ايم ڪيو ايم آمريڪا جي آرگنائيزنگ ڪميٽي شڪاگو، واشنگٽن ۽ هوسٽن جي ڪارڪنن کي تنظيمي نظم و ضبط جي لڳاتار خلاف ورزين ۽ غير سماجي سرگرمين ۾ ملوث هجڻ تي اڻ ڄاتل مدي تائين معطل ڪري ڇڏيو.
شڪاگو: 6 آگسٽ 2015
متحده قومي موومينٽ آمريڪا جي آرگنائيزنگ ڪميٽي جو هنگامي اجلاس منعقد ٿيو، جنهن ۾ ٻين معاملن کان علاوه تنظيم کي تحريڪ نه بلڪه رانڌ سمجهڻ وارن جي معاملن تي به تفصيلي ڳالھ ٻولھ ٿي. اجلاس ۾ آرگنائيزنگ ڪميٽي فيصلو ڪيو ته شڪاگو جي ڪارڪنن تحريم شاهد، آصف سليم، حارث عثماني ، طارق صديقي ۽ آصف خان جڏهن ته واشنگٽن جي ڪارڪنن مطلوب زيدي،شڪيل الدين، اورنگ زيب ۽ هوسٽن جي ذيشان مرزٰي کي به تنظيمي نظم و ضبط جي خلاف ورزين ۽ غير سماجي سرگرمين ۾ ملوث هجڻ تي انهن کي اڻ ڄاتل مدي تائين معطل ڪري ڇڏيو. آرگنائيزنگ ڪميٽي ذميوارن ۽ ڪارڪنن کي چيو ته اهي معطل ٿيل ماڻهن سان ڪنهن به قسم جو رابطو نه رکن.
*****