متحده قومي موومينٽ جي سمورن شهيدن، لاپتا ڪيل ڪارڪنن، سخت تشدد جي ڪري زخمي ۽ معذورٿيندڙ ڪارڪنن، اسير ڪارڪنن ۽ همدردن جي گهر وارن جو هڪ هنگامي اجلاس 6 آگسٽ بروز خميس تي لال قلعه گرائونڊ عزيز آباد ۾ 5 وڳي ٿيندو.
اجلاس کي قائد تحريڪ جناب الطاف حسين خطاب فرمائيندا.
ڪراچي: 5 آگسٽ 2015
1992 کان وٺي ڪري اڄ تائين متحده قومي موومينٽ جي سمورن شهيدن، لاپتا ڪيل ڪارڪنن، حراست جي دوران سخت تشدد جي ڪري زخمي ۽ معذور ڪيل ڪارڪنن، اسير ڪارڪنن ۽ همدردن جي گهر وارن جو هڪ هنگامي اجلاس 6 آگسٽ بروز خميس تي شام جو 5 وڳي لال قلعه گرائونڊ عزيز آباد ۾ ٿيندو. اجلاس کي قائد تحريڪ جناب الطاف حسين خطاب فرمائيندا. ان کان علاوه رابطا ڪميٽي ايم ڪيو ايم جي سمورن شهيدن، اسيرن، لاپتا ڪيل ڪارڪنن ۽ تشدد جي ڪري زخمي ۽ معذور ڪيل ڪارڪنن ۽ همدردن جي گهر وارن کي اپيل ڪئي آهي ته اهي هنگامي اجلاس ۾ ڀرپور شرڪت ڪن.
*****