Altaf Hussain  English News  Urdu News  Sindhi News  Photo Gallery
International Media Inquiries
+44 20 3371 1290
+1 909 273 6068
[email protected]
 
 Events  Blogs  Fikri Nishist  Study Circle  Songs  Videos Gallery
 Manifesto 2013  Philosophy  Poetry  Online Units  Media Corner  RAIDS/ARRESTS
 About MQM  Social Media  Pakistan Maps  Education  Links  Poll
 Web TV  Feedback  KKF  Contact Us        

پرويز رشيد جهڙا ماڻهو پاڪستان جي زمين تي بار آهن. رابطا ڪميٽي ميمبر مصطفٰي عزيز آبادي.


پرويز رشيد جهڙا ماڻهو پاڪستان جي زمين تي بار آهن.  رابطا ڪميٽي ميمبر مصطفٰي عزيز آبادي.
 Posted on: 8/3/2015 1
پرويز رشيد جهڙا ماڻهو پاڪستان جي زمين تي بار آهن.  رابطا ڪميٽي ميمبر مصطفٰي عزيز آبادي.
لنڊن: 3 آگسٽ 2015 
           متحده قومي موومينٽ جي رابطا ڪميٽي جي ميمبر مصطفٰي عزيز آبادي قائد تحريڪ جناب الطاف حسين جي باري ۾ وفاقي وزير اطلاعات پرويز رشيد جي بيان کي بلڪل بيهوده ۽ ڪوڙو قرار ڏيندي چيو آهي ته پرويز رشيد جهڙا ماڻهو پاڪستان جي زمين تي بار آهن، جيڪي ايم ڪيو ايم جي بي گناھ ڪارڪنن جي ماورائي عدالت قتلن ۽ مظلوم مهاجرن تي ڪيل ظلمن تي ته خاموشي اختيار ڪن ٿا پر جڏهن ايم ڪيو ايم انهن ظلمن تي احتجاج جي آواز بلند ڪري ٿي ته پرويز رشيد جهڙا ماڻهو هميشه ظالمن جي حمايت ۾ نڪري اچن ٿا. مصطفٰي عزيز آبادي چيو ته پرويز رشيد ۾ جيڪڏهن ذري برابر به اخلاقي جرت آهي ته اهي قائد تحريڪ جناب الطاف حسين تي تنقيد ڪرڻ جي بجاءِ ڪراچي ۾ ايم ڪيو ايم جي ڪارڪنن جي ماورائي عدالت قتلن، انهن جي بغير ڪنهن جواز جي گرفتارين ۽ انهن کي لاپتا ڪرڻ جي واقعن جو نوٽس وٺن ۽ انهن ۾ ملوث پوليس ۽ رينجر جي اهلڪارن جي خلاف ڪاروائي ڪرائين، پر ظلمن جي خلاف آواز اٿارڻ تي پرويز رشيد قائد تحريڪ جناب الطاف حسين جي باري ۾ پنهنجن تعصب وارن خيالن جو اظهار ڪري ثابت ڪري ڇڏيو آهي ته اهي پاڻ ظالمن جي لائين ۾ شامل آهن. 
*****

6/30/2024 5:45:19 AM