Altaf Hussain  English News  Urdu News  Sindhi News  Photo Gallery
International Media Inquiries
+44 20 3371 1290
+1 909 273 6068
[email protected]
 
 Events  Blogs  Fikri Nishist  Study Circle  Songs  Videos Gallery
 Manifesto 2013  Philosophy  Poetry  Online Units  Media Corner  RAIDS/ARRESTS
 About MQM  Social Media  Pakistan Maps  Education  Links  Poll
 Web TV  Feedback  KKF  Contact Us        

جناب الطاف حسين تي ڪوڙا الزام لڳائڻ وارا جاويد هاشمي پاڻ سڀني کان وڏا ملڪ دشمن ۽ ڪوڙا آهن. قاسم علي رضا.


جناب الطاف حسين تي ڪوڙا الزام لڳائڻ وارا جاويد هاشمي پاڻ سڀني کان وڏا ملڪ دشمن ۽ ڪوڙا آهن. قاسم علي رضا.
 Posted on: 8/5/2015 1
جناب الطاف حسين تي ڪوڙا الزام لڳائڻ وارا جاويد هاشمي پاڻ سڀني کان وڏا ملڪ دشمن ۽ ڪوڙا آهن. قاسم علي رضا.
لنڊن: 5 آگسٽ 2015 
             متحده قومي موومينٽ جي رابطا ڪميٽي جي ميمبر قاسم علي رضا سينيئر سياستدان جاويد هاشمي جي بيان جي سخت مذمت ڪندي چيو آهي ته جناب الطاف حسين تي ڪوڙا الزام لڳائڻ وارا پاڻ سڀني کان وڏا ملڪ دشمن آهن. پنهنجي هڪ بيان ۾ قاسم علي رضا چيو ته جاويد هاشمي صاحب کي جناب الطاف حسين تي بهتان هڻڻ کان اڳ شرم اچڻ گهرجي ها. جناب الطاف حسين جي ان وضاحت کان پوءِ ته “ مان پنهنجي خطاب ۾ ڀارتي فوج  يا ڀارتي حڪومت کان مهاجرن کي ظلم کان بچائڻ جو ڪوئي مطالبو بلڪل نه ڪيو آهي” جي باوجود جيڪي عناصر انهن تي ڀارت کان مدد وٺڻ جا بي بنياد ۽ ڪوڙا الزام لڳائي رهيا آهن ۽ عوام کي گمراھ ڪري رهيا آهن، حقيقت ۾ اهي ئي ملڪ ۽ قوم جا سڀني کان وڏا دشمن آهن. انهن چيو ته جاويد هاشمي جي جماعت تحريڪ انصاف اسلام آباد ۾ ڌرڻي جي دوران پي ٽي وي ۽ پارليامينٽ تي حملو ڪيو پر ان وقت جاويد هاشمي صاحب جي حب الوطني آرام ڇو ڪري رهي هئي. قوم ڄاڻڻ چاهي ٿي ته انهن قومي تنصيبات تي حملو ڪرڻ تي عمران خان جي خلاف غداري جو مقدمو قائم ڪرڻ جو مطالبو ڇو نه ڪيو. قاسم علي رضا چيو ته جاويد هاشمي صاحب کي تعصب جي عينڪ لاهي ڪري حقيقتن جو مشاهدو ڪرڻ گهرجي ۽ منافقت واري ڳالھ ڪرڻ کان پاسو ڪرڻ گهرجي. 

6/30/2024 5:44:44 AM