Altaf Hussain  English News  Urdu News  Sindhi News  Photo Gallery
International Media Inquiries
+44 20 3371 1290
+1 909 273 6068
[email protected]
 
 Events  Blogs  Fikri Nishist  Study Circle  Songs  Videos Gallery
 Manifesto 2013  Philosophy  Poetry  Online Units  Media Corner  RAIDS/ARRESTS
 About MQM  Social Media  Pakistan Maps  Education  Links  Poll
 Web TV  Feedback  KKF  Contact Us        

مهاجرن جي سياسي ، معاشي ۽ جسماني قتل عام ۾ شريف برادران به برابر جا شريڪ آهن. ايم ڪيو ايم رابطا ڪميٽي.


مهاجرن جي سياسي ، معاشي ۽ جسماني قتل عام ۾ شريف برادران به برابر جا شريڪ آهن. ايم ڪيو ايم رابطا ڪميٽي.
 Posted on: 8/2/2015 1
مهاجرن جي سياسي ، معاشي ۽ جسماني قتل عام ۾ شريف برادران به برابر جا شريڪ آهن. ايم ڪيو ايم رابطا ڪميٽي.
وزير اعلٰي پنجاب ميان شهباز شريف ۽ وزير داخلا بلوچستان سرفراز بگٽي جي بيان تي رابطا ڪميٽي جي طرفان مذمت جو اظهار.
ڪراچي: 2 آگسٽ 2015 
              متحده قومي موومينٽ جي رابطا ڪميٽي چيو آهي ته ڪراچي آپريشن جي آڙ ۾ محب وطن مهاجرن جي سياسي ، معاشي ۽ جسماني قتل عام ۾ شريف براداران به برابر جا شريڪ آهن ۽ انشاء الله تعالٰي جلدئي ظالمن کي عبرتناڪ انجام جو سامنو ڪرڻو پوندو. پنهنجي هڪ بيان ۾ رابطا ڪميٽي وزير اعلٰي پنجاب ميان شهباز شريف ۽ وزير داخلا بلوچستان سرفراز بگٽي جي بيانن جي سخت مذمت ڪندي چيو ته قائد تحريڪ جناب الطاف حسين سچائي بيان ڪري پنج ڪروڙ مهاجرن جي دلين جي ترجماني ڪئي آهي. عالمي ميڊيا ۽ انساني حقن جي ڪميشن جي رپورٽ مان به ثابت ٿي ويو آهي ته ڪراچي آپريشن جي آڙ ۾ صرف ايم ڪيو ايم کي ئي نشانو بڻايو پيو وڃي ۽ مهاجرن جا حق ڇنيا پيا وڃن پر ميان شهباز شريف ۽ سرفراز بگٽي کي ان ظلم تي هڪ لفظ به ڳالھائڻ جي توفيق نه ٿي آهي. رابطا ڪميٽي چيو ته ميان شهباز شريف جواب ڏين ته وزير اعظم ميان نواز شريف ۽ چوڌري نثار جي بار بار خاطرين جي باوجود ڪراچي آپريشن جي لاءِ اڄ تائين مانيٽرنگ ڪميٽي ڇو نه بڻائي وئي ؟ ۽ ميان شهباز شريف خواجه آصف جي طرفان فوج جي خلاف ڏنل توهين واري بيان تي ڇو خاموش رهيا؟ رابطا ڪميٽي وڌيڪ چيو ته عدالت جي طرفان قمر منصور کي طبي معائني جي لاءِ اسپتال موڪلڻ جو حڪم ڏيڻ جي باوجود به انهن کي علاج جي سهولت فراهم نه ڪرڻ توهين عدالت نه آهي ته ٻيو ڇا آهي ۽ ان تي شهباز شريف جي زبان کي تالو ڇو لڳل آهي؟
*****

6/30/2024 5:44:43 AM