Altaf Hussain  English News  Urdu News  Sindhi News  Photo Gallery
International Media Inquiries
+44 20 3371 1290
+1 909 273 6068
[email protected]
 
 Events  Blogs  Fikri Nishist  Study Circle  Songs  Videos Gallery
 Manifesto 2013  Philosophy  Poetry  Online Units  Media Corner  RAIDS/ARRESTS
 About MQM  Social Media  Pakistan Maps  Education  Links  Poll
 Web TV  Feedback  KKF  Contact Us        

سمورا حق پرست نمائندا گڏيل طور تي اعلان ڪن ٿا ته جناب الطاف حسين ئي اسان جا قائد آهن. طاهر کوکر.


سمورا حق پرست نمائندا گڏيل طور تي اعلان ڪن ٿا ته جناب الطاف حسين ئي اسان جا قائد آهن. طاهر کوکر.
 Posted on: 8/3/2015 1
سمورا حق پرست نمائندا گڏيل طور تي اعلان ڪن ٿا ته جناب الطاف حسين ئي اسان جا قائد آهن. طاهر کوکر.
اسيمبلي ميمبرن سان گڏجي اسلام آباد ۾ پريس ڪانفرنس.
اسلام آباد: 3 آگسٽ 2015 
            آزاد ڪشمير قانون ساز اسيمبلي ۾ ايم ڪيو ايم جي پارليماني ليڊر طاهر کوکر چيو آهي آزاد ڪشمير ۽ پاڪستان جي اسيمبلين ۾ موجود سمورا حق پرست نمائندا گڏيل طور تي اهو اعلان ڪن ٿا ته جناب الطاف حسين ئي اسان جا قائد آهن، ڪالھ به اسان انهن سان گڏ هئاسين ۽ اڄ به گڏ آهيون ۽ آئنده به گڏ رهنداسين، اها اسيمبلين جي ميمبر شپ ڪهڙي شي آهي، اسان ته جناب الطاف حسين کان الڳ ٿيڻ جو تصور به نه ٿا ڪري سگهون.انهن خيالن جو اظهار انهن وزير اعظم آزاد ڪشمير جي طرفان 72 ڪلاڪن ۾ الطاف حسين کا الڳ ٿيڻ جو الٽيمٽم ڏيڻ جي بيان جي خلاف پريس ڪانفرنس ڪندي ڪيو، ان موقعي تي قومي اسيمبلي ميمبر عبدالوسيم ، محبوب عالم ۽ ٻيا به موجود هئا. طاهر کوکر چيو ته آزاد ڪشمير جا وزير اعظم اسيمبلي جي ميمبرن کي پنهنجو هاري سمجهن ٿا. جن کي اهي جڏهن چاهين نوڪري مان ڪڍي ڇڏين ٿا ، انهن چيو ته اسان کي جناب الطاف حسين جي ڪري ووٽ مليا آهن ۽ اسان انهن جي ڪري ئي اسيمبلين ۾ پهتا آهيون. انهن چيو ته جناب الطاف حسين اقوام متحده ۽ نيٽو کان ڪنهن به قسم جي مدد طلب نه ڪئي آهي ۽ نه ئي ڪنهن کي مداخلت جي درخواست ڪئي آهي. انهن چيو ته جناب الطاف حسين 5 ڪروڙ مهاجرن ۽ سڄي ملڪ جي مظلومن جا قائد آهن ۽ جناب الطاف حسين کان سواءِ ايم ڪيو ايم جي ڪائي به حيثيت نه آهي. الطاف حسين ئي حقيقت ۾ ايم ڪيو ايم آهن. انهن چيو ته جيڪڏهن آزاد ڪشمير جو وزير اعظم يا ٻيو ڪوئي به اهو سمجهي ٿو ته ان طرح جي ڌمڪين يا الٽيمٽم سان اسان جناب الطاف حسين کان الڳ ٿي وينداسين ته اها انهن جي ڀل آهي.انهن چيو ته وزير اعظم چوڌري عبدالمجيد کي گهرجي ته قائد تحريڪ جناب الطاف حسين جي خلاف قرارداد آڻڻ کان پهرين اهي پنهنجي قائد آصف علي زرداري  جي خلاف قرارداد اسيمبلي ۾ آڻين جن آرمي چيف جي باري ۾ جيڪو ڪجھ چيو اهو پوري دنيا جي سامهون آهي ۽ انهن کي گهرجي ته اهي وزير دفاع خواجه آصف جي خلاف به اسيمبلي ۾ قرارداد آڻين. 
*****

6/30/2024 5:44:03 AM