Altaf Hussain  English News  Urdu News  Sindhi News  Photo Gallery
International Media Inquiries
+44 20 3371 1290
+1 909 273 6068
[email protected]
 
 Events  Blogs  Fikri Nishist  Study Circle  Songs  Videos Gallery
 Manifesto 2013  Philosophy  Poetry  Online Units  Media Corner  RAIDS/ARRESTS
 About MQM  Social Media  Pakistan Maps  Education  Links  Poll
 Web TV  Feedback  KKF  Contact Us        

حق گهرڻ ڪوئي ڏوھ نه آهي ۽ آزادي ۽ عزت سان جيئڻ ڪو ڏوھ نه آهي بلڪه اهو انسان جو بنيادي حق آهي.نديم نصرت.


حق گهرڻ ڪوئي ڏوھ نه آهي ۽ آزادي ۽ عزت سان جيئڻ ڪو ڏوھ نه آهي بلڪه اهو انسان جو بنيادي حق آهي.نديم نصرت.
 Posted on: 8/2/2015 1
حق گهرڻ ڪوئي ڏوھ نه آهي ۽ آزادي ۽ عزت سان جيئڻ ڪو ڏوھ نه آهي بلڪه اهو انسان جو بنيادي حق آهي.نديم نصرت.
وڌيڪ صوبا پاڪستان جو مقدر آهن ۽ ڏکيائين جو مقابلو ڪرڻ ۽ جدوجهد ۾ تيزي آڻڻ جي سخت ضرورت آهي. واسع جليل.
ڊيلاس ۾ ايم ڪيو ايم آمريڪا جي 19 هين ڪنوينشن کي خطاب.
آمريڪا؛ ڊيلاس: 2 آگسٽ 2015 
              ايم ڪيو ايم رابطا ڪميٽي جي سينيئر ڊپٽي ڪنوينر نديم نصرت چيو آهي ته انسان اشرف المخلوقات آهي ۽ آزادي ۽ عزت سان جيئڻ ڪو ڏوھ نه آهي بلڪه اهو انسان جو بنيادي حق آهي. انهن خيالن جو اظهار انهن آمريڪا جي شهر ڊيلاس ۾ ايم ڪيو ايم آمريڪا جي 19 هين سالانه ڪنوينشن کي خطاب ڪندي ڪيو. ان موقعي تي رابطا ڪميٽي ميمبر واسع جليل، سينيٽر ۽ اسيمبلي ميمبر خوش بخت شجاعت، بابر غوري، ارم فاروقي ۽ ٻيا به موجود هئا. نديم نصرت چيو ته 1947 ۾ هندستان  ۾ مسلمانن جي آبادي جو تناسب صرف 14 سيڪڙو هو پر پنهنجن حقن ۽ عزت جي خاطر 80 سيڪڙو کان وڌيڪ آبادي رکڻ وارن هندن کان اسان پنهنجو حق ڇني ڪري پاڪستان حاصل ڪيو ۽ اسان انهن ئي پاڪستان ٺاهيندڙ ابن ڏاڏن جون اولاد آهيون ۽ اسان پاڪستان جي جاگرافيائي حدن ۾ رهي ڪري پنهنجو جائز حق چاهيون ٿا ۽ اهو حق گهرڻ ڪوئي ڏوھ نه آهي بلڪه انسان جو  بنيادي حق آهي ۽ جيڪو اهو حق نه ٿو ڏيئي ۽ ان رستي ۾ رڪاوٽون بيهاري ٿو اهو الله سائين ۽ انسانيت جو باغي ۽ داغدار آهي. ان موقعي تي رابطا ڪميٽي ميمبر واسع جليل چيو ته وڌيڪ صوبا پاڪستان جو مقدر آهن پر ان جي لاءِ سمورين مشڪلاتن ۽ رڪاوٽن جو مقابلو ڪرڻ جي لاءِ جدوجهد ۾ تيزي آڻڻ جي سخت ضرورت آهي. ان موقعي تي خوش بخت شجاعت، بابر غوري، آمريڪا جي سينٽرل آرگنائيزر جنيد فهمي، ارم فاروقي، آمريڪا جي جوائنٽ آرگنائيزر ارشد حسين ۽ ٻين به خطاب ڪيو.
*****

6/30/2024 5:47:37 AM