Altaf Hussain  English News  Urdu News  Sindhi News  Photo Gallery
International Media Inquiries
+44 20 3371 1290
+1 909 273 6068
[email protected]
 
 Events  Blogs  Fikri Nishist  Study Circle  Songs  Videos Gallery
 Manifesto 2013  Philosophy  Poetry  Online Units  Media Corner  RAIDS/ARRESTS
 About MQM  Social Media  Pakistan Maps  Education  Links  Poll
 Web TV  Feedback  KKF  Contact Us        

ڊيلاس ۾ ايم ڪيو ايم آمريڪا جي 19 هين سالانه ڪنوينشن جو ڪامياب انعقاد پنهنجي پڄاڻي تي پهتو.


ڊيلاس ۾ ايم ڪيو ايم آمريڪا جي 19 هين سالانه ڪنوينشن جو ڪامياب انعقاد پنهنجي پڄاڻي تي پهتو.
 Posted on: 8/3/2015 1
ڊيلاس ۾ ايم ڪيو ايم آمريڪا جي 19 هين سالانه ڪنوينشن جو ڪامياب انعقاد پنهنجي پڄاڻي تي پهتو.
حق گهرڻ ڪوئي ڏوھ نه آهي، اسان جو موقف حق ۽ سچ تي ٻڌل آهي ۽ اسان پنهنجي موقف تي پوري طاقت سان بيٺل آهيون. ايم ڪيو ايم رابطا ڪميٽي جو سينيئر ڊپٽي ڪنوينر نديم نصرت.
ڊيلاس : 3 آگسٽ 2015 
           ايم ڪيو ايم آمريڪا جي زير اهتمام“ نوان صوبا.....مضبوط پاڪستان ” جي عنوان سان ڊيلاس ۾ جاري ٽي روزه 19 هون سالانه ڪنوينشن پنهنجي ڪامياب انعقاد کان پوءِ پڄاڻي تي پهتو. ٽي روزه ڪنوينشن ۾ مختلف سيشن ٿيا جن ۾ ايم ڪيو ايم جي سينيئر ڊپٽي ڪنوينر نديم نصرت، رابطا ڪميٽي ميمبر واسع جليل ۽ اسيمبلي ميمبرن سميت آمريڪا جي 22 هن کان وڌيڪ شهرن مان ايندڙ ذميوارن، ڪارڪنن ۽ پاڪستانين وڏي تعداد ۾ شرڪت ڪئي. ان موقعي تي ايم ڪيو ايم آمريڪا جي تنظيم نو به ڪئي وئي. نديم نصرت نئين سينٽرل ڪميٽي جي نالن جو اعلان ڪيو. جن ۾ سينٽرل آرگنائيزر جنيد فهمي، جوائنٽ آرگنائيزر محمد ارشد حسين، جڏهن ته ميمبرن ۾ عامر قاضي، وڪيل احمد جمالي، وسيم زيدي، ثاقب محي الدين، توصيف خان، اسد صديقي، گل محمد، علي حسن، عارف صديقي، ڪامران حيدر، نسيم السحر۽ شميم صديقي شامل آهن.  ان موقعي تي نديم نصرت خطاب ڪندي چيو ته اسان جو موقف حق ۽ سچ تي ٻڌل آهي ، حق گهرڻ ڪوئي ڏوھ نه آهي ۽ اسان پنهنجي موقف تي پوري طاقت سان بيٺل آهيون ۽ ڪنهن به باطل قوت جي اڳيان پنهنجو سر نه جهڪائينداسين. ڪنوينشن جي آخر ۾ وزير داخلا چوڌري نثار، وزير اعلٰي پنجاب ميان شهباز شريف ۽ ٻين سياسي مخالفن جي طرفان سامهون ايندڙ مڪروھ بيانن، ايم ڪيو ايم جي لڳاتار ميڊيا ٽرائل، ڪجھ اينڪر پرسنن ۽ تجزيه نگارن جي متعصبانه رويي جي خلاف مذمتي قراردادون به منظور ڪيون ويون. جڏهن ته ڪنوينشن جي شرڪاء جي طرفان مضبوط پاڪستان، محروم قومن جي حقن ۽ وسيلن جي منصفانه ورهاست جي لاءِ نون صوبن جي متعلق قرارداد به گڏيل طور تي منظور ڪئي وئي. ان موقعي تي شرڪاء جناب الطاف حسين جي صحت و سلامتي، وڏي عمر ۽ سمورن حق پرست شهيدن  جي مغفرت جي لاءِ خصوصي دعائون به ڪيون.
*****

6/30/2024 5:47:57 AM