Altaf Hussain  English News  Urdu News  Sindhi News  Photo Gallery
International Media Inquiries
+44 20 3371 1290
+1 909 273 6068
[email protected]
 
 Events  Blogs  Fikri Nishist  Study Circle  Songs  Videos Gallery
 Manifesto 2013  Philosophy  Poetry  Online Units  Media Corner  RAIDS/ARRESTS
 About MQM  Social Media  Pakistan Maps  Education  Links  Poll
 Web TV  Feedback  KKF  Contact Us        

پاڪستان ۾ ايم ڪيو ايم جي ماڻهن سان ٽئين درجي جي شهرين جهڙو سلوڪ ڪيو پيو وڃي. قائد تحريڪ جناب الطاف حسين.


پاڪستان ۾ ايم ڪيو ايم جي ماڻهن سان ٽئين درجي جي شهرين جهڙو سلوڪ ڪيو پيو وڃي. قائد تحريڪ جناب الطاف حسين.
 Posted on: 8/4/2015 1
پاڪستان ۾ ايم ڪيو ايم جي ماڻهن سان ٽئين درجي جي شهرين جهڙو سلوڪ ڪيو پيو وڃي. قائد تحريڪ جناب الطاف حسين.
منهنجي تقرير تي واويلا ڪرڻ وارا ٻڌائين ته جيڪي منهنجا ساٿي ماورائي عدالت قتل ڪيا ويا آهن مان انهن کي ڪٿان آڻيان؟
مان ملڪ جو خزانو نه لٽيو آهي ۽ مان پنهنجن ڀائرن، ڀائيٽن ۽ ڀاڻيجن کي ايم اين اي، ايم پي اي يا وزير نه بڻايو آهي ۽ پوري ملڪ ۾ مان ڪٿي به هڪ گز زمين به حاصل نه ڪئي آهي. جناب الطاف حسين.
ميرپورخاص، سکر، نواب شاھ، سانگهڙ، ٽنڊو الهيار ۽ ڄامشورو زونن جي ذميوارن ۽ ڪارڪنن کي خطاب.
لنڊن: 4 آگسٽ 2015 
             متحده قومي موومينٽ جي قائد جناب الطاف حسين فرمايو آهي ته پاڪستان ۾ ايم ڪيو ايم جي ماڻهن سان ٽئين درجي جي شهرين جهڙو سلوڪ ڪيو پيو وڃي، انهن کي غير قانوني طور تي گرفتار ڪري وحشياڻي تشدد جو نشانو بڻايو پيو وڃي ۽ اسان کي عدالتن کان به انصاف نه ملي رهيو آهي. انهن فرمايو ته ڪوئي به ملڪ مذهب، لسانيت، ثقافت، ڪلچر يا زبان جي بنياد تي پنهنجن ماڻهن کي ظلم جو نشانو بڻائي ته مظلوم قوم پنهنجي تحفظ جي لاءِ اقوام متحده سان رجوع ڪري سگهي ٿي. اڄ تائين ماورائي عدالت قتلن ۾ ملوث ڪنهن هڪ به فوجي يا پوليس واري کي گرفتار نه ڪيو ويو آهي ۽ نه ئي ڪنهن کي سزا ڏني وئي آهي. ان ظلم ۽ ناانصافي تي مان عالمي عدالت جو دروازو نه کڙڪايان ته انصاف جي لاءِ ڪنهن جو دروازو کڙڪايان؟ اها ڳالھ انهن ميرپورخاص، سکر، نواب شاھ، سانگهڙ، ٽنڊو الهيار۽ ڄامشورو زونن جي ذميوارن ۽ ڪارڪنن سان ڳالھ ٻولھ ڪندي فرمائي.پنهنجي خطاب ۾ جناب الطاف حسين فرمايو ته گذريل 37 سالن کان مهاجرن کي انهن جا جائز حق ڏيڻ جي بجاءِ طاقت جي زور تي انهن جي آواز کي ڪڇليو پيو وڃي ۽ مان مهاجرن سان زندگي جي هر شعبي ۾ ٿيندڙ امتيازي سلوڪ جي خلاف جدوجهد ڪندو پيو اچان. انهن فرمايو ته اي پي ايم ايس او جي قيام جي جدوجهد جي ڏوھ ۾ 3 فيبروري 1981 تي اسان کي ڪراچي يونيورسٽي ۽ ٻين تعليمي ادارن مان جماعت اسلامي جي شاگرد تنظيم جي ٿنڊر اسڪواڊ بندوق جي زور تي ڪڍي ڇڏيو هو. اسان پنهنجي جدوجهد جاري رکي ۽ ڪراچي جي علائقن ۾ پنهنجو نظريو ۽ پيغام ڦيلائڻ شروع ڪري ڇڏيو. تنظيم سازي ڪئي ته جيئن تحريڪي ڪم کي منظم انداز ۾ هلائي سگهجي. ان مقصد جي لاءِ 26 سرڪل ۽ 200 يونٽ قائم ڪيا ويا. جناب الطاف حسين اسپتال ۽ يونيورسٽي جي مثال ڏيندي فرمايو ته جهڙي طرح ڪنهن به وڏي اسپتال يا يونيورسٽي ۾ الڳ الڳ شعبا هوندا آهن جن جي الڳ الڳ ذميواري هوندي آهي، اهڙي طرح پوري دنيا به ملڪن ۾ ورهايل آهي. جيئن جيئن دنيا وڌڻ لڳي ته مختلف ملڪن ۾ جهيڙا به وڌڻ لڳا، مختلف ملڪن جا اهي جهيڙا 1914 ۾ پهرين جنگ عظيم ۽ 1935 ۾ ٻئي جنگ عظيم جو ڪارڻ بڻيا. طاقتور ملڪ ڪمزور ملڪ تي قبضو ڪندو رهيو پر جن ملڪن تي قبضو ڪيو ويندو هو اهي مجبوري جي ڪري غيرن جو قبضو قبول ڪري وٺندا هئا ڇو ته اهي مقابلي ڪرڻ جي طاقت نه رکندا هئا. پر اهي ذهني طور تي قابض قوتن جي اڳيان هٿيار نه اڇلائيندا هئا. جڏهن دنيا ڏٺو ته اهڙي طرح اهي ملڪ ۽ ماڻهو زنده رهندا جن وٽ طاقت هوندي ۽ ڪمزور ملڪن تي يا ته قبضو ٿي ويندو يا سڀئي ڪمزور ماڻهو ماريا ويندا، ته پوءِ ان جو حل ڪڍيو ويو ۽ ليگ آف نيشن جو قيام عمل ۾ آندو ويو. جناب الطاف حسين فرمايو ته دنيا جي ملڪن جي اها تنظيم اڄ اقوام متحده جي شڪل ۾موجود آهي. مختلف ملڪن جي پاڻ ۾ جهيڙن جي صورت ۾ اقوام متحده جي سلامتي ڪائونسل ڪنهن ملڪ جي خلاف قرارداد پاس ڪري ٿي يا سوموٽو ايڪشن وٺي ڪري ڏاڍ ڪرڻ واري ملڪ کي نوٽس ڏيئي ڇڏي ٿي ته فلاڻي ڏينهن نيٽو جي فوج  ان ملڪ جو ڪنٽرول سنڀالي وٺندي ته جيئن ڪوئي طاقتور ملڪ ڪنهن ملڪ کي نقصان نه پهچائي سگهي. هن وقت به پوري دنيا جي 2 درجن کان وڌيڪ ملڪن ۾ اقوام متحده جي فوج تعينات آهي. جن ۾ سيريا( شا۾) اردن، يمن ، افغانستان ۽ عراق شامل آهن. انهن وڌيڪ فرمايو ته اقوام متحده جڏهن اهو ڏسي ٿي ته فلاڻي ملڪ ۾ امن و امان جي قيام جا ذميوار ادارا مذهب، ثقافت، ڪلچر، نسل ۽ زبان جي بنياد تي ڪنهن گروپ کي ظلم جو نشانو بڻائي رهيا آهن ته اها عوام جي جان و مال جي تحفظ جي لاءِ پنهنجو ڪردار ادا ڪري ٿي. جناب الطاف حسين فرمايو ته اسپتال ۽ يونيورسٽي وانگر اقوام متحده ۾ به مختلف شعبا هوندا آهن جن ۾ هيومن رائيٽس، ماورائي عدالت قتل، ڪنهن ملڪ جي شهرين تي تشدد ۽ انهن جي گم ٿيڻ جي معاملن جو جائزو وٺڻ کان علاوه مذهب، لسانيت، ثقافت ۽ زبان جي بنياد تي امتيازي سلوڪ ۽ ظلم جو جائزو وٺڻ جا به شعبا شامل آهن. انهن فرمايو ته مان بلڪل چيو هو ته ماڻهو خط لکي ڪري اقوام متحده کي ٻڌائين ته مهاجرن تي ظلم ڪيا پيا وڃن، اقوام متحده ۽ نيٽو پنهنجي فوج موڪلي ڇو ته پاڪستان ۾ ايم ڪيو ايم جي ماڻهن سان ٽئين درجي جي شهرين جهڙو سلوڪ ڪيو پيو وڃي. ان تي چيو پيو وڃي ته مان اقوام متحده يا نيٽو فوج گهرائڻ جي ڳالھ ڪئي آهي. ان بنياد تي مون کي غدار قرار ڏنو پيو وڃي.  مان اها ڳالھ ان جي ڪري ڪئي ته منهنجن ماڻهن کي غير قانوني طور تي گرفتار ڪري وحشياڻي تشدد جو نشانو بڻايو پيو وڃي، جڏهن ڦٽن ۾ زخمي گرفتار ٿيلن کي عدالت ۾ پيش ڪيو وڃي ٿو ۽ ايم ڪيو ايم جو ڪارڪن جج کي چوي ٿو ته مون تي تشدد ڪيو ويو آهي ۽ تشدد سان منهنجا گردا ناڪاره ٿي ويا آهن ۽ پيشاب ۾ رت به اچي رهيو آهي ته جج جواب ۾ چوي ٿو ته پاڻي گهڻو پيئو ۽ پوءِ ان جو وڌيڪ ريمانڊ ڏنو وڃي ٿو ته جيئن ان کي وڌيڪ تشدد جو نشانو بڻايو وڃي. هاڻي جيڪڏهن عدالت به مظلومن کي انصاف فراهم نه ڪري ۽ پاڪستان ۾ ڪوئي به اسان جي فرياد نه ٻڌي ته پوءِ مان ڪيڏانهن وڃان؟ ڪنهن جي اڳيان فرياد ڪريان؟ ڪنهن کان انصاف گهران؟ انهن فرمايو ته چون ٿا ته الطاف حسين وڏو ظلم ڪري ڇڏيو، اهڙو بيان ڏيئي ڪري پاڪستان ۾ رابطا ڪميٽي کي مصيبت ۾ وجهي ڇڏيو ۽ ايم ڪيو ايم جي ماڻهن کان جواب نه پيو ڏنو وڃي ته مان سمورن ڪارڪنن کي اهو چوڻ چاهيان ٿو ته اوهان تمام گهڻيون قربانيون ڏيئي ڇڏيون، منهنجي خاطر پاڻ کي وڌيڪ مصيبت ۾ نه وجهو. اها طاقتور اسٽيبلشمينٽ مون کي قتل به ڪرائي سگهي ٿي. اوهان کي تشدد جو نشانو بڻائي ۽ ايم ڪيو ايم جو ميڊيا ٽرائل ڪري بددل به ڪري سگهي ٿي. ان کان پهرين جو اوهان بددل ٿي وڃو مان پاڻ اوهان جي جان ڇڏي ڏيان يا اوهان مون کي ڇڏي ڏيو. ان تي سمورن ڪارڪنن هڪ زبان ٿي ڪري چيو ته اوهان جيڪو به چيو آهي اهو سچ آهي ۽ اسان هر قسم جي حالتن کي منھ ڏيڻ جي لاءِ تيار آهيون. پر اوهان کي هرگز به نه ڇڏينداسين. جناب الطاف حسين فرمايو ته پوءِ هڪ ڳالھ دماغ ۾ ويهاري ڇڏيو ته مان ظلم کي ظلم کي چوندو رهندس ڇو ته مان ڪوڙ نه ٿو ڳالهائي سگهان. ڪراچي آپريشن جي آڙ ۾ ايم ڪيو ايم جي درجنين ڪارڪنن کي شهيد ڪيو ويو آهي، ماورائي عدالت قتل ڪيل ڪارڪنن جون پٽيشنون عدالتن ۾ موجود آهن پر اڄ تائين ماورائي عدالت قتلن ۾ ملوث ڪنهن هڪ به فوجي اهلڪار ۽ پوليس واري کي نه ته گرفتار ڪيو ويو آهي ۽ نه ئي ڪنهن کي سزا ڏني وئي آهي. ان ظلم ۽ کليل ناانصافي تي مان عالمي عدالت جو دروازو نه کڙڪايان ته انصاف جي لاءِ ڪهڙي دروازي تي وڃان؟ جناب الطاف حسين فرمايو ته ڪوئي ملڪ، مذهب، لسانيت، ثقافت،ڪلچر يا زبان جي بنياد تي پنهنجن ماڻهن کي ظلم جو نشانو بڻائي ته مظلوم قوم پنهنجي تحفظ جي لاءِ اقوام متحده سان رجوع ڪري سگهي ٿي. انهن فرمايو ته اسان جا ماڻهو لاپتا ٿي رهيا آهن، ماورائي عدالت قتل ٿي رهيا آهن، منهنجي تقرير تي جيڪي ماڻهو واويلا ڪري رهيا آهن مان انهن کان سوال ڪريان ٿو ته منهنجا جيڪي ساٿي ماورائي عدالت ڪيا ويا آهن، جيڪي غائب ڪيا ويا آهن مان انهن کي ڪٿان آڻيان.انهن فرمايو ته جيڪڏهن ڪوئي اهو چوي ٿو ته عدالتون آزاد آهن ته اهو ڪوڙ ڳالهائي ٿو ڇو ته اسان جي ڪيترن ئي لاپتا ڪيل ساٿين جا گهر وارن سپريم ڪورٽ ۾ درخواستون دائر ڪري رکيون آهن پر هن مهل تائين ڪنهن جو به جواب آيو؟ لاپتا ڪرڻ  واري ڪنهن هڪ به ماڻهو کي سزا ٿي؟ اهو ڪهڙي آئين ۽ قانون ۾ لکيل آهي ته اوهان ڪنهن کي گرفتار ڪريو، غير قانوني حراست ۾ رکو ۽ ٽارچر ڪري ان کي ماري ڇڏيو؟ جيڪڏهن ڪوئي اهڙو ڪري ٿو ته اهو به قتل جو مرتڪب ٿئي ٿو ۽ ان تي به قتل جو مقدمو قائم ٿيڻ کپي. انهن فرمايو ته سڄي دنيا ۾ جتي به ڪنهن قوم جي بي گناھ ماڻهن کي قتل ڪيو وڃي ٿو ته اها انصاف جي لاءِ اقوام متحده  ئي وڃي ٿي. منهنجو اهو چوڻ آهي ته اقوام متحده جي ٽيم پاڻ ڏسي ته ظلم ڪير ڪري رهيو آهي. جيڪڏهن ايم ڪيو ايم وارا ظلم ڪري رهيا آهن ته انهن کي سزا ڏني وڃي ۽ جيڪڏهن ڪنهن وردي واري ظلم ڪيو آهي ته ان کي به سزا ڏني وڃي.  جناب الطاف حسين فرمايو ته مون تي تنقيد ڪرڻ وارا جواب ڏين ته جنرل ضياء الحق جي سربراهي ۾ فوج فلسطينن جي خلاف ڪاروائي جي لاءِ اردن ڇو وئي هئي؟ فوج صوماليه ڇو وئي هئي؟ 1965 جي جنگ بند ڪرائڻ جي لاءِ پاڪستان آمريڪا کي درخواست ڇو ڪئي هئي؟ وزير اعظم ميان نواز شريف ڪارگل جي جنگ بند ڪرائڻ جي لاءِ آمريڪا ڇو ويا هئا. سياچن جو علائقو ڀارت جي حوالي ڪنهن ڪيو؟ جنرل ضياء الحق اهو ڇو چيو ته سياچن جي علائقي ۾ ته گاھ به نه ٿو ڦٽي. جڏهن افغانستان کان آمريڪا ۽ نيٽو جي فوج  جي واپسي جو معاملو آيو ته پاڪستان جي طرفان اهو ضد ڇو ڪيو ويو ته آمريڪا ۽ نيٽو جي فوج واپس نه وڃي؟ جيڪڏهن اسان کي پنهنجي مٿان ڀروسو آهي ته اسان ٻين سان دفاعي معاهدا ڇو ڪريون ٿا؟ ڇا پاڪستان جي ٽٽڻ ۽ 93 هزار فوجين جي طرفان  هٿيار اڇلائڻ جا ذميوار اسان آهيون؟ جناب الطاف حسين فرمايو ته مان ملڪ جو خزانو نه لٽيو آهي، مان پنهنجن ڀائرن ۽ ڀائيٽن ۽ ڀاڻيجن کي ايم اين اي، ايم پي اي يا وزير نه بڻايو آهي. مان پوري ملڪ ۾ هڪ گز زمين به حاصل نه ڪئي آهي. پوري ملڪ ۾ ان ڪردار جو هڪ به ماڻهو نه آهي. انهن زونن جي سنڌي ڳالهائڻ وارن ڪارڪنن کي مخاطب ڪندي فرمايو ته نئون صوبو صرف مهاجرن جو نه بلڪه سنڌين ۽ هتي رهندڙ سمورين زبانن ڳالهائڻ وارن جو هوندو . نام نهاد عناصر عوام کي ورگلائي نه ٿا سگهن. هاڻي وقت اچي رهيو آهي ته سڀئي محروم ماڻهو گڏجي ڪري پنهنجا حق حاصل ڪندا.جناب الطاف حسين فرمايو ته جيڪڏهن منهنجي طرفان پنهنجن ساٿين تي ظلم ۽ زيادتي جي تحقيقات جي لاءِ اقوام متحده کي خط لکڻ جي ڳالھ غلط آهي ته پوءِ ميان نواز شريف ۽ آصف علي زرداري جواب ڏين ته انهن بي نظير ڀٽو جي قتل جي تحقيقات جي لاءِ اقوام متحده ۽ اسڪاٽ لينڊ يارڊ جي ٽيم پاڪستان ڇو گهرائي هئي؟ انهن فرمايو ته اسان تي ڀلي پابندي لڳائي وڃي يا جيڪو به ڪريو پر اسان ڏاڍ ۽ ظلم جي هٿڪنڊن جي اڳيان پنهنجو سر نه جهڪائينداسين ۽ پرامن طريقي سان پنهنجي جدوجهد جاري رکنداسين.
*****

6/30/2024 5:45:19 AM