Altaf Hussain  English News  Urdu News  Sindhi News  Photo Gallery
International Media Inquiries
+44 20 3371 1290
+1 909 273 6068
[email protected]
 
 Events  Blogs  Fikri Nishist  Study Circle  Songs  Videos Gallery
 Manifesto 2013  Philosophy  Poetry  Online Units  Media Corner  RAIDS/ARRESTS
 About MQM  Social Media  Pakistan Maps  Education  Links  Poll
 Web TV  Feedback  KKF  Contact Us        

عمران خان جي خلاف آرٽيڪل 6 جي تحت غداري جو مقدمو قائم ڪيو وڃي. قومي اسيمبلي جا حق پرست ميمبر.


عمران خان جي خلاف آرٽيڪل 6 جي تحت غداري جو مقدمو قائم ڪيو وڃي. قومي اسيمبلي جا حق پرست ميمبر.
 Posted on: 8/5/2015 1
عمران خان جي خلاف آرٽيڪل 6 جي تحت غداري جو مقدمو قائم ڪيو وڃي. قومي اسيمبلي جا حق پرست ميمبر.
اسلام آباد: 5 آگسٽ 2015 
            قومي اسيمبلي جي حق پرست ميمبرن مطالبو ڪيو آهي ته تحريڪ انصاف جي سربراھ عمران خان جي خلاف آرٽيڪل 6 جي تحت غداري جو مقدمو قائم ڪيو وڃي. پنهنجي هڪ گڏيل بيان ۾ انهن عمران خان جي طرفان قائد تحريڪ جناب الطاف حسين جي خلاف بيهوده زبان استعمال ڪرڻ ۽ بهتان هڻڻ جي سخت ترين لفظن ۾ مذمت ڪندي چيو آهي ته اهو ڪهڙو تماشو آهي جو عمران خان خيرات به غنڊه گردي جي ذريعي گهري رهيو آهي. عمران خان پاڪستان جو سڀني کان وڏو زاني ۽ غدار آهي. جيڪو پنهنجي نياڻي کي به انصاف نه ڏيئي سگهيو آهي. انهن چيو ته عمران خان ڌرڻي جي آڙ ۾ ڊي چوڪ اسلام آباد ۾ 126 ڏينهن تائين سرڪس سجايو ته جيئن نواز شريف جي حڪومت کي ڪيرائي سگهجي. وفاقي وزير دفاع خواجه آصف جو بيان ريڪارڊ تي آهي ته سابق آئي ايس آئي جي سربراهن عمران خان جو ڌرڻو آرگنائيز ڪرايو. ان جي لاءِ انهن واپارين کان فنڊنگ به ڪرائي ۽ ميڊيا تي دٻاءُ وجهي ڪري ڌرڻي جي ڪوريج به ڪرائي. جنهن مان ثابت ٿئي ٿو ته عمران خان ڌرڻي جي آڙ ۾ جمهوريت جي خلاف سازش ڪري رهيا هئا ته جيئن اهي چور دروازي کان حڪومت ۾ اچي سگهن. انهن چيو ته ڌرڻي جي دوران پي ٽي آئي جي رهنمائن ۽ ڪارڪنن پي ٽي وي ۽ پارليامنيٽ تي حملو ڪيو. جنهن جي مبارڪباد عمران خان ڊاڪٽر عارف علوي کي ٽيليفون تي وٺندا رهيا. انهن مطالبو ڪيو ته جمهوريت ۽ جمهوري ادارن جي خلاف سازش ڪرڻ ۽ قومي تنصيبات تي حملا ڪرڻ جي الزام ۾ عمران خان تي آرٽيڪل 6 جي تحت مقدمو قائم ڪيو وڃي. انهن وڌيڪ چيو ته ايم ڪيو ايم پي ٽي آئي جي ميمبرن کي ڊي سيٽ ڪرڻ جي حوالي سان پنهنجي اصولي موقف تي قائم آهي ۽ آئين جي خلاف ڪوئي به فيصلو نه ڪندي. 
*****

6/30/2024 5:46:46 AM