Altaf Hussain  English News  Urdu News  Sindhi News  Photo Gallery
International Media Inquiries
+44 20 3371 1290
+1 909 273 6068
[email protected]
 
 Events  Blogs  Fikri Nishist  Study Circle  Songs  Videos Gallery
 Manifesto 2013  Philosophy  Poetry  Online Units  Media Corner  RAIDS/ARRESTS
 About MQM  Social Media  Pakistan Maps  Education  Links  Poll
 Web TV  Feedback  KKF  Contact Us        

ڪفر جي حڪومت ته قائم رهي سگهي ٿي پر ظلم جي حڪومت ڪڏهن به قائم رهي نه ٿي سگهي. قائد تحريڪ جناب الطاف حسين.


ڪفر جي حڪومت ته قائم رهي سگهي ٿي پر ظلم جي حڪومت ڪڏهن به قائم رهي نه ٿي سگهي. قائد تحريڪ جناب الطاف حسين.
 Posted on: 8/2/2015 1
ڪفر جي حڪومت ته قائم رهي سگهي ٿي پر ظلم جي حڪومت ڪڏهن به قائم رهي نه ٿي سگهي. قائد تحريڪ جناب الطاف حسين.
نائن زيرو تي رابطا ڪميٽي ۽ شعبن جي ميمبرن سان ڳالھ ٻولھ.
لنڊن: 2 آگسٽ 2015 
           متحده قومي موومينٽ جي قائد جناب الطاف حسين فرمايو آهي ته ڪفر جي حڪومت ته قائم رهي سگهي ٿي پر ظلم جي حڪومت قائم رهي نه ٿي سگهي. انهن خيالن جو اظهار انهن نائن زيرو تي رابطا ڪميٽي ۽ شعبن جي ميمبرن سان ڳالھ ٻولھ ڪندي ڪيو.جناب الطاف حسين فرمايو ته 21 هين صدي ۾ جڏهن ته پوري دنيا گلوبل وليج ۾ تبديل ٿي چڪي آهي ۽ انٽرنيٽ جي ذريعي سڄي دنيا ۾ هڪ ڪنڊ کان ٻئي ڪنڊ تائين سيڪنڊن ۾ خبر ڦيلجي وڃي ٿي. انهن حالتن ۾ حقيقتن کي دنيا کان لڪائي نه ٿو سگهجي ۽ اڄ عالمي  ميڊيا به ايم ڪيو ايم جي موقف جي تائيد ڪري رهيو آهي ته ڪراچي ۾ ڏوهاري ماڻهن کي ڇتڻ جي آڙ ۾ صرف ايم ڪيو ايم جهڙي لبرل ۽ روشن خيال جماعت کي ئي نشانو بڻايو پيو وڃي. انهن فرمايو ته پاڪستان ۾ مهاجرن جي آئيني ، قانوني ۽ انساني حقن کي بري طرح سان پامال ڪيو پيو وڃي ۽ اسان انهن ظلمن جي خلاف جمهوري انداز ۾ آواز بلند ڪري رهيا آهيون، اسان وٽ ايم ڪيو ايم جي رهنمائن، ذميوارن ۽ ڪارڪنن تي ڪيل هڪ هڪ ظلم جا ثبوت ۽ شاهديون موجود آهن. جڏهن به غير ملڪي عدالت ۾ مقدمو هلايو ويو ته اهي سمورا ثبوت ۽ شاهديون پيش ڪنداسين. انهن فرمايو ته اسان جو ايمان آهي ته ڪفر جي حڪومت تي قائم رهي سگهي ٿي  پر ظلم جي حڪومت ڪڏهن به قائم رهي نه ٿي سگهي. جناب الطاف حسين حق پرست عوام کي چيو ته اهي پنهنجين صفن ۾ اتحاد برقرار رکن ۽ مهاجرن تي ڪيل ظلمن جي خلاف پرامن جدوجهد جاري رکن. جناب الطاف حسين مشڪل ۽ ڏکين حالتن ۾  همت و جرت سان ثابت قدمي جو مظاهرو ڪرڻ تي ايم ڪيو ايم جي سمورن ڪارڪنن کي زبردست خراج تحسين به پيش ڪيو. 
*****

6/30/2024 5:48:22 AM