Altaf Hussain  English News  Urdu News  Sindhi News  Photo Gallery
International Media Inquiries
+44 20 3371 1290
+1 909 273 6068
[email protected]
 
 Events  Blogs  Fikri Nishist  Study Circle  Songs  Videos Gallery
 Manifesto 2013  Philosophy  Poetry  Online Units  Media Corner  RAIDS/ARRESTS
 About MQM  Social Media  Pakistan Maps  Education  Links  Poll
 Web TV  Feedback  KKF  Contact Us        

سراج الحق صاحب کي ايم ڪيو ايم جي ڳڻتي ۾ پريشان ٿيڻ جي بلڪل به ضرورت نه آهي. رابطا ڪميٽي ميمبر قاسم علي رضا.


سراج الحق صاحب کي ايم ڪيو ايم جي ڳڻتي ۾ پريشان ٿيڻ جي بلڪل به ضرورت نه آهي. رابطا ڪميٽي ميمبر قاسم علي رضا.
 Posted on: 8/3/2015 1
سراج الحق صاحب کي ايم ڪيو ايم جي ڳڻتي ۾ پريشان ٿيڻ جي بلڪل به ضرورت نه آهي. رابطا ڪميٽي ميمبر قاسم علي رضا.
لنڊن: 3 آگسٽ 2015 
           متحده قومي موومينٽ جي رابطا ڪميٽي جي ميمبر قاسم علي رضا جماعت اسلامي جي امير سراج الحق جي بيان تي تبصرو ڪندي چيو آهي ته سراج الحق صاحب کي ايم ڪيو ايم جي ڳڻتي ۾ پريشان ٿيڻ جي ضرورت نه آهي ۽ ايم ڪيو ايم جناب الطاف حسين جي قيادت ۾ اڄ به متحد ۽ منظم آهي. پنهنجي هڪ بيان ۾ قاسم علي رضا چيو ته سراج الحق کي ايم ڪيو ايم جي باري ۾ پريشان ٿيڻ کان پهرين القائده ۽ طالبان دهشت گردن سان جماعت اسلامي جي پراڻڻ تعلقات جي وضاحت ڪرڻ گهرجي. پاڪستان جو ٻچو ٻچو ان حقيقت کان واقف آهي ته القائده ۽ طالبان جا نامي گرامي دهشت گرد جماعت اسلامي جي رهنمائن جي گهرن کان گرفتار ٿيا آهن ۽ حال ئي ۾ سانحه صفورا ۾ بي گناھ اسماعيلين جي قتلن ۾ به جماعت اسلامي جا دهشت گرد ملوث آهن. هجڻ ته اهو گهرجي ها ته دهشت گردي ڪرڻ ۽ دهشت گردن کي پناھ ڏيڻ جي ڏوھ ۾ جماعت اسلامي تي پابندي هنئي وڃي ها، پر سڀني ثبوتن جي باوجود نه ته جماعت اسلامي جي مرڪز تي ڇاپو هنيو ويو ۽ نه ئي انهن جي رهنمائن کي گرفتار ڪيو ويو آهي. جيڪو ان ڳالھ جو ثبوت آهي ته دهشت گردن کي ڪڇلڻ جي آڙ ۾ صرف ايم ڪيو ايم کي ئي چٿيو پيو وڃي. قاسم علي رضا چيو ته ايم ڪيو ايم جناب الطاف حسين جي قيادت ۾ اڄ به متحد ۽ منظم آهي ۽ حق پرستي جي جدوجهد ۾ آئيني، قانوني ۽ اسلامي اصولن جي مطابق هر قسم جي حالتن جو مردانگي سان مقابلو ڪرڻ جي لاءِ تيار به آهي.
*****

6/30/2024 5:45:54 AM