Altaf Hussain  English News  Urdu News  Sindhi News  Photo Gallery
International Media Inquiries
+44 20 3371 1290
+1 909 273 6068
[email protected]
 
 Events  Blogs  Fikri Nishist  Study Circle  Songs  Videos Gallery
 Manifesto 2013  Philosophy  Poetry  Online Units  Media Corner  RAIDS/ARRESTS
 About MQM  Social Media  Pakistan Maps  Education  Links  Poll
 Web TV  Feedback  KKF  Contact Us        

سينيئر مهاجر اڪابرن جي طرفان لنڊن ۽ ڪراچي ۾ ڪوائف نامه موڪلڻ جو سلسلو جاري آهي.


سينيئر مهاجر اڪابرن جي طرفان لنڊن ۽ ڪراچي ۾ ڪوائف نامه موڪلڻ جو سلسلو جاري آهي.
 Posted on: 8/3/2015 1
سينيئر مهاجر اڪابرن جي طرفان لنڊن ۽ ڪراچي ۾ ڪوائف نامه موڪلڻ جو سلسلو جاري آهي.
مهاجرن جي عزت واري زندگي ۽ ايندڙ نسلن جي محفوظ مستقبل جي لاءِ ڪنهن به قرباني ڏيڻ کان نه ڪيٻائينداسين. مهاجر اڪابرَ.
لنڊن؛ 3 آگسٽ 2015 
           زندگي جي مختلف شعبن سان تعلق رکڻ وارن سينيئر مهاجر اڪابرن جي طرفان سينيئر مهاجر ورلڊ ڪانگريس ۾ شموليت جي خواهش جو اظهار جاري آهي. ان سلسلي ۾ مهاجر اڪابر پنهنجا ڪوائف نامه ايم ڪيو ايم انٽرنيشنل سيڪريٽريٽ لنڊن ۽ نائن زيرو تي موڪلي رهيا آهن ۽ هن مهل تائين وڏي تعداد ۾ ڪوائف نامه ملي چڪا آهن. ڪوائف نامه موڪلڻ وارن ۾ رٽائر سرڪاري آفيسر، دانشور، ليکڪ، صحافي، مصنف، پروفيسر، قانون دان، ڊاڪٽر، انجنيئر ۽ واپارين سميت زندگي جي مختلف شعبن سان تعلق رکڻ وارا ماڻهو شامل آهن. مهاجر اڪابرن قائد تحريڪ جناب الطاف حسين جي طرفان سينيئر مهاجر ورلڊ ڪانگريس جي انعقاد جو خير مقدم ڪندي چيو ته تعليم يافته، تجربي ڪار ۽ قانون پسند مهاجر اڪابرَ پنهنجي قوم تي ڪيل ظلمن کان پوري دنيا کي آگاھ ڪرڻ جي لاءِ پنهنجيون سموريون صلاحيتون استعمال ۾ آڻيندا۽ مهاجرن جي عزت واري زندگي ، حقن جي حصول ۽ ايندڙ نسلن جي محفوظ مستقبل جي لاءِ ڪنهن به قرباني ڏيڻ کان نه ڪيٻائيندا. سينيئر مهاجرن چيو ته پاڪستان جي تعصب پرست اسٽيبلشمينٽ ۽ سياسي و مذهبي جماعتون مهاجرن جي اتحاد کي ٽڪڙا ٽڪڙا ڪرڻ جون سازشون ڪري رهيون آهن ۽ ان مقصد جي لاءِ مهاجرن جي چونڊيل نمائنده جماعت ايم ڪيو ايم ۽ قيادت جي خلاف زهريلو پروفيگنڊو ڪيو پيو وڃي. وقت جو تقاضا آهي ته بزرگ مهاجر اڪابر ميدان ۾ اچن ۽ مهاجرن جي خلاف مڪروھ سازشن کي ناڪام بڻائڻ جي لاءِ پنهنجو ڀرپور ڪردار ادا ڪن. 
*****

6/30/2024 5:46:38 AM