مظلومن کي گهربل بنيادي سهولتون فراهم ڪرڻ ايم ڪيو ايم جي اولين ترجيح آهي. ايم ڪيو ايم جي اسيمبلي ميمبر هير سوهو.
گهارو: 5 آگسٽ 2015
سنڌ اسيمبلي جي حق پرست ميمبر هير سوهو چيو آهي عوام کي بنيادي سهولتون فراهم ڪرڻ ايم ڪيو ايم جي اولين ترجيح آهي. انهن خيالن جو اظهار انهن شيخ عبدالمجيد سنڌي ڪالوني ۾ يوسي ڌاٻيجي ۾ پنهنجن فنڊن سان 11 ڪروڙ 60 لک روپين جي لاڳت سان تعمير ٿيندڙ واٽر سپلائي ۽ گندي پاڻي جي نيڪر جي اسڪيمن جي ڪمن جو معائنو ڪرڻ کان پوءِ ڳالھ ٻولھ ڪندي ڪيو. انهن چيو ته پوري ملڪ ۾ جتي به ايم ڪيو ايم جا نمائندا آهن اتي عملي تبديلي آئي آهي. انهن چيو ته جناب الطاف حسين جي خصوصي هدايت تي پوري سنڌ ۾ ايم ڪيو ايم جا چونڊيل نمائندا پنهنجن فنڊن سان اندرون سنڌ جي مختلف علائقن ۾ ترقياتي ڪم ڪرائي رهيا آهن ته جيئن شهري ۽ ٻهراڙي جي فرق کي مٽائي سگهجي.
*****