Altaf Hussain  English News  Urdu News  Sindhi News  Photo Gallery
International Media Inquiries
+44 20 3371 1290
+1 909 273 6068
[email protected]
 
 Events  Blogs  Fikri Nishist  Study Circle  Songs  Videos Gallery
 Manifesto 2013  Philosophy  Poetry  Online Units  Media Corner  RAIDS/ARRESTS
 About MQM  Social Media  Pakistan Maps  Education  Links  Poll
 Web TV  Feedback  KKF  Contact Us        

ڪالھ تائين چوڌري عبدالمجيد ايم ڪيو ايم جي قائد جناب الطاف حسين کي پنهنجو قائد مڃيندا هئا ۽ اڄ اهي ڪهڙي منھ سان انهن جي خلاف زبان استعمال ڪري رهيا آهن. آزاد ڪشمير اسيمبلي ۾ پارليماني ليڊر طاهر کوکر.


ڪالھ تائين چوڌري عبدالمجيد ايم ڪيو ايم جي قائد جناب الطاف حسين کي پنهنجو قائد مڃيندا هئا ۽ اڄ اهي ڪهڙي منھ سان انهن جي خلاف زبان استعمال ڪري رهيا آهن. آزاد ڪشمير اسيمبلي ۾ پارليماني ليڊر طاهر کوکر.
 Posted on: 8/6/2015 1
ڪالھ تائين چوڌري عبدالمجيد ايم ڪيو ايم جي قائد جناب الطاف حسين کي پنهنجو قائد مڃيندا هئا ۽ اڄ اهي ڪهڙي منھ سان انهن جي خلاف زبان استعمال ڪري رهيا آهن. آزاد ڪشمير اسيمبلي ۾ پارليماني ليڊر طاهر کوکر.
سليم بٽ سان گڏجي مظفر آباد ۾ پريس ڪانفرنس.
مظفر آباد: 6 آگسٽ 2015 
            ايم ڪيو ايم آزاد ڪشمير به وزير اعظم آزاد ڪشمير چوڌري عبدالمجيد کي 72 ڪلاڪن جو الٽيميٽم ڏيندي آزاد ڪشمير اسيمبلي ۾ ايم ڪيو ايم جي پارليماني ليڊر طاهر کوکر چيو ته وزير اعظم آزاد ڪشمير ۽ پي پي حڪومت ڪالھ تائين لنڊن فون ڪري جناب الطاف حسين سان ڳالھ ڪندا هئا ۽ انهن کي پنهنجو قائد مڃيندا هئا ۽ اڄ اهي ڪهڙي منھ سان جناب الطاف حسين جي خلاف زبان استعمال ڪري رهيا آهن. انهن خيالن جو اظهار انهن هنگامي پريس ڪانفرنس ڪندي ڪيو. ان موقعي تي سليم بٽ به موجود هئا. وزير اعظم آزاد ڪشمير پنهنجي ڪرپشن لڪائڻ ۽ ڪرندڙ ساک کي بچائڻ جي لاءِ ايم ڪيو ايم جي خلاف پروفيگنڊا ڪري رهيا آهن، جنهن جو مقصد صرف پوائنٽ اسڪورنگ ڪرڻ آهي ڇو ته اڄ تائين ڪنهن به عدالت ۾ ايم ڪيو ايم جي خلاف ڪوئي به الزام ثابت نه ٿي سگهيو آهي. انهن چيو ته اسان  ڪيترائي مهينا اڳ اسٽعيفٰائون ڏيئي ڇڏيون هيون. انهن چيو ته وزير اعظم پنهنجي چار ساله دور ۾ رياست جي سمورن ادارن کي تباھ ڪري ڇڏيو آهي، انهن جا ساٿي ۽ خاندان جا ماڻهو ميگا پراجيڪٽس ۾ ڪميشن وصول ڪري رهيا آهن ۽ انهن سرڪاري نوڪرين ۾ به لٽ مار مچائي رکي آهي. جنهن جو انهن کي هاڻي حساب ڏيڻو پوندو. انهن چيو ته عوام پي پي جي وزيرن کان سوال ڪرڻ شروع ڪري ڇڏيو هو ته اهي ڇا ڪري رهيا آهن ۽ ڪارڪردگي صرف ايم ڪيو ايم جي ٻن وزيرن ئي ڏيکاري هئي. انهن چيو ته انهن کي قوم کي اهو به ٻڌائڻو پوندو ته آصف علي زرداري پاڪ فوج جي باري ۾ گهٽ وڌ ڳالهايو ته ان وقت انهن جي حب الوطني ڪٿي هئي.انهن چيو ته 72 ڪلاڪن جي اندر جيڪڏهن انهن ايم ڪيو ايم تي الزام هڻڻ تي معافي نه ورتي ته اسان سمورا ثبوت قوم جي سامهون آڻينداسين. 
*****


6/30/2024 5:48:18 AM