سينيٽر مشاهدالله سڀني کان پهرين پنهنجي گريبان ۾ جهاتي پائي ڏسن.رابطا ڪميٽي ميمبر اظهار احمد خان.
لنڊن: 3 آگسٽ 2015
متحده قومي موومينٽ جي رابطا ڪميٽي جي ميمبر اظهار احمد خان مسلم ليگ ن جي سينيٽر مشاهد الله خان جي بيان تي تبصرو ڪندي چيو آهي ته مسلم ليگي رهنما سڀني کان پهرين پنهنجي گريبان ۾ جهاتي پائي ڏسن. پنهنجي هڪ بيان ۾ انهن چيو ته جڏهن وزير اعظم نواز شريف جو پٽ حسن نواز مدد جي لاءِ ڀارتي وزير کي خط لکي رهيو هو ۽ پارليامينٽ ۾ خواجه آصف پاڪ فوج جي خلاف توهين واري زبان استعمال ڪري رهيا هئاته ان وقت مشاهد الله خان ڪٿي هئا. انهن وڌيڪ چيو ته قائد تحريڪ جناب الطاف حسين نه ته ڀارت کان مدد گهري آهي ۽ نه ئي نيٽو يا اقوام متحده جي فوج کي دعوت ڏني آهي بلڪه جناب الطاف حسين ته پنهنجي تقرير ۾ ڀارت کي بزدل ۽ بي غيرت قرار ڏنو آهي ۽ شايد اها ئي ڳالھ مشاهد الله خان کي بري لڳي آهي.
*****