Altaf Hussain  English News  Urdu News  Sindhi News  Photo Gallery
International Media Inquiries
+44 20 3371 1290
+1 909 273 6068
[email protected]
 
 Events  Blogs  Fikri Nishist  Study Circle  Songs  Videos Gallery
 Manifesto 2013  Philosophy  Poetry  Online Units  Media Corner  RAIDS/ARRESTS
 About MQM  Social Media  Pakistan Maps  Education  Links  Poll
 Web TV  Feedback  KKF  Contact Us        

ڏکڻ پنجاب ۾ سيلاب جي تباھين جي ڪري ٿيندڙ جاني و مالي نقصان تي ايم ڪيو ايم رابطا ڪميٽي جي طرفان ڳڻتي جو اظهار.


ڏکڻ پنجاب ۾ سيلاب جي تباھين جي ڪري ٿيندڙ جاني و مالي نقصان تي ايم ڪيو ايم رابطا ڪميٽي جي طرفان ڳڻتي جو اظهار.
 Posted on: 8/4/2015 1
ڏکڻ پنجاب ۾ سيلاب جي تباھين جي ڪري ٿيندڙ جاني و مالي نقصان تي ايم ڪيو ايم رابطا ڪميٽي جي طرفان ڳڻتي جو اظهار.
ڪراچي: 4 آگسٽ 2015 
              متحده قومي موومينٽ جي رابطا ڪميٽي ڏکڻ پنجاب ۾ سيلاب جي تباهين جي ڪري ٿيندڙ جاني و مالي نقصان تي وڏي ڳڻتي جو اظهار ڪيو آهي.پنهنجي هڪ بيان ۾ رابطا ڪميٽي چيو ته سيلاب جي اڳواٽ اطلاعن جي باوجود پنجاب حڪومت جي طرفان ڏکڻ پنجاب جي ماڻهن کي تباهي کان بچائڻ جي لاءِ ڪي به قدم نه کنيا ويا. جنهن جي ڪري اتي وڏو جاني و مالي نقصان ٿيو آهي.رابطا ڪميٽي وڌيڪ چيو ته ڏکڻ پنجاب اڳ ۾ ئي وڏين ناانصافين جو شڪار آهي ۽ هاڻي ان سيلاب جي تباهين ۾ ان کي بي يارو مددگار ڇڏڻ سرائيڪي عوام سان وڏي ناانصافي ٿيندي. رابطا ڪميٽي وزير اعظم ميان نواز شريف ۽ وزير اعلٰي پنجاب ميان شهباز شريف کان مطالبو ڪيو آهي ته اهي ڏکڻ پنجاب جي عوام جي فوري طور تي سار سنڀال لهن ۽ انهن جي جاني و مالي نقصانن جو ازالو ڪن.
*****

6/30/2024 5:45:56 AM