Altaf Hussain  English News  Urdu News  Sindhi News  Photo Gallery
International Media Inquiries
+44 20 3371 1290
+1 909 273 6068
[email protected]
 
 Events  Blogs  Fikri Nishist  Study Circle  Songs  Videos Gallery
 Manifesto 2013  Philosophy  Poetry  Online Units  Media Corner  RAIDS/ARRESTS
 About MQM  Social Media  Pakistan Maps  Education  Links  Poll
 Web TV  Feedback  KKF  Contact Us        

آزاد ڪشمير قانون ساز اسيمبلي جي ٻاهران جناب الطاف حسين جي خلاف قرارداد پيش ڪرڻ تي ايم ڪيو ايم جو احتجاجي مظاهرو.


آزاد ڪشمير قانون ساز اسيمبلي جي ٻاهران جناب الطاف حسين جي خلاف قرارداد پيش ڪرڻ تي ايم ڪيو ايم جو احتجاجي مظاهرو.
 Posted on: 8/6/2015 1
آزاد ڪشمير قانون ساز اسيمبلي جي ٻاهران جناب الطاف حسين جي خلاف قرارداد پيش ڪرڻ تي ايم ڪيو ايم جو احتجاجي مظاهرو.
اسان ڪنهن به قيمت تي جناب الطاف حسين کان الڳ ٿيڻ جو تصور نه ٿا ڪري سگهون. طاهر کوکر.
مظفر آباد: 6 آگسٽ 2015 
              آزاد ڪشمير قانون ساز اسيمبلي جي اجلاس ۾ قائد تحريڪ جناب الطاف حسين جي خلاف قرارداد پيش ڪرڻ تي آزاد ڪشمير قانون ساز اسيمبلي ۾ ايم ڪيو ايم جي پارليماني ليڊر طاهر کوکر ۽ ڪارڪنن وڏي تعداد ۾ آزاد ڪشمير قانون ساز اسيمبلي جي ٻاهران زبردست احتجاج ڪيو ۽ آزاد ڪشمير حڪومت جي تعصب واري رويي جي خلاف ۽ جناب الطاف حسين جي حق ۾ پرجوش نعري بازي به ڪئي. ان موقعي تي طاهر کوکر چيو ته قائد تحريڪ جناب الطاف حسين سڄي ملڪ جي مظلوم عوام جي اميدن جو واحد مرڪز آهن ۽ اسان ڪنهن به قيمت تي جناب الطاف حسين کان الڳ ٿيڻ جو تصور به نه ٿا ڪري سگهون. انهن چيو ته جناب الطاف حسين جو حق پرستي جو پيغام آزاد ڪشمير ۾ ڦيلجي چڪو آهي ۽ هر جڳھ تي جناب الطاف حسين جي چاهڻ وارا موجود آهن. آزاد ڪشمير جي حڪومت جنهن رستي تي هلي رهي آهي اهو کليل سياسي انتقام آهي جنهن جي اسان سخت مذمت ڪريون ٿا.طاهر کوکر آزاد ڪشمير جي وزير اعظم جي اسٽعيفٰي جو مطالبو ڪيو ۽ چيو ته جناب الطاف حسين کان پري ڪرڻ جو ڪوئي به هٿڪنڊو ۽ سازش ڪڏهن به ڪامياب ٿي نه ٿي سگهي. ان کان اڳ اسيمبلي ۾ اسپيڪر مائيڪ بند ڪرائي ڇڏيو جنهن تي طاهر کوکر احتجاجن واڪ آئوٽ به ڪيو.
*****

6/30/2024 5:44:27 AM