Altaf Hussain  English News  Urdu News  Sindhi News  Photo Gallery
International Media Inquiries
+44 20 3371 1290
+1 909 273 6068
[email protected]
 
 Events  Blogs  Fikri Nishist  Study Circle  Songs  Videos Gallery
 Manifesto 2013  Philosophy  Poetry  Online Units  Media Corner  RAIDS/ARRESTS
 About MQM  Social Media  Pakistan Maps  Education  Links  Poll
 Web TV  Feedback  KKF  Contact Us        

سڄي دنيا ۾ مقيم پاڪستانين ايم ڪيو ايم جي قيادت کان جناب الطاف حسين جي دستبرداري جي رائي کي بلڪل رڌ ڪري ڇڏيو.


سڄي دنيا ۾ مقيم پاڪستانين ايم ڪيو ايم جي قيادت کان جناب الطاف حسين جي دستبرداري جي رائي کي بلڪل رڌ ڪري ڇڏيو.
 Posted on: 8/4/2015 1
سڄي دنيا ۾ مقيم پاڪستانين ايم ڪيو ايم جي قيادت کان جناب الطاف حسين جي دستبرداري جي رائي کي بلڪل رڌ ڪري ڇڏيو.
ايم ڪيو ايم جي ويب سائيٽ تي عوامي سروي ۾ 72 سيڪڙو ماڻهن دستبرداري جي رائي تي “ نه ” ۾ ووٽ ڏنو.
لنڊن: 4 آگسٽ 2015 
             پاڪستان سميت سڄي دنيا ۾ مقيم پاڪستانين جي اڪثريت ايم ڪيو ايم جي قيادت کان جناب الطاف حسين جي دستبرداري جي رائي کي بلڪل رڌ ڪندي چيو آهي ته ايم ڪيو ايم ۽ جناب الطاف حسين لازم ۽ ملزوم آهن.تفصيلات جي مطابق ايم ڪيو ايم جي ويب سائيٽ تي عوامي سروي جي ذريعي ايم ڪيو ايم جي قائد جناب الطاف حسين پچيو هو ته ڇا پارٽي ۽ قوم کي بچائڻ جي خاطر مون کي تحريڪ کان الڳ ٿي وڃڻ گهرجي؟ ايم ڪيو ايم ويب سائيٽ تي عوامي سروي ، ايم ڪيو ايم انٽرنيشنل سيڪريٽريٽ لنڊن ۾ ٽيليفون، فيڪس ۽ اي ميل جي ذريعي پاڪستان سميت سڄي دنيا ۾ مقيم پاڪستانين جناب الطاف حسين جي قيادت کان دستبرداري جي رائي کي بلڪل نامنظور ڪيو آهي. ايم ڪيو ايم ويب سائيٽ تي عوامي سروي ۾ 72 سيڪڙو کان وڌيڪ ماڻهن جناب الطاف حسين جي سوال تي “ نه ” ۾ ووٽ ڏيئي ڪري ايم ڪيو ايم جي قيادت کان انهن جي دستبرداري جي رائي کي بلڪل رڌ ڪري ڇڏيو آهي. ان کان علاوه پاڪستان سميت دنيا جي مختلف ملڪن ۾ مقيم ايم ڪيو ايم جي ذميوارن، ڪارڪنن ۽ همدردن ٽيليفون، فيڪس ۽ اي ميل جي ذريعي ايم ڪيو ايم جي قيادت کان جناب الطاف حسين جي دستبرداري جي رائي کي نامنظور ڪندي چيو آهي ته قائد تحريڪ جناب الطاف حسين ۽ ايم ڪيو ايم لازم و ملزوم آهن ۽ ظلم جو ڪوئي به هٿڪنڊو ڪارڪنن ۽ عوام جي دلين مان جناب الطاف حسين جي محبت کي ختم نه ٿو ڪري سگهي. انهن چيو ته حالتون ڀلي ڪيتريون به ڏکيون ڇو نه هجن پر ايم ڪيو ايم جا ڪارڪن ۽ عوام جناب الطاف حسين جي قيادت ۾ جدوجهد ڪندا رهندا.
*****

6/30/2024 5:46:45 AM