رابطا ڪميٽي ميمبر شبير قائم خاني جي ڀيڻويي شفيق احمد جي وفات تي قائد تحريڪ جناب الطاف حسين جي طرفان افسوس جو اظهار.
لنڊن: 5 آگسٽ 2015
متحده قومي موومينٽ جي قائد جناب الطاف حسين ايم ڪيو ايم جي رابطا ڪميٽي جي ميمبر شبير احمد خاني جي ڀيڻويي شفيق احمد خان جي وفات تي وڏي ڏک ۽ افسوس جو اظهار ڪيو آهي. پنهنجي هڪ بيان ۾ جناب الطاف حسين شبير احمد قائم خاني سميت مرحوم جي سمورن سوگوار پونئرن سان دلي تعزيت ۽ همدردي جو اظهار ڪندي فرمايو ته ڏک جي ان گهڙي ۾ مون سميت ايم ڪيو ايم جا سمورا ڪارڪن اوهان جي ڏک ۾ برابر جا شريڪ آهن. جناب الطاف حسين دعا فرمائي ته الله تعالٰي مرحوم کي جنت الفردوس ۾ اعلٰي مقام عطا فرمائي ۽ سمورن سوگوار پونئرن کي اهو صدمو برداشت ڪرڻ جو حوصلو عطا فرمائي.آمين.
*****