي چيو ته اهي پنهنجن پٽن، ڀائرن ۽ مڙسن جون تفصيلات تحرير ڪن ته جيئن ان کي پرنٽ ڪرائي انساني حقن جي ادارن تائين پهچائي سگهجي ۽ انهن کي ٻڌايو وڃي ته ايم ڪيو ايم جي ڪارڪنن ۽ حق پرست عوام سان ڪهڙو ظلم ٿي رهيو آهي. انهن فرمايو ته اسان کي چيو وڃي ٿو ته انصاف جي لاءِ عدالتن سان رجوع ڪريو، جڏهن عدالتون اسان جي نه ٻڌن ته اسان انصاف جي لاءِ ڪيڏانهن وڃون؟ انهن فرمايو ته مان آصف علي زرداري وانگر نه ٿو چئي سگهان، جن جنرلن جي باري ۾ تمام گهڻو گهٽ وڌ ڳالهايو،پر انهن کي ڇڏيو پيو وڃي ۽ مون کي نشانو بڻايو پيو وڃي. اجتماع ۾ موجود شهيدن جي پونئرن ، لاپتا ڪيل ڪارڪنن ۽ اسير ڪارڪنن جي پونئرن جڏهن پنهنجن پيارن جون داستانون روئي ڪري جناب الطاف حسين کي ٻڌايون ته جناب الطاف حسين به انهن جون ڳالهيون ٻڌي ڪري روئي پيو. انهن روئڻهاري آواز ۾ آرمي چيف جنرل راحيل شريف کي مخاطب ڪندي فرمايو ته اوهان انهن مظلومن جي فرياد ٻڌو ۽ ڏسو ته  ماڻهن تي ڪهڙو ظلم ٿي رهيو آهي. الله سائين جي واسطي انهن کي انصاف ڏياريو. انهن دعا ڪندي فرمايو ته الله سائين اسان کي انصاف عطا ڪر ۽ اسان جي غيب سان مدد ڪر. جناب الطاف حسين وزير اعظم ميان نواز شريف، وزير داخلا چوڌري نثار ۽ آرمي چيف جنرل راحيل شريف کي ايپل ڪئي ته اهي ايم ڪيو ا يم جي شهيد ڪارڪنن جي پونئرن کي انصاف ڏيارين ۽ لاپتا ڪيل ۽ گرفتار ڪيل ڪارڪنن کي رهائي ڏيارين ۽ انهن جي گهرن وارن کي انهن جي پيارن سان ملائين. انهن فرمايو ته مان سهاڳڻين جي مڙسن، ٻارن جي پيئرن، پوڙهن والدين کي انهن جي پٽن ۽ ڀائرن سان ملائڻ جي ڪوشش ڪندو رهندس. انهن وڪلا ڪميٽي کي به چيو ته اهي به لاپتا ساٿين جي گهر وارن کي انصاف ڏيارڻ جي لاءِ عدالتن جو دروازو کڙڪائين ۽ ان سلسلي ۾ ڀرپور ڪوشش ڪن. جناب الطاف حسين عوام کي به اپيل ڪئي ته اهي عطيات جمع ڪرائين ته جيئن مظلومن کي انصاف جي فراهمي  جي لاءِ وڪيلن جون خدمتون حاصل ڪري سگهجن.
*****

6/30/2024 5:45:41 AM