مان پنهنجي خطاب ۾ ڀارتي فوج يا ڀارتي حڪومت کان مهاجرن کي ظلم کان بچائڻ جو مطالبو بلڪل نه ڪيو آهي. قائد تحريڪ جناب الطاف حسين.
جيڪڏهن الزام لڳائڻ وارن منهنجي تقرير جا اهي جملا پيش ڪري ڇڏيا ته مان پنهنجو ڪنڌ وڍرائڻ جي لاءِ تيار آهيان. جناب الطاف حسين.
لنڊن: 4 آگسٽ 2015
متحده قومي موومينٽ جي قائد جناب الطاف حسين پنهنجي هڪ وضاحتي بيان ۾ چيو آهي ته مان ڊيلاس ۾ ٿيندڙ ايم ڪيو ايم جي 19 هين سالانه ڪنوينشن کي پنهنجي خطاب ۾ ڀارتي فوج يا ڀارتي حڪومت کان پاڪستان اچي ڪري مهاجرن کي ظلم کان بچائڻ جو مطالبو بلڪل ڪيو ئي نه آهي ۽ جيڪي ماڻهو اهي جملا مون سان منسوب ڪري رهيا آهن اهي حقيقتن کي ميٽي رهيا آهن. جناب الطاف حسين فرمايو ته جيڪي ماڻهو اهي جملا منهنجي تقرير سان منسوب ڪري رهيا آهن مان انهن کي چيلنج ڪريان ٿو ته جيڪڏهن مان پنهنجي تقرير ۾ اهي جملا چيا آهن ته ڀارتي فوج يا ڀارتي حڪومت پاڪستان اچي ڪري مهاجرن جي مدد ڪري ۽ انهن کي ظلم کان نجات ڏياري ته منهنجا مخالف دنيا جي ڪنهن به فورم تي منهنجي تقرير جا اهي جملا ٻڌائين، جيڪڏهن الزام لڳائڻ وارن منهنجي تقرير جا اهي جملا پيش ڪري ڇڏيا ته مان پنهنجو ڪنڌ وڍائڻ جي لاءِ تيار آهيان ۽ جيڪڏهن الزام لڳائڻ وارا منهنجا اهي جملا پيش نه ڪري سگهن ته اهي ڪنهن ڌُٻي ۾ ٻڏي مرن.
****